پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ امڪاني ڪٽ ڏيڻ خلاف رهواسين جو احتجاجي ڌرڻو

ڊگھڙي: ڊگھڙي ڀرسان ديهه 189 جي رهواسين امڪاني ڪٽ ڏئي بدين ضلعي جو پاڻي نيڪال ڪري سوين ڳوٺ ٻوڙڻ خلاف اي بي جروار، حيدر جروار، سجاد جروار، حفيظ جروار ۽ نواز جروار جي اڳواڻي ۾ ٽي لکي موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي پاڙيسري ضلعي بدين جي ديهھ ڪانگڻي، سور ۽ ٻين ديهن جو برسات جو پاڻي ايل بي او ڊي ذريعي اسانج ي ديهھ مان نيڪال ٿي رهيو آهي، پر ڪجهھ بااثر ڌريون آبپاشي کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڊگهڙي-ٽنڊوباگو روڊ تي غيرقانوني طريقي سان ڪٽ هڻي ديھه 189، ديھه 196 ۽ ديهھ 201 جا ڳوٺ علي خان جروار، سومار جروار، مير محمد جروار، بجر خان جروار ۽ ڪالي خان جروار سميت سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا، جنهن ڪري هزارين گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي. سم نالن جي غلط ڊزائين جي ڪري اسان جون پاڙيسري ديھون پاڻي ۾ ٻڏي وينديون، پر آبپاشي کاتي جي عملدارن ناصر جٽ ۽ ڊاڪٽر رضا، خالق جروار ۽ ڪجھ ٻيون بااثر ڌريون پنهنجي هڪ هٽي ڪندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪري زبردستي ڪٽ ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هائي ڪورٽ ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته غيرقانوني ڪٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سوين ڳوٺ ٻڏڻ کان بچايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button