ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٽي-20 ورلڊ ڪپ لاءِ هاردڪ پانڊيا جهڙي فنيشر جي ضرورت آهي. هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي ڪپتان چيو هو ته قومي اسڪواڊ ۾ خوشدل شاهه، آصف علي، محمد نواز ۽ شاداب خان جهڙا ڪرڪيٽر موجود آهن پر انهن مان ڪو به هاردڪ پانڊيا جهڙو ناهي، جهڙي ريت هو ڀارت لاءِ پرفارم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته قومي ٽيم وٽ ميچ فنيشر ناهي، اسان سمجهون ٿا ته خوشدل ۽ آصف علي ۾ اها صلاحيت آهي پر هو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close