ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي وڏي وزير جو اعتراف

Editorial

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاڳيتو ٽيون ڀيرو حڪومت ڪري رهي آهي. ڪنهن به چونڊيل حڪومت جو فرض هوندو آهي ته اها عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري، ان کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري ۽ ان کان سواءِ پنهنجن تڪن ۾ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ به حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي. پر چونڊجڻ کان پوءِ نه ته اسان وٽ حڪومتي نمائندا عوام جي سار لهڻ پسند ڪندا آهن ۽ نه ئي انهن جي ترجيحن جي عوام جا مسئلا هوندا آهن. تنهنڪري عوامي مسئلا حل نه ٿيڻ جو شڪايتون ته ڪندو آهي ته ان سان گڏ اهو احتجاج جو سلسلو به جاري ڪندو آهي. تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اهو اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت نوڪريون نه ڏئي سگهي آهي، چونڊن کان پوءِ نوڪريون ڏنيون وينديون.
سنڌ جي وڏي وزير اعتراف ڪيو آھي تھ سنڌ ۾ نوڪريون نه ڏئي سگهيا آهيون، چونڊن کانپوءِ ميرٽ تي نوجوانن کي نوڪريون ڏينداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچيءَ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جڏهن ته لياري ۾ تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. لياريءَ ۾ سماجي تنظيم جي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته لياريءَ ۾ هميشه اسان سهولتون ڏيندا رهيا آهيون، جڏهن ته ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. وڏي وزير اعتراف ڪيو ته هو سنڌ ۾ نوڪريون نه ڏئي سگهيا آهن، سندس چوڻ هو ته اليڪشن کانپوءِ ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته لياريءَ جي ميرٽ سڀني کان مٿي آهي، سنڌ ۾ ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي نوڪريون نه ڪرڻ تي فارغ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد شاهه موجب سرڪاري اسپتالن اندر اڃا به ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، جلد اھو مسئلو بھ حل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي عمران خان تي تنقيد ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پهرين عمران خان کي ڪٺپتلي چيو ويندو هو پر هاڻي هو پاڻ کي ڪٺپتلي چئي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڏينهن جي شروعات شهر ۾ تازين برساتن سبب تباهه ٿيل مختلف روڊن، ڊرينيج سسٽم ۽ طوفاني نالن جي مرمت ۽ سار سنڀال جي ڪمن جو جائزو وٺندي ڪئي، جنهن تي 1 ڏهائي 25 ارب رپيا لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي مختلف روڊن جي پيچ ورڪ، ڊرينيج ۽ اسٽرم ڊرين جا 25 ڪم 16 سيپٽمبر کان شروع ڪيا ويا جن کي 45 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو. انھيءَکان پھرين سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي چيو تھ مون کي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻو آھي، تنهن ڪري مان اڄ انهن ڪمن جو سرپرائز دورو ڪرڻ چاهيان ٿو. وڏي وزير ۽ سندس ڪابينا جا ميمبر ليبر صوبائي وزير سعيد غني، مڪاني ادارن واري وزير ناصر حيسن شاهه، اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، خاص مددگار وقار مهدي ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نجم شاهه پڻ ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي شاھراھھ لياقت ۾ ٿيل روڊن جي مرمت ۽ برساتي نالن جي بحالي، مرمت ۽ برساتي نالن جي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو ويو. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي ايم سي 230 ملين رپين سان ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها نه رڳو عوام کي روزگار ڏئي پر ان سان گڏ هر قسم جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن عوام کي اهو احساس ٿئي ته هن پنهنجو ووٽ ڏئي بهتر نمائندن جي چونڊ ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪا پارٽي لاڳيتو ٽي ڀيرا اقتدار ۾ رهڻ کان پوءِ به عوام کي روزگار فراهم نه ڪري سگهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها ان معاملي ۾ سنجيده ناهي ۽ نه ئي اها عوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اها عوامي ووٽن سان اقتدار ۾ آئي آهي، جيڪڏهن اها عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ سنڌ حڪومت ڪنهن به ريت عوام کي لاڀ ڪانه پئي ڏئي. نتيجي ۾ عوام جون پريشانيون وڌي رهيون آهن ۽ اهو تڏهن به سنڌ حڪومت ڏانهن واجهائي رهيو آهي. عوام کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ رڳو ايندڙ چونڊن جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي پر اهو سلسلو هاڻي کان ئي شروع ڪرڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ عوام جي معاشي حالت بهتر ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button