ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

Editorial-Article- Muhammad Yousif Bhutto

روس-يوڪرين جنگ ۽ عالمي صورتحال جو جائزو

محمد يوسف ڀٽو

ھي مضمون گذريل مضمون “روس يوڪرين جنگ ۽ سواليه نشان بڻيل عالمي امن” جي تسلسل ۾ لکيل آھي.
گذريل مضمون ۾ اسان ذڪر ڪيو ھو ته يوڪرين جنھن جي فوج جو انگ فقط 2 لک آھي ۽ آمريڪا، يورپ ۽ نيٽو جي پٺڀرائيءَ تي روس سان پنھنجا معاملا خراب ڪري ويٺو. ھتي اھا وضاحت به ضروري آھي ته روس دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آھي. روس جي پکيڙ جو اندازو ان ڳالهھ مان لڳايو جو ھن ملڪ ۾ يارھن Time zones آھن. واضح رھي ته روس جي فوج 9 لک آھي، جڏھن ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ائٽمي هٿيار به ان وٽ آھن. روس کان پوءِ آمريڪا وٽ سڀ کان وڌيڪ ائٽمي هٿيار آھن.
عالمي سطح تي امن تي تحقيق ڪرڻ واري سوئيڊن جي اداري اسٽاڪ ھوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ )سِپرا) موجب دنيا جا 90 سيڪڙو ائٽمي هٿيار ھنن ٻن ملڪن وٽ آھن. ڳڻتي جوڳي ڳالھه اھا آهي ته ھنن ڏينھن ۾ انھن ٻنھي ملڪن جا لاڳاپا گھڻا خراب ۽ ڇڪتاڻ وارا رھيا آھن، سو ھنن ملڪن ۾ سڌو ٽڪراءُ دنيا جي تباھي برابر ھوندو.

