
ٍشارجا: نميبيا جي اسسٽنٽ ڪوچ ايلبيمورڪل پاڪ-نميبيا ميچ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو. البي مورڪل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي نميبيا جي ڊريسنگ روم جي دوري جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ پاڪستاني ٽيم جي محبت ۽ جذبي تي شڪريو ادا ڪيو.
اسسٽنٽ ڪوچ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته نميبيا پاڪستان خلاف کيڏي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ياد رهي ته ٽي-20 ورلڊڪپ 2021 ۾ پاڪستان گروپ اسٽيج ۾ نميبيا خلاف مسلسل چوٿين فتح حاصل ڪري سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.