رانديون

فاسٽ بالر نسيم شاهه جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، اسپتال منتقل

لاهور: پاڪستان قومي ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه جو لاهور جي مقامي اسپتال ۾ ڊينگي جو ٽيسٽ ڪرايو ويو آهي. ذريعن موجب نسيم شاهه کي چيسٽ انفڪشن سبب تيز بخار ٿي پيو ۽ تيز بخار سبب کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان نسيم شاهه جي صحت جي حالت يا سندس اسپتال منتقلي بابت ڪا به باضابطه ڄاڻ نه ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button