رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ٻھ ڀيرا چيمپئين رهندڙ ويسٽ انڊيز کي شڪست

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائي رائونڊ ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻيو اپ سيٽ ڪندي ايونٽ جي ٻھ ڀيرا چيمپيئن رهندڙ ٽيم ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق هوبارٽ جي ميدان تي کيڏيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٽين ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ ويسٽ انڊيز کي 42 رنسن تان شڪست ڏئي فتح پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. اسڪاسٽ لينڊ 5 وڪيٽن تي 160 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جارج منسي 66 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي فتح ڏيارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن تھ ڪيلم ميڪليوڊ 23، مائيڪل جونز 20، رچي بيرنگٽن 16 رنسون ٺاهيون آهن.

ويسٽ انڊيز جو بيٽر شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

ويسٽ انڊيز جي بالرن مان الزاري جوزف ۽ جيسن هولڊر 2،2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن ويسٽ انڊيز جي سڄي ٽيم 118 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ جيسن هولڊر 38 رنسن سان نمايان رهيو، ٽيم جا 6 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيا. جڏهن تھ اسڪاٽ لينڊ جي مارڪ واٽ 3، براڊ ويل ۽ مائيڪل ليسڪ 2،2 آئوٽ ڪيا. بيٽر جارج منسي 66 رنسن ٺاهڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button