ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تَقوي جا گيت مايوسين کي ماتُ ڏِين ٿا

Editorial-Article- Iqbal Jakhro

قومن جي تاريخ جو پَتو اَڄُ به اُن جي شاعري ۽ نَثر مان پَوندو آھي. سِنڌ جي تَھذيب، ثَقافت سَماجي زِندگيءَ جو مَعيار ۽ سَڄي قوم جو عَڪس اَدب آھي. سنڌ جي ماضيءَ کي پَرکڻ لاءِ اَسان کي به اَسان جو اَدب ڏِسڻو پوندو! ٻوليءَ جي سُونھن اُن جو اَدب شاعري ۽ نَثر آھي. قومن جي روح مِزاج ۽ وَقت جي حالتن جو عَڪس اَدب ۾ موجود آھي. تَڏھن ته شاهه لَطيف، سَچل، سَرمست، شِيخ اياز ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اسان جي مَحفل ۾ اڄ به موجود آھن ۽ اَدبي سَفر اَڃان رَوان دَوان آھي. سِنڌ جي اَدب ۾ نَوان نَوان تَجربا به ٿِين پيا نَيون صَنفون مُتعارف ٿين پيون. سُٺا سُٺا شاعر پَنھنجي عَقلي جوھر جي اَپٽار ڪن ٿا. اُنھن مان اَڄ شاعريءَ جي مِيدان ۾ ھِڪ خُوبصورت نانءُ به ھر ڪنھن جي دل تي چٽيل آھي. سَندس شاعري جَڏھن نَظر مان گُذرندي آھي ته اَصل دِل خوشُ ٿي وِيندي آھي. مَحروميءَ جي بند ۾ ڀَٽڪڻ بدران ھِڪ باک ڦُٽندي نَظر آئي ته سِنڌ جي ھَنج ۾ اَڃان تَخليق جا گُل ڦُٽن پيا. سنڌ جي ڌَڙڪن ڪراچيءَ جي زمين تي اَکُ کوليندڙ سائين غَفور شاهه تَقوي روشن سِتارو آھي، حَساس اِنسان جي مَنَ ۾ ھِڪ مانڌاڻ مَتل ھوندو آھي. جِيئن جَبل ۾ لائو ڦاٽي پئي اِيئن سَندس جَذبا وَھي ھَلندا آھن.
تَخليق ۾ اھو جوھر ھُجڻ کَپي جو پَڙھندڙ جي دل ۾ وِلوڙيون، ڪي اُڌما ۽ جَذبا اُٿن ۽ پَڙھندڙ جي دِل ۾ شَعوري اَرتقا جو عَمل تيز ٿئي ۽ سَماج جي لاءِ ڪو مُثبت رُجحان جَنم وٺي. ھُن جي حَساس ۽ سَچيت دِل مان جيڪي فَني، فِڪري صَدائون آھون ۽ وِلولا اُسري اَسان جي دِلين تي ڌاڙا ھڻن ٿا. تخليق آھي ئي اَھڙي شَيءَ جا پَڙھندڙن جي سُتل ضَميرن ۾ اُڌما پيدا ڪري ۽ ماڻھوءِ جي قَلب ۾ تبديلي آڻي.

