رانديون

پاڪستاني ٽيم هن وقت پنهنجي تيز ترين ٽريڪ تي آهي: سنجي منجريڪر

نئين دلي: اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ مبصر سنجي منجريڪر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم هن وقت پنهنجي تيز ترين ٽريڪ تي آهي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب سنجي منجريڪر ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم ۽ ڪپتان بابراعظم جي شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي.

نميبيا خلاف پاڪستان جي فتح بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني مداح پنهجي ٽيم جي غيرمعمولي تسلسل تي حيران ٿي ويندا. سنجي منجريڪر جو چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم هن وقت تيز ترين رستي تي آهي، هن نه رڳو ڀارت خلاف پر مسلسل مضبوط انداز ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪيا آهن. اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته پاڪستاني بالرن ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري جڏهن ته اسپنرز تمام گهڻيون وڪيٽون ورتيون ۽ تمام هوشيار بالنگ ڪئي.

شاهين آفريدي کي ايونٽ جو بهترين بالر قرار ڏيندي سنجي منجريڪر چيو ته پاڪستان جي بالنگ شاندار نظر اچي رهي آهي، عماد وسيم ۽ شاداب باصلاحيت اسپنرز آهن، کين خبر آهي ته بال ڪٿي رکڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button