عمران خان اقتدار کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان جيڪو ڪجهه چوندو رهيو، حملا ڪندو رهيو، مختلف لقب القلاب ڏيندو رهيو، انهن مان ڪيترائي غير معمولي نوعيت جا سمجهيا ويا.ڪيترن ئي ماڻهن کي حيرت هئي ته ڪٿي واڳ ڌڻين جو برداشت ڪرڻ جو پيمانو بهتر ته نه ٿي ويو آهي؟ هي ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ته عمران خان واڳ ڌڻين جي “گهر جو ڀيدي” آهي، انڪري اهي کيس برداشت ڪندا. هي ڳالهه به چئي وئي ته واڳ ڌڻي عمران خان کي پاڻ لاءِ خطرو ئي نٿا سمجهن ته هر معاملي جو جواب ڪيئن ڏيندا؟ ان سان گڏ هي به چيو ويو ته شايد عمران خان مختلف معاملن تي واڳ ڌڻين کي بليڪ ميل ڪرڻ گهري ٿو. هن ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جيڪي تقريرون ڪيون، انهن ۾ مسٽر ايڪس اينڊ واءِ، مير جعفر، مير صادق، نيوٽرلز جانور ٿيندا آهن جهڙا جملا ته وري وري ورجايا ويا، پر هن ڀيري واڳ ڌڻين جي پنهنجي گهر پنڊي ۾ اچي ڪري وزير اعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي مني لانڊرنگ ڪيس مان عدالت پاران آجو ڪرڻ تي عمران خان آپي کان نڪرندي، طاقتور شخصيت تي الزام مڙهيا ته ان “علي بابا چاليس چورن” کي ڪرپشن ڪيسن مان آجو ڪرايو، ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي الزام مڙهيا. هنن الزامن جي بوڇاڙ رڳو عمران خان ئي نه ڪئي، پر ان جي ليفٽيننٽ اعظم سواتي به ساڳئي تير سان شڪار ڪرڻ جو شوق آزمائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو. نتيجو اهو ئي نڪتو، جيڪو نڪرڻو هو.” ڇا ٻلي ۽ ڇا جلاب” اعظم سواتي، گيٽ نمبر چار تائين وڃي، اهم عهديدارن کي ست سريون ٻڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هاءِ هزارين خواهشون…!رات ئي نه گذرڻ ڏني وئي، اعظم سواتي کي رات جو ٽئين وڳي گهران کنيو ويو، ان کان اڳ ليڊي پوليس جو بندوبست ڪيو ويو ۽ ميجسٽريٽ کان گرفتاري جا وارنٽ حاصل ڪيا ويا، ويچاري ميجسٽريٽ کي رات جي اونداهي ۾ جاڳايو ويو. اهم ڌرين کي رات پيٽ ۾ ڪارروائي مڪمل ڪرڻي هئي ۽ ائين ئي ٿيو. هونئن به ملڪ جي تاريخ ۾ اهم ڪم رات جي اونداهي ۾ ئي ڪيا ويندا آهن. توڙي جو اسڪرپٽ تبديل ٿي ويو، پر هاڻ به ڪڏهن ڪڏهن پراڻي اسڪرپٽ تي طبع آزمائي ڪئي ويندي آهي!
جيئن شهباز گِل پاڻ سان ٿيندڙ وارتا جا قصا هر ايندڙ ويندڙ کي ٻڌايا، ساڳي طرح اعظم سواتي به عدالت ايندڙن کي ته پاڻ سان ٿيندڙ وارتا بابت فرسٽ هينڊ معلومات کان “محظوظ” ڪيو! پر هاڻ جيڪو ساڻس ظاهري طور يا ڳجهه ڳوهه ۾ ملاقات ڪري ٿو، سواتي لڙڪ لاڙي انهن کي اندر جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو. هن سموري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ سٺو چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته سڀني جا وارا نيارا ٿيڻا آهن ۽ ماضي قريب ۾ ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سامهون سندس نياڻي مريم نواز کي هٿ ڪڙيون هڻي سگهن ٿا ته باقي سمورا ڪم به ڪري سگهن ٿا. اڃان به شڪر ڪيو ته لاهور جو شاهي قلعو في الحال بند آهي، پر اتان جون ديوارون ماضي جي نازي ازم ۽ فاش ازم جا قصا بيان ڪنديون رهن ٿيون. هينئر به ماضي جي ٽارچر ۽ تشدد جا پڙاڏا شاهي قلعي ۾ گونجن ٿا! اعظم سواتي ته اهڙي تشدد جو سوچي به نٿو سگهي، جيڪو ماضي جي سياسي ڪارڪنن برداشت ڪيو. سواتي جهڙا ممي، ڊيڊي ٻار ڪڏهن ڪوسو واءُ به برداشت نه ڪري سگهيا آهن!
