رانديون

جونيئر ليگ ۾ گجرانوالا گيانٽس هٿان حيدرآباد هنٽرز کي شڪست

پاڪستان جونيئر ليگ جي لاهور واري مرحلي ۾ گجرانوالا گيانٽس جي ٽيم حيدرآباد هنٽرس کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ دوران حيدرآباد هنٽرس 8 وڪيٽن تي 129 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سعد بيگ جي 43 ۽ معيز رانا جي 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ گجرانوالا گيانٽس 4 وڪيٽن تي 133 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي، جنهن ۾ اذان اويس 61، عزير ممتاز 31 رنسن سان نمايان رهيا. بالرن مان عزير ممتاز 3، محمد ابتسام ۽ ميٿيو ٽرومپ 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button