
ايشيا ڪپ ويمن ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪاميابي سان شروعات ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ويمن ٽيم 9 وڪيٽن تان ملائشيا کي شڪست ڏئي پهرين ميچ کٽي ورتي آهي. ملائشيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 57 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ايلسا هنٽر 29 رنسن سان نمايان رهي. جڏهن تھ 5 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿيون. هوڏانهن پاڪستان ويمن ٽيم هڪ وڪيٽ تي 9 اوور ۾ ئي 61 رنسن سان هدف پورو ڪري ورتو، جنهن ۾ سدرا امين جو 31 رنسون بھ شامل آهن. جڏهن تھ عميما سهيل 3 وڪيٽون ورتيون آهن.