شهباز گِل کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن کي سوگهو ڪيو ويو ته ڪن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ويا، پر سواتي جي گرفتار کانپوءِ باقي ڇا بچي ٿو؟ ڪٿي هي سڀ ٽريلر رڳو عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ته نه ڏيکاريا ويا؟ جيڪڏهن ائين ئي آهي ته واڳ ڌڻي اڄ يا سڀاڻي فن جو مظاهرو ڪندي، ٽائيگر نيازي کي به سوگهو ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندا. هينئر تائين عمران خان پريڪٽس ميچون کيڏي رهيو هو، شايد هن کي هاڻ ٽي ٽوئنٽي به کيڏڻ نه ڏيندا ۽ آهستي آهستي، سوگهو ڪري وٺندا، جيڪڏهن عمران خان جلد اسلام آباد جي گهيري ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو ته اعظم سواتي پروجيڪٽ تي عمل تيزي سان عمل شروع ڪيو ويندو.
واڳ ڌڻين ۽ عمران خان ۾ ٽڪراءَ پنهنجي منطقي انجام ڏانهن پهچي رهيو آهي، عمران خان کي Counter ڪرڻ لاءِ نواز شريف کي تيار رکيو ويو آهي. ائين لڳي ٿو ته جيئن عمران خان پناما ڪيس ۾ نواز شريف جي جهڙتي وٺڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پوءِ سزا تي جشن ملهايو هو، ساڳيا پل نواز شريف به ڏسڻ گهري ٿو. هو به چاهي ٿو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جا لمحا پنهنجن اکين سان ڏسي ماضي جو بدلو وٺڻ گهري ٿو.
واڳ ڌڻين ۽ عمران خان جي ٽڪراءُ جو جيڪڏهن ڪنهن کي گهڻو فائدو ٿيو آهي ته اهي شريف آهن، ان سان گڏ واڳ ڌڻين پنهنجن هٿن سان جنهن هائبرڊ نظام جو بنياد رکيو هو، ان کي پنهنجي حياتي ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيو. جيئن عمران خان کي فل پيڪيج ڏئي ڪري اقتدار جي ڪرسي تي ويهاريو ويو، تيئن شريفن سان جنهن حد تائين لاڳاپا ختم ڪيا ويا، اتان ئي بحال ڪيا ويا آهن. شريف خاندان، ٻين سمورين سياسي قوتن جي ڀيٽ ۾ واڳ ڌڻين جي وڌيڪ ويجهو رهيو آهي ۽ ان جا وڌيڪ جهيڙا به اسٽيبلشمينٽ سان رهيا آهن، جيڪڏهن ڪنهن وزير اعظم وڌ کان وڌ آرمي چيف مقرر ڪيا ته اهو نواز شريف ئي ٿي سگهي ٿو. شهباز شريف لاءِ ته چيو ٿو وڃي ته ان جو وزير اعظم ٿيڻ هڪ ٽريلر آهي، پر نواز شريف جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم جي ڪرسي تي چوٿون ڀيرو ويهي ته پوءِ هڪ طرف شريفن جا مخالف ته ٻئي پاسي وري واڳ ڌڻين ۾ شامل اهي عهديدار، جيڪي پرو عمران خان پروجيڪٽ تي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪري رهيا هئا، انهن تي ڇا گذرندي اهو به ڏسڻو آهي، انهن مان ڪيترائي پنهنجون خواهشون اڻپوريون ڇڏي ويندا. هن ملڪ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته اقتدار جي ڪرسي کي ڪابه بقا ناهي.
