رانديون

بنگلاديش زمبابوي کي رڳو 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي ميچ ۾ زمبابوي کي دلچسپ مقابلي بعد رڳو 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اهم مقابلي ۾ بنگلاديش 7 وڪيٽن تي 150 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر نجم الحسن شنٽو جون 71 رنسون شامل آهن. جڏهن تھ ڪپتان شڪيب الحسن 23، عفيف حسين 29، لٽن داس 14 رنسون ٺاهيون. زمبابوي جي بالرن رچرڊ نگروا، بليسنگ مزارباني 2،2، سڪندر رضا، سين وليمز هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. هدف پويان کيڏندي زمبابوي 8 وڪيٽن تي رڳو 147 رنسون ڪيون، جنهن ۾ سين وليمز 64 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي، ريان بري 27 ۽ ريگس چڪابووا 15 رنسون ٺاهيون آهن، باقي بيٽر ڊبل ڊجيٽ ۾ بھ آيا. بنگلاديش جي تسڪين احمد 3 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button