ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي گرفتار ڪيو جو مطالبو سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ڪرڪيٽ تي بحث تان دوست هٿان قتل بعد مطالبو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ويرات ڪوهلي بهترين ڪرڪيٽر آهي يا نھ جي سوال تي ڌرم راج دوست وڪنيش کي قتل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي تھ ٻئي دوست نشي ۾ هئا، جنهن دوران اهي بحث ڪندي وڙهيا ۽ قتل ٿي ويو. هوڏانهن جذباتي مداحن واقعي جو ذميوار ويرات ڪوهلي کي قرار ڏنو، بعد ۾ ويرات ڪوهلي جي حمايت ۾ بھ وڏي انگ ۾ مداح سامهون اچي ويا. جڏهن تھ شيم آن ڪوهلي ۽ اريسٽ ويرات جي ٽرينڊز مداحن کي صدمي جي ڪيفيت ۾ آندو، ڇوتھ ويرات ڪوهلي جي حامين موجب ان جو ڏوهه ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close