
جاپان جي عالمي شهرت يافتا ٽينس اسٽار يوشي هيٽو نشوئيڪا ڪورين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽرافي کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڪورين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز جي فائنل ۾ ڪينيڊا جي ڊينس شيپوويلوف کي شڪست آئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ يوشي هيٽو نشوئيڪا جي جارحاڻي راند جي آڏو ڪينيڊا جو رانديگر ڊينس شيپوويلوف بيوس نظر آيو ۽ يوشي هيٽو آساني سان ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.