ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

مون اقوام متحده جي ھاڻوڪي سربراهه انتونيو گتريس جو گذريل مهيني پنهنجن پڙهندڙن سان تعارف ڪرائيندي لکيو هو ته پورچوگال جي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هن شخص سامراجي رنڊڪن کي لتاڙي عالمي سطح جو ھي نھايت اھم عھدو حاصل ڪرڻ ۾ سوڀ ماڻي ورتي آهي. ٻه ھفتا اڳ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي بربادي کي اکين سان ڏسڻ لاءِ سڀ ڪم ڇڏي ھو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيو. مختلف علائقن ۾ وڃي تباهه حال ماڻهن جا درد ڀريا قصا ۽ حقيقت بابت ڄاڻ وٺي يونيسيف جا جھاز امدادي سامان سان ڀرائي پاڪستان جي اختيارن حوالي ڪيائين. گتريس خميس ڏينهن ھڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي سرنديءَ وارن ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان جي برباد ٿيل ڪروڙين انسانن لاءِ وڌيڪ امداد اماڻيو. آمريڪا مان ئي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان پوءِ جڳ مشهور آرٽسٽ اينجلينا جولي به انساني حقن جي بچا واري تنظيم پاران ھتي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو واءُ سوا وٺڻ لاءِ پهچي ويئي. پر سنڌي قوم جي ووٽن تي سياست ڪندڙ سنڌ جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي جو اصل ليڊر ۽ ملڪ جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنهنجن وطن واسين جا ڏک سور ڄاڻڻ واسطي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي سٺ ڏينهن اندر نه آيو ۽ نه ئي اڃا سندس اچڻ جا ڪي آثار ڏسجن ٿا. زرداري صاحب ڏيڍ مهينو اڳ بيان جاري ڪيو ھو ته جيڪڏهن منهنجي طبيعت خراب نه ھجي ھا ته ٻوڏ سٽيل ماڻهن سان ملڻ اچان ھا. خبر ناهي ته سندس طبيعت ڪڏھن بھتر ٿيندي! بھرحال عالمي اداري يو اين او جي سرواڻ انتونيو گتريس ٻه ڏھاڙا اڳ ھڪ ڀيرو وري به دنيا جي سرنديءَ وارن ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي امداد ڏيڻ ۾ سخاوت کان ڪم وٺن ڇاڪاڻ ته اتي سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻهو برساتي سيلاب ڪارڻ بي گهر ٿي ويا آهن. سندن فصل پاڻي هيٺ ٻڏا پيا آهن. بک ۽ بيمارين لکين انسانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. وبائي مرض تيزيءَ سان پکڙجي رهيا آهن جنهن ڪري وڏو جاني نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي. انهيءَ اپيل جي جواب ۾ عالمي بينڪ سنڌ جي بي گهر ماڻهن کي نوان گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ اعلان بابت متاثر ۽ دربدر ٿيل انسانن کي شايد ڄاڻ نه به هجي پر سنڌ سرڪار کي خوشي ٿي آهي. ان جو ثبوت جمعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي آهي جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته 110 ارب رپيا گھرن جي اڏاوت تي خرچ ڪيا ويندا. واضح رهي ته هڪ ارب رپين ۾ ھڪ سئو ڪروڙ ٿيندا آهن ۽ 110 اربن جي معني يارھن ھزار ڪروڙ رپيا!
مونکي چڱي طرح ياد آهي ته 2010 واري مھاٻوڏ مھل تڏهوڪي وزير اعلي قائم علي شاھه بي گهر ٿي ويل ماڻهن لا بينظير ڀٽو ھائوسنگ اسڪيم لاءِ کربين روپيا خرچ ڪرڻ جو ساڳيو ئي اعلان ڪيو ھو پر 12 سالن ۾ اسان ته انهيءَ اسڪيم تحت ڪنهن به متاثر ۽ حقدار ڪھول کي اهڙو گهر ملندي نه ڏٺو آهي. ظاهر آهي ته سنڌ جي حاڪمن پنهنجي دستور موجب ڪاغذن ۾ ئي اسڪيم ٺاهي ۽ امدادي رقم غيباتي اڪائونٽ ۾ غائب ٿي ويئي هوندي.

جمعي ڏينهن تي چيف منسٽر ھائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ مراد علي شاهه سان عالمي بينڪ جا عيوضي پڻ شريڪ ٿيا. هنن سنڌ سرڪار جي ان رٿ سان اتفاق ڪيو ته سنڌ جي زراعت ۽ ٻين شعبن لاءِ اڳ ۾ ئي عالمي بينڪ پاران مليل رقمون به هاڻي نوان گهر اڏاوت ڪرڻ تي خرچ ڪبا. هن گڏجاڻي ۾ بينڪ جو اسلام آباد ۾ مقرر ڪيل ڊائريڪٽر مسٽر بنھاسين به ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. کيس ٻڌايو ويو ته مختلف علائقن ۽ شھرن ۾ بيٺل پاڻيءَ کي ڪڍڻ لاءِ پمپنگ مشينري لڳائي وئي آهي جنهن ڪري اميد ته مهيني ٻن اندر زمين خالي ڪري گهر اڏڻ شروع ڪنداسين. عالمي بينڪ جي ڊائريڪٽر ان ڳالهھ سان اتفاق ڪيو ته ڪراچي شهر جي گٽرن کي صاف ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي ڏنل پئسا به گهرن جي اڏاوت لاءِ وقف ڪبا ڇاڪاڻ ته ايندڙ سياري جي سيءَ ۾ رستن تي تنبو لڳائي ويٺل ڪٽنبن کي وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ لازمي آهي. وڏي وزير کيس ٻڌايو ته فصلن جي تباهي سبب ڪنگال ٿي ويل آبادگارن ۽ ھارين کي جھجھو نقصان پهتو آهي تنهن ڪري کين ڀاڻ ۽ ٻج جي سھائتا واسطي ٽي ھزار ڪروڙ رپيا گھربل آهن. ورلڊ بينڪ ان مقصد لاءِ 32 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو.
