ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لانگ مارچ يا فساد مارچ

Editorial-Article- Muhammad Ali Leghari

پاڪستان جي سياسي ۽ ميڊيائي حلقن ۾ پي ٽي آءِ طرفان متوقع لانگ مارچ تي بحث مباحثا ٿي رهيا آهن. ٻئي طرف حڪومت ۽ عمران خان جي وچ ۾ لفظن جي لڙائيءَ به شديد ٿي وئي آهي. عمران خان هن ڀيري لانگ مارچ کي حقيقي آزادي مارچ ۽ چورن خلاف جهاد قرار ڏئي رهيو آهي. پي ڊي ايم جي حڪومت جي نظر ۾ هيءَ حقيقي آزادي لانگ مارچ ۽ جهاد نه پر فساد مارچ هوندو. حڪومت جو موقف آهي ته هن وقت معيشت بي حال آهي، ملڪ جو ذري گهٽ ٽيون حصو مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻڏل آهي. تنهنڪري اهڙي وقت ۾ عمران خان طرفان هيءَ لانگ مارچ نه پر فساد مارچ ئي چئي سگهجي ٿو. ان ڪري حڪومت اهڙي ڪنهن عملَ جي اجازت نه ڏيندي پر تنهن باوجود عمران خان حقيقي آزادي مارچ تي بضد آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان حقيقي آزادي مارچ ۽ جهاد جي مهم تي نڪتل آهي. جنهن ڪري هر جلسي ۽ ميٽنگ ۾ باقاعده هٿ کڻي بيعت وٺڻ لڳو آهي.
متوقع حقيقي آزادي مارچ کان اڳ به عمران خان پنجويهه مئي تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪري چڪو آهي. پنجويهه مئي تي پي ٽي آءِ طرفان جڏهن اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو ويو هو ته ان لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ وفاقي ڪابينا گهرو وزير رانا ثناءُ الله کي هر قدم کڻڻ جي اجازت ڏني هئي. حڪومتي انتظامن سبب سڀني ڏٺو ته پنجويهه مئي وارو لانگ مارچ تمام بُري طريقي سان ناڪام ٿيو هو. پنجويهه مئي واري لانگ مارچ ۾ پي ٽي آءِ کي خيبرپختون خواه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن جي حمايت حاصل هئي ۽ انهن ٽنهي وفاقي اِڪاين جا سربراهه سرڪاري مشينري ۽ سرڪاري وسيلن سان لانگ مارچ ۾ شامل هئا، سواءِ گلگت بلتستان جي وزيراعليٰ کي مري وٽ پنجاب پوليس طرفان زبردستي روڪڻ جي ڪئي. باقي پختون خواه جو وزيراعليٰ ۽ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم عمران خان سان گڏ اسلام آباد پهتا هئا.
هن ڀيري ٿيندڙ حقيقي آزادي مارچ وقت اسلام آباد جي چئني پاسن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي جنهن ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي حمايت وڏي اهميت رکي ٿي. گذريل لانگ مارچ ۾ پي ٽي آءِ کي پنجاب منجهان ڪا به خاطر خواه مدد نه ملي جنهن جو سبب پنجاب ۾ (ن) ليگ جي حڪومت هئي. وفاقي گهرو وزير طرفان لانگ مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ بهترين ۽ ساراهه جوڳا قدم کنيا ويا هئا. پنجاب مان اسلام آباد ڏانهن ويندڙ هر روڊ ۽ موٽرويز بند ڪيا ويا هئا. لاهور ۾ راوي پل سميت سمورن رستن کي بند ڪيو ويو هو، جنهن ڪري لاهور کان لانگ مارچ ۾ عوام ته ڇا پر پي ٽي آءِ پنجاب جي مرڪزي قيادت به نه پهچي سگهي هئي. پي ٽي آءِ لاهور جا سمورا اڳواڻ يا ته گرفتار ڪيا ويا يا ته اهي پاڻ ئي روپوش ٿي ويا هئا. گهرو وزير طرفان پختون خواهه مان عمران خان جي قيادت ۾ ايندڙ مارچ کي روڪڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي قائم اٽڪ پل تي رڪاوٽون وجهي بند ڪيو ويو هو. ڪشمير کان ايندڙ قافلن کي جهلم پل وٽ روڪيو ويو ۽ مظفرآباد مان وزيراعظم آزاد ڪشمير جي اڳواڻي ۾ ايندڙ قافلي کي مري جي آس پاس ۾ روڪيو ويو هو.
