
بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ميچ دوران بنگلاديش جي وڪيٽ ڪيپر نورالحسن جي غلطي تي امپائر نو بال جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. آئي سي سي جي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي تھ مصدق حسين جي بال تي وڪيٽ ڪيپر نور الحسن زمبابوي جي بيٽر بليسنگ مزارباني کي پڪڙيو، جنهن تي نو بال قرار ڏنو ويو آهي.