ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جنسي هراسمينٽ ڇا آهي؟

Editorial-Article- Dr Zulfiqar Rahoojo

اُها هڪ اهڙي اڻ وڻندڙ اڳرائي ڪرڻ آھي يا بار بار اهو عرض ڪرڻ آھي، جنهن ۾ ڪو فرد جنسي تائيد يا حاصلات لاءِ چوندو رهي ۽ اهو به ته اهڙو زباني يا جسماني طور عمل ڪجي، جيڪو جنسي قدر رکي. جڏهن اها گهر ڪنهن کان ان ڪري ڪجي ته کيس ڪا نوڪري ڏني ويندي يا کيس مارڪون ڏنيون وينديون يا کيس فيل نه ڪيو ويندو يا ان بنياد تي انڪار ڪجي يا قبول ڪجي ته ان سان ڪا نوڪري ڏيڻ ڪرڻ جو شرط رکيل هجي يا ڪنهن فرد جي ڪم واري ماحول ۾ اهڙي ريت مداخلت، ڦڏو يا خراب هلت جاري رکجي، جنهن جي پويان جنسي حراس ڪرڻ وارو مقصد ڪار فرما هجي.
اڻ وڻندڙ رويو يا هلت هڪ تنقيدي اکر آھي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو لاشعوري طور يا غير ارادي ٿئي ٿو. اهو شعوري طور هڪ عمل آھي، جنهن جي پٺيان جنسي رغبت جو عنصر شامل هوندو آھي ۽ متاثر فرد ٿي سگهي ٿو ته مجبوري ۾ راضي ٿي پوي يا راضپو ڪنهن حد تائين ڏيکاري به وجهي. ايتري قدر جو هو ان ۾ سرگرمي سان شريڪ به ٿئي توڙي جو اهو عمل جارحيت تڪليف ڏيندڙ ۽ اعتراض جوڳو به هوندو آھي ۽ اهو ڪنهن نوڪري ڪندڙ يا ڪنهن شاگرد جي قابليت يا ڪم کي متاثر به ڪري ٿو. مثال لاءِ اهڙا چرچا يا تبصرا ڪرڻ، جيڪي متاثر ڪندڙ ماڻھو کي جنسي طرح برا لڳن. توڙي جو اهو ماڻهو ان کان خفا، بيزار يا برو به محسوس ڪندو هجي، پر اهو ڪم جاري رکندو هجي. دراصل اهڙا جنسي فقرا اڻ وڻندڙ ئي لڳندا آھن ۽ اهڙو جنسي ڪردار به اڻ وڻندڙ ئي هوندو آھي.
جنسي هراسمينٽ جا ڪيترائي قسم آھن:
زبردستي جنسي عمل يا جنسي زيادتي جي ڪوشش، غيرضروري جنسي حرڪتن جي گهر ڪرڻ يا دٻاءُ رکڻ يا گهر ڪرڻ، اجايو ڄاڻي واڻي ڪنهن کي ڇهڻ، مٿان چڙھڻ يا پاسو هڻڻ يا چهنڊي پائڻ، غيرضروري جنسي اک سان ڏسڻ يا اهڙا اشارا ڏيڻ، غير ضروري خط، فونون يا جنسي مواد موڪلڻ، غير ضروري يا ناپسنديد يا زوري جنسي عمل ڪرڻ لاءِ گهر ڪرڻ يا غير ضروري جنسي ٽوڪون، ڀوڳ، تبصرا ۽ سوال ڪرڻ، ڪنهن کي اهو چوڻ ته صفا پپو، ماکي جهڙو آھين يا ڀاڪر ۾ وجهڻ جهڙي يا صفا گڏي ٿي لڳين، ڪنهن تي سيٽيون وڄائڻ، جنسي تبصرا يا رايا ڏيڻ، ڪم جي ڳالهين کي بدلائي جنسي موضوعن يا عنوانن ۾ بدلائڻ، جنسي موضوعن واريون ڳالهيون ٻڌائڻ، جنس جي تصوراتي خيالن لاءِ چوڻ يا اوليتون ڏسڻ يا قصا ڪرڻ، جنسي ذاتي سوال ڪرڻ يا ذاتي زندگي ۾ سوال ڪرڻ، ڪپڙن تي ڳالهائڻ، جنسي مواد واريون فونون ڪرڻ، سيٽيون وڄائڻ، ڪنهن فرد جي ڪپڙن، جسم تي يا بيهڪ تي جنسي تبصرا ڪرڻ، ڪنهن فرد جي ذاتي جنسي يا زندگي بابت افواهه، ڪوڙ ڦھلائڻ، ڳچيءَ تي مالش ڪرڻ، سندس ڪپڙن کي ڇهڻ يا وارن کي يا جسم کي ڇهڻ، ذاتي سوکڙيون ڏيڻ، چوڌاري کيس جهلي بيهڻ، ٻک وجهڻ، چمي ڏيڻ، ڌڪ يا مڪا هڻڻ پنهنجو پاڻ کي ڇهڻ يا اهڙي ريت مهٽڻ جنهن سان ٻيو ڪو ڏسي يا ناپسنديده محسوس ڪري، ڪنهن جي هروڀرو ويجهو بيهڻ يا ڪپڙن يا جسم سان لڳي بيهڻ، ڪنهن کي هيٺان کان مٿي تائين ڏسڻ، ڪنهن جو نقل ڪرڻ، اهڙا اشارا ڏيڻ، جنهن جو مطلب جنسي محسوس ٿئي، چھري جا جنسي تاثرات ڏيڻ، گهنج ڪرڻ، هوائي اشارا، چپن جا اشارا ڏيڻ، اهڙا جسماني هٿن سان يا ٻيا اشارا ڏيڻ، جنهن جو مطلب جنسي ڏيک لڳي، ڪنهن جو رستو روڪڻ، ڪنهن جو پيڇو ڪرڻ، ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي اهڙا سوال آھن.