پنجويهه مئي واري ڏينهن شام پنجين وڳي تائين حالتون وفاقي حڪومت جي پلان موجب ڪنٽرول ۾ هيون جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ طرفان حڪومت کي حڪم ڏنو ويو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي اسلام آباد اچڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن ڀيري ٿيندڙ حقيقي آزادي مارچ کي عمران خان شايد پنجاب مان لانچ ڪندو ڇو ته اتي هاڻ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ عمران خان جي قيادت ۾ پنجاب مان وڏو ڪرائوڊ نڪرڻ جو امڪان پڻ آهن. پي ٽي آءِ جي پوري قيادت جو زور هن ڀيري پنجاب مان ماڻهو ڪڍڻ تي هوندو. ان جو سبب هيءَ آهي ته جيڪڏهن پنجاب مان عوام نه ايندو ته لانگ مارچ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي ويندو. جڏهن ته حڪومت پڻ باور ڪرائي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ۽ ڌرڻي سان حڪومت ختم ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. ڪنهن به قيمت تي کين ريڊ زون يا ڊي چوڪ تي اچڻ نه ڏنو ويندو. ان ڪري لانگ مارچ کان اڳ ئي اسلام آباد ۾ پنج سو ڪنٽينر رکي ڇڏيا آهن ۽ آرٽيڪل 145 جي تحت ريڊ زون کي فوج حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسلام آباد پوليس جي مدد لاءِ رينجرز ۽ ايف سي پڻ اسٽينڊ باءِ هوندا.
ٻئي طرف عمران خان اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي للڪاري رهيو آهي. هن جي حقيقي آزادي لانگ مارچ کي ڪير به روڪي نه سگهندو. سندس بيانن ۾ تيزي آهي. جارحاڻي حڪمت عملي تحت پنجاب ۽ پختون خواهه حڪومتن کان (ن) ليگ جي ڪجهه اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيا آهن. پنجاب حڪومت کان وفاقي گهرو وزير جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪرايا ويا آهن. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ حڪومت منجهان تڙجڻ کانپوءِ بوکلاهٽ ۽ سياسي مونجهاري جو شڪار آهن. هڪ پاسي عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪري ٿو ته ٻئي پاسي وري هن جي حقيقي آزادي لانگ مارچ کي نه روڪڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ٿو. هڪ پاسي پي ڊي ايم جي قائم ٿيل حڪومت کي امپورٽيڊ چئي ڏينهن رات عوام کي ٻڌائين ٿا ته هيءَ چورن جي اسيمبلي آهي، ان ڪري اسين قومي اسيمبليءَ مان استعيفا ڏئي عوام جي عدالت ۾ آيا آهيون. جڏهن ته استعيفا باوجود سمورين سرڪاري مراعاتن سميت سرڪاري لاجز ۾ ترسيل آهن ۽ سندن سينيٽر ايوان جو حصو آهن. اهي سينيٽ جي هر اجلاس ۾ پڻ شريڪ آهن. هاڻوڪي اسيمبليءَ کي امپورٽيڊ چون ٿا ۽ هر ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺن پيا. اسپيڪر قومي اسيمبليءَ طرفان پي ٽي آءِ جي نو ايم اين ايز جا استعيفا منظور ڪرڻ کانپوءِ انهن سمورن تڪن تي هن وقت پي ٽي آئي طرفان اڪيلو عمران خان اميدوار آهي ۽ ڪلهه آچر واري ڏينهن انهن تڪن ۾ اليڪشن ٿي آهي. اهو ڄاڻيندي به ته سڀني تڪن تي کٽڻ جي صورت ۾ به کيس صرف هڪ سيٽ رکڻي آهي ۽ بقايا سمورين سيٽن تي هڪ ڀيرو وري ضمني اليڪشن ٿيڻي آهي؟ ته پوءِ عمران خان عوام سان هيءَ مزاق ڇو ڇا لاءِ ڪري رهيو آهي؟
