
ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ آسٽريليا کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي ٽيم 7 وڪيٽن تي 186 رنسون ٺاهي آسٽريليا کي ڏکيو هدف ڏنو، جنهن ۾ ڪي ايل راهل 57، سوريا ڪمار 50، ويرات ڪوهلي 19، دنيش ڪارٿڪ 20 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ آسٽريلوي بالر ڪين رچرڊسن 4 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو. هوڏانهن آسٽريليا جي سڄي 180 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪپتان ايرون فنچ 76، مچل مارش 35، گلين ميڪسويل 23 رنسن جي اننگز کيڏي، ڀارتي بالر محمد شمي 3 وڪيٽون وٺي ويو آهي.