ائين به ناھي ته رڳو يوڪرين واري معاملي سبب دنيا ۾ امن جو پکي زخمي ٿيو آھي پر اوڀر ايشيا ۾ آمريڪي سامراج پاران اتر ڪوريا ۽ چين کي Counter ڪرڻ لاءِ اڳرائيءَ جي ارادن کان ويندي نام نھاد يھودي رياست اسرائيل پاران وچ اوڀر ۾ فلسطيني گھرن کي مسمار ڪري غيرقانوني يھودي وسندين جي اڏاوت، انڊيا ۾ اقليتن تي بي جي پي جي حڪومت پاران ظلمن جو اڻ کُٽ سلسلو به عالمي امن لاءِ سخت ھاڃيڪار ثابت ٿيو آھي. فلسطين جي 90 سيڪڙو علائقي ۽ اُتان جي 80 سيڪڙو پاڻيءَ جي نئين سر چشمن تي قابض ٿي ويل اسرائيل، دنيا جھان جا هٿيار گڏ ڪري به سخت بيچينيءَ ۾ رھي ٿو، ڇاڪاڻ ته ھو وري به ھر طرف کان عرب ملڪن جي گھيري ۾ آھي. حزب ۽ حماس سبب ان جا الڳ سُک ڦٽل آھن. يمن مسئلو به سنگين انساني الميي کي جنم ڏئي رھيو آھي.
خير، اسين پنھنجي اصل موضوع يوڪرين تي واپس ايندي اھا ٿوري وضاحت به ڪندا ھلون ته گذريل ڪالم ۾ اسان ذڪر ڪيو ھو يوڪرين دنيا جو زرخيز ترين ملڪ آھي. يورپ ۾ ھن کي کاڌي جي ٽوڪري Food Basket Of Europe چيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي ٿالھيءَ ۾ سئو مانين مان نَوَ مانيون يوڪرين جون ھونديون آھن. ان جو سبب ھيءَ آھي ته يوڪرين ۾ ڪڻڪ وڏي پيماني تي ٿئي ٿي، روس ۾ به وڏي پيماني تي ڪڻڪ ٿئي ٿي. يعني روس ۽ يوڪرين گڏيل طور تي دنيا ۾ 30 سيڪڙو ڪڻڪ پيدا ڪن ٿا. يعني ھنن ٻنھي ملڪن ۾ جنگ دنيا ۾ غذائي کوٽ جو پيدا ٿي گڏيل قومن اڳ ۾ ئي وڏي “عالمي بک جي بحران” جي وارننگ ڏئي چڪيون آھن. روسي حملي کان پوءِ وڌندڙ مھانگائي ۽ توانائيءَ جي کوٽ جي سبب مغربي ملڪن کي سخت حالتن کي Face ڪرڻو پئجي رھيو آھي. واضح رھي ته يورپ جي 40 سيڪڙو گئس ۽ 26 سيڪڙو تيل جي ضرورت اڃان به روس پوري ڪري رھيو آھي. روس انھن کان پئسا پنھنجي ڪرنسي روبل ۾ وٺي پيو. جنھن عمل آمريڪي ڊالر جي هڪ هٽيءَ کي چيلينج ڪيو آھي پر يورپ آمريڪا جي ڏَسيل رستي تي ھلندي روس جو ھر معاملي ۾ بائيڪاٽ ڪري رھيو آھي. خيال ڪيو پيو وڃي ته آمريڪا يورپ کي پنھنجي گئس ۽ تيل وڪرو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو پر يورپ ان ٻڏتر ۾ به آھي ته آمريڪي تيل ۽ گئس کيس گھڻي مھانگي پوندي سا به جلد ملڻ واري ناھي. سو جيڪڏهن ايندڙ سياري ۾ روس گئس تي بندش وڌي ته يورپ ڪيڏانھن ٿو وڃي؟ عالمي ميڊيا ھن سال مئي جي شروعاتي ڏينھن ۾ خدشو ڏيکاري چڪي آھي ته جيڪڏهن يورپ کي روسي تيل، گئس نه ملي ته يورپ ٽٽي ويندو.
آمريڪا ۽ يورپ روس تي پابندين ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي پر عالمي ميڊيا موجب روس، پنھنجو تيل، گئس ۽ Military Hardwares وڪرو ڪرڻ ۽ موٽ ۾ پنھنجي ڪرنسي روبل ۾ رقم طلب ڪرڻ جي ڪري روبل جي قدر ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. اپريل کان پوءِ روسي ڪرنسي روبل، ڊالر ۽ يورو کي ٽڪر ڏئي رھي آھي. روبل 2 سالن جي بلند ترين سطح تي پھچي ويو. روبل جي پوزيشن مضبوط ٿيڻ تي دنيا حيران آھي.
روس ۽ نيٽو ۾ وڌندڙ عداوتن جا جيڪي سبب آھن، تن ۾ ھڪ سبب ھيءَ به آھي ته روس ان ڳالھه تي به چڙيل آھي ته 90ع واري ڏھاڪي ۾ آمريڪا ۽ نيٽو سان ٿيل معاھدي جي نيٽو پاران ڀڃڪڙي ٿي رھي آھي ته ھو نيٽو کي روس جي سرحدن ۽ آسپاس جي ملڪن تائين واڌ نه ڏيندا. يعني روس جي پاڙيسري ملڪن کي نيٽو اتحاد ميمبر نه بڻائيندو پر يوڪرين معاملي ۾ نيٽو ڀڃڪڙي ڪئي. ان کي ٽريننگ ڏيڻ ۽ اتي ھٿيار ذخيرا ڪرڻ روس دشمني ته ھئي پر امن دشمني به چئي سگھجي ٿي. ھوڏانھن ڪجھه مھينا اڳ روس جا پاڙيسري ملڪ سوئيڊن ۽ فن لينڊ نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جا اعلان ڪري چڪا آھن ۽ نيٽو اجلاسن ۾ شرڪت به ڪري چڪا آھن. نيٽو انھن جي آجيان ڪئي آھي پر نيٽو جو ميمبر ٿيڻ لاءِ انھن کي ھڪ ڊگھي عمل مان گذرڻو پوندو. جنھن لاءِ انھن کي طويل انتظار ڪرڻو پوندو.
روس ڄاڻايل ٻنھي ملڪن يعني سوئيڊن ۽ فن لينڊ کي چتاءُ به ڏنو پر ھو نيٽو ۾ وڃڻ لاءِ بضد رھيا. اطلاع آھن ته روس انھن ٻنھي ملڪن جي سرحدن تي اسڪندر ميزائل ۽ ٻيا خطرناڪ ڏور مار بيلسٽڪ ميزائل رکي ڪري ڇڏيا آھن. روس پنھنجو ايئر ڊفينس سسٽم ۽ ائٽمي هٿيار پنھنجي اتحادي ملڪ بيلا روس ۾ پھچائي ڇڏيا آھن. جتان جنگ جي صورت ۾ پولينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن کي آسانيءَ سان Target ڪري سگھندو. اسان اڳ به ذڪر ڪيو ھو ته عالمي حالتون ان نھج تي پھچي چڪيون آھن جو ڪنھن به گھڙي ڪجھه به ممڪن آھي. حالتون ڏينھن ۾ نه پر ڪلاڪن ۾ تبديل ٿين پيون. اندازو ان مان لڳايو جو روسي صدر ته ھڪ ھنڌ تي ايستائين به چئي چڪو آھي ته “ان دنيا جو ڪھڙو فائدو جنھن ۾ روس نه ھجي.” يعني روس پنھنجي سلامتيءَ کي خطري ۾ محسوس ڪيو ته نيوڪليئر ھٿيار اسعمال ڪندو.
