رانديون

راهول گانڌي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو

نئين دلي: ڀارتي مخالف ڌر ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي. ويرات ڪوهلي جي 10 مهينن جي ڌيءَ واميڪا کي ريپ جون ڌمڪيون ملڻ بعد راهول گانڌي ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ هن ڀارتي ڪپتان کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ڊيئر ويرات، ڌمڪيون ڏيندڙ نفرت سان ڀريل آهن ڇو ته ڪير به ساڻن پيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته انهن کي معاف ڪريو ۽ ٽيم جي حفاظت ڪريو. راهول گانڌي جي ٽوئيٽ کانپوءِ “ڊيئر ويرات” ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن ۾ صارفين جي وڏي انگ ڪانگريس اڳواڻ جي بيان جي آجيان ڪئي ۽ ويرات ۽ انوشڪا لاءِ ٽوئيٽ ڪيو. ياد رهي ته ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ پاڪستان هٿان ڀارت جي شڪست کانپوءِ هندو انتهاپسندن ڀارتي بالر محمد شامي کي شڪست جو ذميوار قرار ڏيندي کيس غدار قرار ڏنو هو.

ان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ويرات ڪوهلي محمد شامي جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪيو. جڏهن ته ويرات، شامي جي حمايت ڪئي ته هندو انتهاپسند ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي ڌيءَ کي نشانو بڻايو ۽ کين ڌمڪيون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button