جنسي هراسمينٽ نوڪري وارن ماڻھن، شاگردياڻين، گهرن ۾ ڪم وارين ماين، هم جنس باز ڇوڪرين، ڇوڪرن ۽ ايتري تائين جو مردن يا ڇوڪرن سان به ٿئي ٿي. جنسي هراسمينٽ ھڪ قانوني نقطو به آھي. يعني اهو قانون جي دائري ۾ اچي ٿو. گهر ۾ ڪم ڪندڙ ماين سان جنسي مسئلا تمام گهڻا آھن. عام طور جنسي هراسمينٽ ۾ متاثر عورتون ئي ٿين ٿيون. جنسي هراسمينٽ جو آخري ڏاڪو جنسي زيادتي Rape ڪرڻ آھي. ريپ جبري سيڪس ڪرڻ آھي، پر ڪنهن نوڪري جي آڙ وٺي يا شاگردياڻي کي امتحان ۾ پاس ڪرڻ، ناپاس ڪرڻ يا گهٽ وڌ مارڪون ڏيڻ، پروموشن ڏيڻ يا ڪا ٻي آڙ وٺي حراسان ڪرڻ ئي آھي.
هي دنيا اڃا به وڌيڪ بگڙيل آھي. ڊجيٽل دنيا ۾ ڪپڙن کان آجيون تصويرون، وڊيوز ۽ ذاتي ڳالهه ٻولهه ڪري ڇا ڇا نه ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ هراسمينٽ جو قانون ڪنهن به انسان جي عزت ۽ وقار تي ڪم واري جڳهه يا عام جڳهن تي بيعزت ڪرڻ يا جنسي طور هراسان ڪرڻ وغيره کي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 509/1860 قانون ۾ هڪ اهڙو ڏوهه آھي، جنهن ۾ 3 سال تائين يا 5 لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي اچي سگهن ٿا. ڪل اهڙا 6 قانون آھن، جيڪي عورت کي هراسمينٽ ۽ ٻين اهڙن جنسي زيادتي کان روڪڻ ۾ ۽ ڏوهاري کي سزا ڏين ٿا. اهڙي ڏوهاري کي ٻيون ننڍيون وڏيون سزائون به آھن، جيڪي 9 هراسمينٽ جا قانون آھن، اهي هر شاگرد يا شاگردياڻي، عورت يا مرد يا ٽرانسجيڊر کي اچڻ کپن.
اهي قانون عورت ۽ ٻين کي مضبوط ڪن ٿا، جنهن ۾ ننڍي يا وڏي هراسمينٽ کي هو منهن ڏيڻ جي قابل ٿئي ٿو. پاڪستان صنفي متڀيد ۾ هيٺئين درجي تي آھي. عورتن کي وڏا چئلينجز آھن، اهي گهر ۾ به گهريلو تشدد، ڪم واري جڳهه يعني ٻنين، ڪارخانن، آفيسن، تعليمي ادارن، عام پبلڪ جڳهن تي وڃڻ ۾ هراسمينٽ موجود آھي. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 99 سيڪڙو عورتون پاڪستان ۾ زندگي جي موڙ تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ڪنهن نه ڪنهن جنسي هراسمينٽ جو شڪار ٿيون آھن، پر جي اوهين عورت آھيو ته ڏينهن ۾ عوامي جڳهن تي اهو هر ڏهاڙي جو کيل تماشو آھي. هر انسان جو مانُ Diginity پاڪستاني قانون ۾ موجود آھي.
عورتون ان بابت اڪثر ڄاڻن ئي نٿيون. اهي رپورٽ ۽ مدد به نٿيون گهرن. رپورٽ ڪرڻ جو سرشتو به ڏکيو آھي، جو اهي اهڙا ادارا ويجهي سطح تي موجود ئي ناهن. مرد به ان بابت گهٽ ٿا ڄاڻن ۽ اهي سماجي فرق طاقت جي توازن ۽ پدر شاهي قدرن ۽ ڏند ڪٿائن ۽ عقيدن ۾ سندن برتري ۽ صدين کان طبقاتي اوچ نيچ سبب کيس موقعو ملي ٿو ته هو اهو عمل ڪندو رهي ۽ پاڪستان توڙي سنڌ سطح تي راڄوڻي تي آجو ٿي وڃي ٿو. اهي قبائلي فيصلا ۽ Quasi Tribal Laws اهڙن فيصلن سان ڀريا پيا آھن. پاڪستاني قانون جو سيڪشن ,509,510 پي پي سي 1860، سيڪشن 366A /1860, 354A/1860,سيڪشن 294/1860، سيڪشن 3 ايڪٽ 2010، سيڪش 2(H)2010 ايڪٽ، عورتن جي عوامي جڳهه تي بيحرمتي ڪرڻ، ننڍي ٻار سان جنسي زيادتي ڪرڻ، ڪم واري جڳهه تي جنسي حراس ڪرڻ بابت سزا جو پورو طريقيڪار رکن ٿا. ٻئي طرف ننڍيون سزائون الڳ آهن. جهڙوڪ پروموشن روڪڻ، پوئتي موٽائڻ، ڏنڊ وجهڻ، معاوضو ڀري ڏيڻ ۽ وڏيون سزائون جهڙوڪ: هيٺئين گريڊ ۾ موڪلڻ ۽ ٻيون سزائون اچي وڃن ٿيون. اچو ته مقابلو ڪريون!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button