روس ۽ چين ٻئي ھائپر سونڪ ميزائل تيار ڪرڻ ۾ اولهه کان ڪافي اڳتي آھن، جيڪو آواز جي رفتار کان 5 ڀيرا تيز ۽ غير متوقع اڏام جي رستي تي پنھنجي هدف ڏانھن سفر ڪري سگھي ٿو بلڪه روسي زرڪون ميزائل ته آواز کان 9 ڀيرا تيز اڏام ڪري ٿو. روسيSurmat Missile جيڪو آواز کان 11 ڀيرا تيز آھي. روس آمريڪا کي ان ميزائل ذريعي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي به ڏئي چڪو آھي ۽ ھن ميزائل کي آمريڪا جو Patriot Defence System اسرائيل جو Iron Dome ۽ جرمنيءَ جو MANTIS Air Defence System به ٽريڪ نه ٿا ڪري سگھن. يعني روسي ميزائلن جو نيٽو وٽ ڪوبه ٽوڙ نه آھي. عالمي ميڊيا ۾ آيل رپورٽ موجب روسي خلائي مرڪز جي چيف تقريبن 2 مھينا اھڙا 50 Surmat Missiles شامل ڪرڻ جو اعلان به ڪري چڪو آھي. واضح رھي ته روسي حملي جي ڌمڪين کانپوءِ ھن سال جولاءِ ۾ آمريڪي شھر نيويارڪ ۾ ائٽمي حملي کان بچاءُ جي شھرين کي سکيا به ڏني وئي. روس جو سوويت دؤر ۾ 1979ع ۾ ٺاھيل S-300 Air Defence اڄ به انھن ملڪن جي ڊفينس سسٽم کان ڪئين ڀيرا بھتر نتيجا ڏيندڙ ليکيو وڃي ٿو پر 90ع جي ڏھاڪي ۾ روس جو S-300 سيريز جو اپگريڊ ڪيل دفاعي نظام S-400 اينٽي بيلسٽڪ ميزائل دفاعي سسٽم جيڪو 2007ع کان باقاعدي Service ۾ آھي، دنيا ۾ بھترين ليکيو وڃي ٿو.
ويجهي مستقبل ۾ اھا ڳالهھ به ڏسڻ جوڳي آھي ته گهڻو ڪري يورپي ملڪ جيڪي روسي گئس تي ڀاڙين ٿا سي ڪھڙن چيلنجز کي منھن ڏيندا؟ ڇو ته جنگ سبب نيٽو روسي گئس جي خريداري گھٽ کان گھٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته ٻئي پاسي روس به ھن گئس کي يورپ تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ ھڪ ھٿيار طور استعمال ڪري رھيو آھي. روس طرفان جرمنيءَ کي گئس سپلاءِ ۾ ڪمي جا اطلاع به آيا يعني ان جو پھريون اثر جرمنيءَ تي پيو آھي. جنھن کي گئس جي کوٽ کي منھن ڏيڻو پيو پوي.
توھان آمريڪا جو مزاج ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ڏسو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ان جنگ ۾ سڌو شريڪ نه ٿيو. ھن يورپ کي ھٿيار ۽ غذائي شيون وڪڻي خوب ناڻو پئي ڪمايو ۽ جڏھن سڀئي ملڪ وڙھي تباھيون ڪري ٿڪا ته جاپان پاران پرل ھاربر واري آمريڪي بندرگاهه تي حملي جو جواز ملندي ئي آمريڪا ائٽمي ھٿيار استعمال ڪري فاتح بڻجي دنيا جو لٺ سردار ٿي ويھي رھيو. ھينئر به توھان کي آمريڪا جو ڪردار اھڙو ئي ڏسڻ لاءِ ملندو.
ھوڏانھن يورپي يونين ۽ نيٽو ۾ روس جي تيل ۽ گئس جي بائيڪاٽ تي اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. ھنگري اڳ ئي ان معاملي تي يورپ کي جواب ڏئي ڇڪو آھي ۽ نيوٽرل حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي. سلواڪيه ۽ جمھوريه چيڪ ته ھنگري جيان روس جي ويجھو آھن. ڪروشيا جو صدر روسي حامي آھي. جڏھن ته ڪروشيا جو وزيراعظم مغرب کي ترجيح ڏي ٿو. سربيا جا سياستدان روس سان گڏ آھن.
تجزيي نگارن روس ـ يوڪرين جھيڙي کي اولهه لاءِ وڏو ڌچڪو قرار ڏنو آھي. نيٽو ملڪ روس کي يوڪرين تي ڪاھڻ کان روڪي نه سگھيا ۽ فقط پابندين کانسواءِ ڪجهھ به نه ڪري سگھيا. البت يوڪرين کي ھٿيارن جي سپلاءِ تائين محدود آھن. واپار لاءِ مشھور ڪاري سمنڊ تي روس کي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۾ به نيٽو ناڪام ٿي.
بحيرہ اسود يا ڪاري سمنڊ تي روسي حاڪميت به نيٽو ملڪن کي ڪنڊو ٿي لڳي رھي آھي. اولهه جي ملڪن جي اتحاد نيٽو پاران روس سان سڌي ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو ويو ۽ انھن ملڪن پاران روس کي پابندين سان جھڪائڻ واري سوچ جي خام خيالي ۽ ناڪامي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي پريشان ڪري رھي آھي.
معاشي بحران ۾ ورتل جوھري ھٿيارن سان ليس آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس ھاڻي ان جنگ مان راههِ فرار اختيار ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. يورپي يونين جي سڀ کان وڏي ملڪ جرمنيءَ کي روسي گئس جي بندش جو ته خوف ورائي ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button