
پاڪستان جي فرسٽ ڪلاس ڊوميسٽڪ سيزن جي ٽورنامينٽ قائداعظم ٽرافي جو ٻيو رائونڊ سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي. ميڊيا مطابق ايونٽ جي پهرين رائونڊ ۾ بيٽرن 7 سينچريون ۽ 17 ففٽيز ٺاهيون. جڏهن تھ سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ رائونڊ ۾ عبدالله شفيق، مبشر ۽ فسيح انتهائي اهم آهن، جن گذريل رائونڊ ۾ سينچريون هنيون.