ته جيئن ھاري ناري ٻيھر پنهنجي زمينن کي آباد ڪري سگهن. آئون حيران آهيان ته مراد علي شاهه جي من اندر سنڌ جي ھارين کي نئين سر آباد ڪرڻ جي ايڏي تڙپ ڪيئن پيدا ٿي ويئي آهي! گڏجاڻي ۾ موجود عالمي بينڪ جي نمائندن اھا اجازت ڏيئي ڇڏي ته ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ سان سالن کان هلندڙ هڙيئي رٿائن تي ڪم بند ڪري انهن لاءِ ملندڙ رقمون سنڌ جي زراعت کي بحال ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيو. مون کي چاليهن سالن کان اھا ذاتي طرح ڄاڻ آهي ته آمريڪي امداد جو ادارو U S AI هجي يا گڏيل قومن جو ڪوبه ادارو ھجي، ان جا وڏا وڏا عھديدار شروع شروع ۾ ھٿ سان اڻيل غاليچا، مھانگي واچ يعني گهڙي ۽ سنگ مرمر جا سھڻا سھڻا شوپيس سوکڙي طور پاڪستان جي ڪامورن کان وٺڻ مهل خوشيءَ وچان پنهنجن ڪپڙن ۾ ئي نه ماپندا ھئا.
ھڪ ڀيرو کين اهڙين مھانگين سوکـڙين تي ھيرايو ويو ته پوءِ ٻيهر ھو اڃا به وڌيڪ قيمتي تحفن جي فرمائش ڪري ڇڏيندا هئا. انهن مان گهڻا آمريڪي ۽ يورپي سفير ته خريداري مھل پنهنجين زالن کي به بازار ۾ گڏ وٺي ھلندا ھئا. پاڪستاني ڪامورا ته سندس مئڊم کي ڏسي ڏسي پيا ٺرندا ھئا ته اڃا ڪا وڌيڪ مھانگي سوکـڙي گهري ته اسان جو به کانچو لڳي وڃي. هنن جي گهران ڇا ٿي ويو؟ مال ته مسڪين عوام جي قومي خزاني مان خرچ ٿيندو هو ۽ اڄ به ٿئي پيو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “اڻ هيريا نه هير، متان ڪڍنئي پير.”
ھي جو پاڻ وارا سمورا سياسي اڳواڻ، ڪامورا ۽ جرنل ڪرنل آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن جي ڊبل ڊبل شهريت Citizenship وٺيو هتي رڳو مال ڪمائڻ خاطر اچن ٿا، انهن سڀني جا ٻار ٻچا مٿي لکيل ملڪن ۾ اھڙي رشوت عيوض ته خوش بهار لڳا پيا آهن.
اچون ٿا اصل ڳالھه تي ته زرداري جي راڄ ۾ سنڌين جو وڏو وزير ھارين ۽ آبادگارن کي ساري، انهن جي ڳڻتي ۾ ڳري ويو آهي ته ان جي حقيقت اھا آهي ته جڏھن 10 سال اڳ صدر آصف زرداري ھارين کي سستن اگھن تي ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم هلائي ۽ پنهنجي وفاقي حڪومت ۾ نواب يوسف ٽالپر کي زراعت جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ته اربين رپيا عالمي بينڪ توڙي ايشيائي ترقياتي بينڪ ڏنا جنهن ۾ اربين رپين جون گھوٻيون ھڻي ڇڏيائون. اھو ڪيس سالن تائين يوسف ٽالپر تي ھلندو رهيو ۽ هاڻي جڏهن وزير اعظم شهباز شريف جي حڪومت پنهنجي اتحادي آصف زرداري جي رضامندي سان نئون قانون پاس ڪري نيب جھڙي ڪمزور پکي جا باقي بچيل کنڀ به ڪپي ڇڏيا آهن ته ھاڻي ھر ھڪ وزير ڪبير ۽ سرڪاري آفيسر کي کليل ڇوٽ ملي ويئي آهي ته 49 ڪروڙ غريب قوم جي خزاني مان چوري ڪري سگهو ٿا. پنجاھه ڪروڙ نه کڻجو!
سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته پندرهن آڪٽوبر کان شگر ملون ڪمند جي پيڙائي شروع ڪن. هڪ آبادگار جي فرياد تي شنوائي ڪندي جڏهن جسٽس صاحب اھو حڪم جاري ڪيو ته شگر ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل 30 آڪٽوبر تائين مھلت طلب ڪئي. آبادگارن جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت تيار ٿيل ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ کان لنوائي پيئي جڏهن ته ڪڻڪ جي پوک به نه ٿي آهي ان جو اگهه چار ھزار روپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو اٿن.
جيتوڻيڪ عدالت حڪم ڏنو آهي پر دعويٰ سان لکان ٿو ته شگر ملز مافيا 15 آڪٽوبر کان پنهنجين ڪارخانن کي ھرگز نه هلائيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button