پي ٽي آءِ آخر ڪيستائين عوام جي ووٽن سان هي مزاق جاري رکندي؟ نوَ تڪن تي قومي خزاني منجهان اسي کان نوي ڪروڙ جو خرچ ٿيڻو آهي. اهو خرچ عوام جي ڏنل ٽيڪس مان ٿيڻو آهي. ڇا انهن تڪن جي عوام کي حق ناهي ته انهن جا چونڊيل نمائنده اسيمبليءَ ۾ انهيءَ لاءِ آواز بلند ڪن؟ تنهنڪري عوام کي سمجهڻو پوندو ته عمران خان هن ملڪ ۾ فساد ۽ سياسي انتشار کي هوا ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري آمريڪي صدر پاڪستان مخالف بيان ڏنو آهي ته پاڪستان هڪ بي قاعده ائٽمي ملڪ آهي جنهن مان مراد ته پاڪستان ۾ اندروني عدم استحڪام آهي اپريل ۾ حڪومت مان تڙجڻ کانپوءِ هن وقت تائين پي ٽي آءِ سربراهه حقيقي آزادي عالمي سازش امر بالمعروف سميت مختلف ۽ هٿ ٺوڪيا بيانيه گهڙيندو رهيو آهي، جن جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي.
عمران خان جي هاڻوڪي پريشانيءَ جو سبب نومبر ۾ ٿيندڙ آرمي چيف جي مقرري آهي. لانگ مارچ جي تناظر ۾ عوام ۽ عسڪري ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهي ٿو. ڏٺو وڃي ته آرمي چيف جي مقرري خالص وزيراعظم جو اختيار آهي. معمول موجب جي ايڇ ڪيو منجهان نامزد ٿيل نالن منجهان ڪنهن هڪڙي نالي کي فائنل ڪرڻو آهي. عمران خان جي سياسي نابالغي ۽ خامين جو هڪ پهلو هيءَ به آهي ته هو ملڪ دشمن قوت طالبان سان ته ڳالهين لاءِ تيار آهي پر قومي مسئلن تي ملڪ جي سموري سياسي قيادت سان ويهڻ لاءِ تيار ناهي. عدالتن ۽ مقتدر حلقن طرفان ملندڙ مسلسل رليف کي به سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. جنهنڪري مستقبل قريب ۾ پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي جي صورت ۾ وڏي قيمت ڀرڻي پوندي. اهي ئي مقتدر حلقا ۽ عدالتون آهن جن جي ڪلهن تي چڙهي عمران خان اقتدار اعليٰ تائي پهتو هو. هاڻ عمران خان جي نظر ۾ اهي ساڳيا ادارا غدار، ملڪ دشمن ۽ مشرڪ ۽ ڪرپٽ ٿي مير جعفر ۽ مير صادق ٿي چڪا آهن، ڇو ته ادارن طرفان حال ۽ مستقبل ۾ عمران خان جي ڪنهن به ناجائز مدد ۽ حمايت کان انڪار ڪيو ويو آهي.
جمهوريت جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ هر غير آئيني ۽ غيرقانوني ڪم ڪيا. هن چور دروازي کان حڪمراني قبول ڪئي. ادارن جي سربراهن کي بليڪ ميل ڪري اپوزيشن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي حراسان ڪري ووٽ ورتا ويا، جن ڳالهين جو پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي ته ڪيئن هن مقتدر ادارن جي مدد سان اپوزيشن تي ڪيس ڪرائي انهن کي جيل ڀيڙو ڪرايو. بجيٽ اجلاسن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن کي حراسان ڪري ووٽ ورتا. ايتري قدر جو پنهنجن ميمبرن کي به حراس ڪري بجيٽ پاس ڪرايا. سندس هاڻوڪن اعترافن کان پوءِ ته ـمون کي جيڪڏهن اڌ اختيار به ڏنا وڃن ها ته شير شاهه سان مقابلو ڪري وڃان ها.” هاڻ عوام لاءِ اهو سمجهڻ مشڪل ناهي ته عمران خان واقعي بي اختيار ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم هو جنهن جا اعلان فقط ڀڀڪيون هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button