
لاڙڪاڻي جي ڳوٺ محمد صالح بروهي واسڻ عورتن سرسو خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي زينب بروهيو رشيده خاتون، بينظير بروهي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته گذريل سال جنوري ۾ سرسو آفيس اسان جي ڳوٺ جي 24 عورتن جو هڪ گروپ جوڙي کين مختلف ڪاروبار ڪرڻ لاءِ گڏيل طور 4 لک 32 هزار هڪ سال لاءِ قرض ڏنو، جنهن ۾ هر ميمبر عورت کي 20 هزار رپيا مليا ۽ قرض جو مدو پورو ٿيڻ بعد مان سڀني عورتن کان قرض جي اوڳاڙي ڪري هڪ لک 40 هزار رپيا قسطن ۾ واپس ڪيا پر رهيل رقم ادا ڪرڻ ۾ ڪجھ دير ٿي وئي، جنهن تي سرسو انتظاميا بقايا رقم ادا ڪرڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو. اختياريون نوٽيس وٺي سرسو انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري پريشاني ختم ڪرائين.