
ڀارت جي ايٿليٽ شيوپال سنگهه جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي، جنهن بعد مٿس پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ٽوڪيو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ ڀارتي جيولن ٿرو شيوپال سنگهه جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس 4 سالن تائين کيڏڻ کان روڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڀارتي اينٽي ڊوپنگ ايجنسي شيوپال سنگهه جي ڊرگ ٽيسٽ ڪئي، جيڪا مثبت آئي، جنهن بعد ان تي 2025ع تائين پابندي لڳائي وئي آهي.