رانديون

انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي ڏکيائين ۾ وجهي سگهي ٿي: شعيب اختر

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندڙ ٽيم جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.

شعيب اختر گذريل ڏينهن نمبيا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ پاڪستاني ٽيم لاءِ وڊيو پيغام جاري ڪيو. اڳوڻي فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هڪ ٻي فتح ٿي آهي ۽ ٽيم مضبوط ۽ مثبت رخ ۾ وڃي رهي آهي، پاڪستان کي هاڻي ٻين گروپن جي ٽيمن سان مقابلي لاءِ تياري شروع ڪرڻ گهرجي ڇو ته انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي ڏکيائين ۾ وجهي سگهي ٿي.

هن چيو ته سڀ کان پهرين، اسان کي سيمي فائنل کٽڻ جي ضرورت آهي، جڏهن اسان سيمي فائنل کٽينداسين، مون کي يقين آهي ته اسان انگلينڊ سان مقابلو ڪري سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button