رانديون

مخمور ڏاهاڻي به ڀا شاهنواز ڏاهاڻي وانگر بالنگ ۾ پاڻ مڃرائي ورتو

ڪراچي: پاڪستاني فاسٽ بالر شاهنواز ڏاھاڻي جو ڀاءُ مخمور علي ڏاھاڻي به بالنگ ۾ پنھنجي ڀاءُ کان گھٽ نه نڪتو. مخمور علي ڏاهاڻي ڪراچي ۾ پريڪٽس سيشن دوران انگلينڊ خلاف بالنگ ۾ حصو ورتو. مخمور علي ڏاھاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون انگلينڊ خلاف بالنگ ڪئي جنهن تي سندن ڪوچ منهنجي بالنگ صلاحيتن کي ساراهيو.

مخمور علي ڏاھاڻي چيو ته مان جڏهن انگلينڊ جي بين ڊڪٽ کي بالنگ ڪئي ته هن چيو ته بال سوئنگ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته عادل رشيد چيو ته تون گهڻو اڳتي ويندين، محنت ڪندا رهو. هن وڌيڪ چيو ته نسيم شاهه، افتخار احمد ۽ حارث رئوف به بالنگ ڪئي، حارث رئوف مون کي تمام گهڻو اعتماد ڏنو ۽ ڪوچ شان ٽيٽ به منهنجي جذبي ۽ صلاحيتن جي ساراهه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button