رئيس جو ڪُتو ريشم پائي،
غريب جو ٻار اُگهاڙو آهي.
ايئن لِکيل اِسلام ۾ ناهي،
هاري ڪَمائي وڏيرو کائي.!
سندس شاعريءَ ۾ اھو پيغام آھي جيڪو طبقاتي نظام کي به وائکو ڪري ٿو.
“سوشل مِيڊيا” جتي خَبر رَسائيءَ جو بِنهھ تيز ذَريعو بڻيل آهي، اُتي هِن پِليٽ فارم ڪِيئي لِڪيل ڏات ڌَڻين جي گُم ٿيل صَلاحيتن کي به ظاهر ڪيو آهي. سَاحلي پَٽيءَ سان تَعلق رَکندڙ جُمن پانڌياڻيءَ جو پُرسوز آواز جِيئن جو ڪَنَ تي پَوندو آهي ته آڱر بي اِختيار اِسڪرول بِيڪ ڪَندي آهي. “ائين ڪو وساربو آ جيئن تو ڇڏيو وساري” چاچي جُمن جي دَرد ڀَرئي آواز جي صَدا جو اَصل سوز ئي اُنهن لفظن ۾ سَمايل آهي ۽ سچ ته زَبان بي اِختيار اُهي ٻول جُهونگارڻ لَڳندي آهي، ڪيڏي نه اَذيت ڪِيڏي نه ڪَرب واري ڪِيفيت مان گذري هي دَرد واريون سِٽون اُڻيون هُونديون، “تقوي” هن غَزل ۾ سور کي لَفظن جو ويس اُوڍائي ڇڏيو آهي.
غَفور شاهه تَقوي جو اصل ڳوٺ سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر آھي سندس وڏڙا اتي رھندا ھئا پر سندس جنم ڪراچي ۾ ٿيو ھاڻي بہ ٺٽي جي سامونڊي ۽ ڪراچي ۾ به ڳوٺ اٿن. سنڌ جي تاريخ ۾ لاڙ جو ڪِردار سَدائين مُنفرد رهيو آهي. تَهذيبن جي عُروج جي وقت ۾ جَڏهن خِطي جي خُوشحاليءَ جي ضَمانت بَندرگاهون هُيون ۽ جَهاز راني پَنهنجي جُوڀن تي هُئي ته هي پَٽ دَرياءَ بادشاهه جي رَوانيءَ سان لَعلن جي مَٽ چانور پيدا ڪندا هئا. ڏيسارو وَڻج واپار سان بَندرگاھن جي ڀَر واريون وَسنديون شاهوڪار لِيکجڻ لَڳيون. سَمنڊ جِتي پَرڳڻي جي خُوشحاليءَ جو ضامن هو اُتي ئي پَرڳڻي جو صَدر دَروازو لِيکجندڙ بَندرگاهون پَرمارن ۽ حَملا آوارن جو به ذَريعو بَڻيا، پوءِ رَت جي راند رَچي بازارن کي لُٽي ڀَڙڀانگ ڪيو ويو ته ڪَڏهن وَسندڙ وِيڙهن کي ساڙي شَمشان ڪيو ۽ ڪَڏهن ته حُڪمرانيءَ جي هاڪَ هَنئي وَئي پر هن خِطي جي غِيرت ڌارِين جي حاڪميت کي قَبول ڪرڻ کان سدائين اِنڪار ڪيو ۽ اُن اِنڪار جو اِظهار هِتان جي ڏات ڌَڻين جي عِشق ۽ فِراق جي تَخيل ۾ مَزاحمت جي رُوح وِلوڙيندڙ جَذبن جي روپَ ۾ نِروار ٿيو ۽ اُها مَزاحمت هِتان جي خَمير ۾ شامل ٿي وئي.

“دودَن جي هِن ڌَرتيءَ تي هي ڌاريا ڌاڙيوال ڏِسو
يوپيءَ سي پيءَ ڪين سَٺا سي ڏِيهن جا نِيڪال ڏِسو
گهونا گهون “غَفور” اُٿو ڪو غير نه گُهرجي هاڻ هتي
وَڍَ وِجهو تِن وِيرين کي پوءِ ڇُڙو اڳن جا ڇالَ ڏس.

عَبدالغفور “تَقوي” جي شاعريءَ جي هڪ حُسنائڪي اها به آهي ته هُن لَفظن جو واڍو ٿِيڻ بَدران سادي ۽ سَولي ٻوليءَ جو اِستعمال ڪيو آهي، جيڪو فَهم ۽ شَعور جي ماپن سان گَڏ تَحت اَلشعور لاءِ آگاهيءَ جو اُهڃاڻ بَڻجي. وَٽس اُستاد بُخاريءَ جي تَخيل جَهڙو ڏانءُ آهي هن رڳو عِشق، سُونهن ۽ فِراق جي لَمحن جي نِشاندهيءَ سَميت ڌَرتيءَ جي دَردن جي تَرجماني ۽ ڌَرتيءَ جي بَقاءَ جي وِيڙهه وِڙهندڙ سُورهين لاءِ به نَغما سَرجهيا آهن . سِنڌ هِن وَقت جن گَهڻ رُخي لَلڪارن کي مُنهن ڏِيئي رَهي آهي، ان وَقت سِنڌ کي جَٽادار َتحريڪن ۽ مُنظم جَدوجهدن جي ضَرورت آهي ۽ يقينن مَزاحمتي اَدب ۽ شاعري جَدوجهد کي مايوسيءَ کان پَري رَکي اِنقلابي جَذبن ۽ وَلوِلن سان سَرشار ڪندي آهي. عَبدالغفور تَقوي به سنڌ جي هڪ باغي نسل جو شاعر آهي جَنهن جا گيت مايوسين لاءِ مات ۽ عوام لاءِ اميد آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button