ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سلام آھي توھان جي حوصلي کي!!

Editorial-Article- Irshad Leghari

سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو، جنھن ملڪ جي آئين ۾ موجود شھرين جا بنيادي حق فقط سکڻي لکت کان سواءِ اڃان تائين ٻي ڪابھ حيثيت نٿا رکن. اھو ان ڪري جو اوھان جا حق مانوارن حڪمرانن جي مفادن جي نفي ڪن ٿا. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن جي انصاف گھرن توڙي ملڪي تحفط جي دعويدار ادارن جا سونھارا سربراھه رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي پگھر جي پورھئي مان ٻاھرين سڻڀن ملڪن ۾ اڳواٽ تيار ڪري رکيل ڪروڙن اربن جي ماليت وارين محلاتن ڏانھن پرواز ڪرڻ کان پوءِ ھڪ ڏينھن بھ ان ملڪ ڏانھن مُڙي ڏسڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا، جنھن ملڪ لاءِ نوڪري دوران اھي مرڻ جيئڻ جون ڳالھيون ڪندا رھن ٿا. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ۾ ڪنھن وبا جي صورت ۾ ڏھن روپين وارو سادو ماسڪ پنجاھه روپين ۾ وڪامي ٿو ۽ سينيٽائزر غائب ٿي وڃن ٿا. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ۾ اڄڪلھه پيناڊول جي گوري بھ ان ڪري لڪائي وئي آھي، جو ٻوڏ سٽيل مسڪين عوام ۾ عام ٿيل بخار ۽ لڱن جي سُور جي صورت ۾ اھا واحد گوري ئي خريد ڪرڻ وس ۾ آھي. سلام آھي اوھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو، جنھن ۾ خوراڪ جي ھر جنس ۾ ايتري تھ ملاوت آھي جو ھڪ رپورٽ موجب ھن ملڪ جي اسي سيڪڙو آبادي انھن ملاوتي خوراڪ سبب ھاڻ خطرناڪ بيمارين جي منھن ۾ آھي. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جتي ٻيو تھ ٺھيو پر ماڻھن کي پيئڻ جو صاف پاڻي بھ ميسر ناھي. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو، جنھن جي مانوارين سڳورين عدالتن پاران ڪالهھ ڪارا چور ڄاڻايل اڄ جا حلال حڪمرانن آھن ۽ ڪالهھ جي امينن توڙي صادقن بابت اڄڪلھه اھي خبرون گردش ۾ آھن تھ سندن آڊيو ليڪس تھ ڪابھ حيثيت نٿيون رکن، اصل رنگ تھ انھن امينن ۽ صادقن جي انھن وڊيوز ۾ آھن، جن وڊيوز بابت چون ٿا تھ اھي جيڪڏھن عام ٿي پون تھ ھڪ اشراف ماڻھو لاءِ اکين تي ھٿ رکڻ کان سواءِ ٻي ڪابھ واھه ڪانھ بچندي.
سلام آھي اوھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو، جنھن جي پاسپورٽ جي دنيا ۾ اھا عزت آھي جو ڪير اوھان کي ان پاسپورٽ تي پنھنجي ملڪ ۾ داخلا ڏيڻ تي سئووار سوچي ٿو. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ جي سرڪاري آفيسن ۾ ھڪ پنو بھ رشوت کان سواءِ ھڪ ٽيبل تان ٻي ٽيبل تائين نٿو رڙھي سگھي. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ جي پوليس مافيائن جي مائٽ ۽ ھر شريف شھري جي ويري بڻيل آھي. سلام آھي اوھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ ۾ ستايل عورتن جي تحفظ جي نالي تي جوڙيل “بيت الامان!!” جي انتظاميا پاران پناھه لاءِ اتي موجود لاچار عورتن جو ڪاروبار ٿئي ٿو. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ جي اقليتن جون نياڻيون زبردستي کڻي، سندن دين مٽائي ٻانھيون بڻايون وڃن ٿيون ۽ اھو سمورو ڌنڌو اھڙن پيِرن پيشوائن جي حويلين ۾ ٿئي ٿو جيڪي ملڪي تحفظ جي دعويدار ادارن جا خاص دادلا آھن. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ جا وطن دوست، جمھوريت دوست ۽ انسان دوست آدرشي انسان سوريءَ سزوار بڻايا وڃن ٿا، سرِراھه قتل ڪيا وڃن ٿا. جڏھن تھ آمرن جو نااھل ۽ عياش اولاد محفوظ رھي ٿو. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ جي درياھن ۽ سمنڊ ۾ سڄي ملڪ جو گند بنا ڪنھن ھٻڪ جي وھائي ماحول کي گندو ڪري، پاڻي ۾ رھندڙ معصوم جيوت جو قتلام ڪيو وڃي ٿو.
سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جتي مئل جانورن جي گوشت جو وڪرو عام آھي. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ جي شاگردن کي بنيادي تعليم ۾ اڄ ڏينھن تائين ملڪي توڙي عالمي تاريخ درست حوالن ۽ ايمانداري سان ڪڏھن بھ نھ پڙھائي وئي آھي. سلام آھي توھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ جا رھواسي آھيو جنھن ملڪ جي باني کي آخر ۾ ھٿ وٺي ھڪ کريل ايمبولينس ۾ اڌ رستي تي ساھه ڏيڻ لاءِ ننڌڻڪو ڇڏيو ويو. ۽ اھڙي ريت ٻيو ڇا …..ڇا …ڇا؟ الائي ڇا ….ڇا….ڇا!!؟
ڇاڪاڻ تھ ھن پياري ۽ سڳوري ملڪ جي “خوبين” جي فھرست ايتري تھ ڊگھي آھي جو انھن سمورين خوبين کي بيان ڪرڻ جيتري سگھه نھ تھ پنھنجن ھٿن ۾ آھي، نھ اجازت آھي ۽ نھ ھڪ اخباري مضمون جي جاءِ ۾ ايتري گنجائش ئي آھي. تنھن ڪري ھاڻ اھو توھان تي ڇڏيل آھي تھ اوھين پنھنجي عقل ۽ فھم سان اھي سموريون خوبيون پاڻ ياد ڪريو، جيڪي مٿي ڏنل خوبين جھڙيون يا ڪن حالتن ۾ انھن کان وڌيڪ “عاليشان” ٿي سگھن ٿيون. ڇو تھ ھن ملڪ جو ماضي توڙي حال اھڙين خوبين سان مالا مال آھي. باقي رھيو مستقبل جو سوال، سو اھڙين خوبين سان سرشار ڪنھن بھ ملڪ جو مستقبل ڪھڙو ٿي سگھي ٿو، سا مام سمجھڻ لاءِ ڪنھن بھ عربي فارسي سمجھڻ جي ڪا ضرورت ناھي. اڙي نھ نھ معاف ڪجو، ايئن ناھي جو ھاڻ سنڌ اندر سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ نوڪرين لاءِ نادرا جي ڇپيل ھڪ تازي اشتھار جو اھڙو چرچو عام آھي، جنھن ۾ چون ٿا تھ شرط ئي اھو رکيو ويو آھي تھ فارسي يا پشتو وغيره جھڙيون ٻوليون ڳالھائي سگھڻ وارا ئي درخواست ڏيئي سگھن ٿا!! ڇا تھ نصيب آھن اوھان جا!؟
بس تاريخ جو مڙھيل ھڪ الميو آھي، جنھن کي ڪروڙين عوام ڀوڳي رھيا آھن. ۽ ان ۾ مظلوم قومن جو تھ معاملو ئي الڳ آھي. ڇاڪاڻ تھ مظلوم قومن جو ڪوبھ روشن خيال، ترقي پسند، جمھوريت پسند ۽ وطن دوست فرد ھن ملڪ اندر غدارن جي فھرست ۾ شمار ٿيندو رھيو آھي. اھڙن غدارن جي ھونئن تھ تمام گھڻي ڊگھي فھرست آھي پر پوءِ بھ ھتي ڪجھه نالا حوالي طور ڏيون ٿا تھ جيئن توھان کي اھو اندازو ٿي سگھي تھ ھتي رياست وٽ قبوليت جو ڪھڙو معيار آھي.
