زراعت ۽ ڪاروبار

ايران مان بصر گهرائڻ باوجود اگهه 200 رپيا في ڪلو تي پهچي ويو

ايران مان بصر گهرائڻ باوجود ڪجهه هفتن اندر في ڪلو اگهه ٻيهر 200 رپين کان به چڙهي ويو آهي. تفصيل موجب ايران کان بصر درآمد ڪرڻ بعد قيمتن ۾ آيل گهٽتائي عارضي ثابت ٿي آهي ۽ ڪجهه هفتن اندر ئي بصر جي في ڪلو اگهه ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي، هن وقت ڪراچي جي بچت بازارن ۾ به بصر جو في ڪلو اگهه 150 رپين کان مٿي آهي، جڏهن ته عام بازارن ۾ شهري اڌ ڪلو بصر به 100 رپين ۾ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف واپارين جو چوڻ آهي ته ايران مان بصر ايترو گهٽ تعداد ۾ اچي رهيو آهي جو ان جو مارڪيٽ تي اثر پوڻ مشڪل آهي، اگهه مهانگو هجڻ جو ٻيو سبب ايراني بصر معيار ۽ ذائقي ۾ گهٽ هجڻ آهي، جنهن سبب پاڪستاني بصر جو اگهه مسلسل آسمان تي چڙهيل آهي، ان کانسوا ٻوڏ جي ڪري منڊين ۾ بصر جي فراهمي محدود ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button