ڪي حلقا چون ٿا ته عمران خان کي پاڪستان جي اقتدار جو مڪينزم سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي، هن ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا عهديدار رهيا، جيڪي طاقت جو مرڪز رهيا، انهن ٽڪراءَ وارو رستو اختيار ڪيو ته کين هميشه پاسيرو ڪيو ويو، عمران خان وٽ گهڻو وقت ناهي، هن کي رهيل سهيل توانائيون صرف ڪرڻيون آهن. هو پاڻ ۽ ان پٺيان جيڪي بيٺل اڳواڻ آهن، انهن جون همدرديون رڳو پي ٽي آءِ سان ناهن، پر هو جيئن وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ڪري اقتدار جي آربٽ جو حصو ٿيا، ساڳي طرح سان وکري به ويندا. هي تماشو عمران خان سميت سڀني کي پنهنجن اکين سان ڏسڻو آهي، بدقسمتي سان عمران خان جو قد ڪاٺ نه ئي نواز شريف جهڙو آهي، نه ئي وري هو بينظير ڀٽو ٿي سگهي ٿو، نڪي وري هن جي سوجهه ٻوجهه ايتري آهي جو اقتدار جي ايوانن کي لوڏي ڇڏي. سويلين ايڪٽرز جيترا هينئر ڪمزو آهن، ايترا ڪڏهن به نه رهيا آهن، اهي جيترا هينئر استعمال لائق آهن، اوترا به ڪنهن به موڙ يا دور ۾ نه رهيا آهن، انڪري عمران خان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيپٽن طور واڳ ڌڻين سان وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. واڳ ڌڻين جا تمام گهڻا اتحادي ۽ اداري طور گهڻي طاقت آهي، هينئر ڀلي هو پاڻ کي نيوٽل به سمجهن پر هنن جا ايترا گهڻا stakes آهن، جو انهن کي ڇڏي نٿا سگهن. عمران خان جيڪو واڳ ڌڻين سان وڙهڻ جا خواب ڏسي ٿو، ان کي اندازو آهي يا نه؟ هن جي چوڌاري جيڪا سوشل ميڊيا برگيڊ يا ففٿ جنريشن وار جٿا وڙهڻ لاءِ تربيت يافتا موجود آهن، انهن جا Roots به اهم اداري ۾ کتل آهن، انڪري هو انهن کي مائنس ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳائيندا. عمران خان جو ايترو تجربو به ناهي ته واڳ ڌڻين سان ڪيئن وڙهي سگهجي ٿو، اهم اداري جو تجربو سالن جو آهي ۽ انهن وٽ تربيت ورتل ماهر آهن، انڪري ويڙهه جي نئين مڪينزم تي ويچارڻو پوندو. اسان وٽ طاقتور ڌرين سان وڙهڻ لاءِ سويلين جو تمام گهڻو تجربو ۽ انهن جا Tactics رهيا آهن، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ ڪڏهن سوڀارا ٿيا ته ڪڏهن رات جي اونداهي ۾ ماريا ويا. جيڪڏهن شهيدن جي قافلي تي نظر ڊوڙائبي ته اها ڊگهي لسٽ آهي، جن ۾ قدآور سياسي اڳواڻن کان وٺي عام ماڻهو سمورا شامل آهن ۽ سڀني جي جان جي قيمت ۽ اهميت هڪجيتري رهي آهي. ڪنهن به جنگ وڙهڻ کان پهريان فوج، سازوسامان، بم باروڊ کي ڏسڻو پوندو آهي، هي دُٻي جي جنگ ناهي، جو هوشو شيدي ٺڪاٺڪي ڪري مڙئي جنگ جو ماحول تيار رکي، هي جديد دور جي ويڙهه آهي، جيڪا وڙهڻ آسان ناهي.