ملڪي غدارن ۾ توھان کي سائين جي ايم سيد، خان عبدالغفار خان، خيربخش خان مري، اڪبر بگٽي، مير غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي ۽ اھڙي فڪري قبيلي جا ٻيا ڪيئي ڪردار ملي سگھن ٿا، جن جي پوري دنيا اندر عالمي آدرشي ڪُڙم ۾ تھ سلامي آھي پر اھي ھن ملڪ اندر ھڪ ڏينھن بھ رياست جي رکوالن لاءِ ان ڪري قابلِ اعتبار نھ رھيا جو انھن قانون ۽ انصاف جي ڳالھه ٿي ڪئي، انھن ڳالهھ ٿي ڪئي قومن جي بنيادي تاريخي انساني حقن جي، انھن ڳالھه ٿي ڪئي پھاڙن ۽ پوٺن جي پِريت جي، انھن ڳالهھ ٿي ڪئي آزاد ھوائن ۾ ساھه کڻڻ جي، انھن ڳالھه پئي ڪئي حقيقي جمھوري دستُور جي، انھن ڳالهھ پئي ڪئي وسيلن جي ھڪجھڙي ورڇ جي، انھن ڳالهھ پئي ڪئي تعليم ۾ طبقاتي فرق جي خاتمي جي، انھن ڳالهھ پئي ڪئي لوئي ۽ لڄ جي. سو اھي ڪيئن ٿي قابل اعتبار ٿي سگھيا؟ ھتي ته اعتبار جوڳا ھئا آمر ايوب خان، آمر يحيٰ خان، آمر ضياءَ الحق يا آمر جنرل پرويز مشرف!!
سو سائين منھنجا! سلام آھي اوھان جي حوصلي کي جو اوھين ھڪ اھڙي ملڪ ۾ رھو ٿا جنھن ملڪ جا رکوال توھان کي ڪڏھن بھ پسند نھ ڪندا جيڪڏھن توھين قانون، انصاف ۽ آئين جي حڪمراني چاھيو ٿا. سو ٻيلي مھرباني ڪري قانون، آئين ۽ انصاف جي پاسداري کان پاسو ڪريو ۽ ايئن ئي جاڙ جيئندا رھيو، جيئن مُني صدي کان جيئندا پيا اچو. ڪوبھ سوال نھ اٿاريو، خاموشي کي پنھنجو شيوو بڻايو، گونگن ٻوڙن جيان ڏوھاري ۽ بدعنوان سرمائيدارن ۽ جاگيردان کي ووٽ ڏيندا رھو. مليريا ۾ مري وڃو پر اھو نھ پڇو تھ پئناڊال ڪنھن لڪائي آھي. ٻوڏ ۾ٻڏي وڃو پر اھو سوال نھ اٿاريو تھ فلاڻو بند ھٿ وٺي ڪنھن ٽوڙايو يا فلاڻي بند کي بندوق جي زور تي ڪنھن ان ڪري ڪٽ نھ ڏيڻ نھ ڏنو جو ان پاسي “اصل صاحبن” جون ٻنيون ۽ فارم ھائوس ھئا. بس ٻڏندا رھو، ڪڙھندا رھو، ڳرندا رھو، نسل در نسل رُلندا رھو پر ڪنڌ مٿي نھ کڻو. جو ھن ملڪ ۾ ڪنڌ مٿي ڪري اکيون کولي ڏسڻ تي مُنڍئون پابندي آھي. اکين تي کوپا چاڙھي ھلو، جو اھو عمل ملڪ سان وفاداري جو بنيادي شرط آھي. گونگا ٿي ھلو اوستائين جيستائين توھان کي ڪنھن خاص نعري ھڻڻ جو حڪم نٿو ملي. متان ڀلجي ڪڏھن پنھنجي ڌرتي سان پيار جو اظھار ڪرڻ لاءِ ڪو نعرو ھنيو اٿَوَ!! نھ ايئن ڪڏھن بھ نھ ڪجو. جيئن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ھي نعرو ھنيو ھو..
جيئي سنڌ….جيئي سنڌ
جامِ مُحبت پيئي سنڌ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button