منھنجا گهر ڀاتي اباڻي وطن جوھي گهمڻ ويا، ٽن ڏينھن کانپوءِ واپس حيدرآباد پھتا ته سندن سامان ۾سرنھه جي ڪچڙي ڪچڙي ساڳ سان گڏ تازي تازي پالڪ به ھئي. ساڳ ۽ پالڪ جي تازي تازي ھُٻڪار پلازا جي ننڍڙي فليٽ کي مھڪايو پئي. ھن مُند ۾ ھر سال جڏھن ڳوٺان ٿي اچبو آھي ته گهر ڀاتي ائين ئي سرنھه، ڄانڀي جو ساڳ ۽ باقي ڀاڄيون ترڪاريون کڻي ايندا آھن. ڪاڇو وُٺو آھي، ان ڪري ڪاڇي جي سرنھه جي ته توقع ھئي پر سامان جي ڳنڍڙين ۾ پالڪ جو ھجڻ منھنجي لاءِ غير متوقع ھو، ڇو ته منھنجي گهر جوھيءَ مان ايندڙ پالڪ ۽ باقي ترڪاريون ته سائين سليمان رند جي ٻنيءَ مان اينديون آھن، جيڪا رنگ بند کان ٻاھر ھئي ۽ ٻوڏ جو پاڻي لھڻ ۽ گپ ھجڻ ڪري اتي پالڪ ٿيڻ جو امڪان نه ھو. ان ڪري مون گهر وارن کان سوال ڪيو ته ڇا ھيل، ڪاڇي ۾ پالڪ به پوکي ويئي آھي؟ جنھن جو جواب مليو ته اھا پالڪ سائين سليمان رند جي ٻنيءَ ۾ ئي ٿي آھي، جتان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي. جڏھن ته چينجاڻي شاخ جي اوڀر ۾ ڪڻڪ پوکڻ جي تياري ٿي رھي آھي. جوھي تعلقي جو ذري گهٽ اسي سيڪڙو علائقو ۽ 70 سيڪڙو آبادي ڪاڇي تي مشتمل آھي ۽ جوھيءَ جي مارڪيٽ جي ريل پيل جو گهڻو تڻو دارومدار به ڪاڇي جي زراعت سان لاڳاپيل آھي. ڪاڇي ۾ ھن وقت جوئر، گوار، ڄانڀو، سرنھه ۽ تر ججهي مقدار ۾ پوکيا ويا آھن ۽ پڪي ۾ ٻوڏ ھجڻ ڪري گهڻا خاندان ڪاڇي جي ڪکاون گهرن، پنھنجي فصل واري ٻني ۾ ئي رھيل آھن.
جوھي شھر ۽ ان جي باقي ننڍن شھرن ۽ وسندين کي دادو ۽ انڊس ھاءِ وي سان ملائيندڙ رستا اڃا پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آھن، ڇو ته ٻوڏ جو پاڻي ھن وقت به ڇنڊڻ يعني ايم اين وي ڊرين جي الھندي ڪڙ سان گڏ منڇر ڏانھن وھي رھيو آھي. سامان سڙو، ڀاڄيون، دوائون، روزمرہ جو سامان دادوءَ مان ٻيڙي يا ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي گهرائڻو پوي ٿو، جيڪو انتھائي مھانگو پوي ٿو ۽ مھانگو وڪرو ٿئي ٿو. پر جوھيءَ جي زندگيءَ جي آزمائش وارين گهڙين ۾ ڪاڇي جو سرسبز آباد ٿيڻ ۽ ڪجھه بيراج ايريا ۾ ڪي سبزيون ترڪاريون ٿيڻ ۽ شايد مقامي بوسي طريقي سان ڪڻڪ ٿيڻ جي اميد ڪنھن نعمت کان گهٽ ناھي.
31 آڪٽوبر واري “سنڌ ايڪسپريس” کي انٽرنيٽ تي ڏسندي خيال آيو ته ڇو نه ٻوڏ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل سنڌ جي علائقن جون خبرون ڏسجن. سنڌ ايڪسپريس جي ٻئي صفحي تي ذري گهٽ ٻاويھه خبرن ۾ ٻوڏ ۽ ان جي پاڻي نيڪال ٿيڻ جي ڪا خبر ڪانه ھئي. جاتيءَ ۾ فلٽر پلانٽ متعلق احتجاج، لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جوڙِي جي نياڻيءَ جي مبينه قتل تي احتجاج، دادو ۾ دڪان تي مبينه قبضي، مورو ۾ ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ، نصيرآباد ۾ صحافي کان ڦر، خيرپورميرس ۾ بااثر جوابدار خلاف احتجاج، ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني، حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ باڊهه کي تعلقي جي حيثيت ڏيڻ جون خبرون ھيون جنھن مان اندازو ٿئي پيو ته سنڌ جو ماڻھو ٻوڏ ۾ برباد ۽ دربدر ٿيڻ باوجود پنھنجي مدد پاڻ ھيٺ پنھنجي روزمرہ جي ڪرت سان لڳي ويو آھي. اخبار جي بيڪ پيج تي سنڌو درياهه جا قدرتي لنگھه رستا بحال ڪرڻ جي حوالي سان ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ ھڪ سيمينار جي خبر آھي. ھڪ ٻي خبر ٽنڊو آدم شھر مان سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر پاران روڊ جي ڪٽ مان پاڻي نيڪال ٿيڻ واري ھنڌ گُندڙا ھڻي رستو بحال ڪرڻ جي آھي. جڏھن ته اڳئين صفحي تي سنڌ جي وزيراعليٰ جي بيان جي خبر آھي ته سنڌ مان 70 سيڪڙو برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي ۽ باقي پاڻي به جلدي نيڪال ڪرائي ربيع جو فصل ڪرايو ويندو. انھي خبر سان گڏوگڏ اسلام آباد مان خبر آھي ته ھن سال ڪڻڪ جو پيداواري هدف 28 ڏھائي 37 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو آھي. ساڳي ڏينھن واري انگريزي روزنامي ڊان اخبار ۾ پوئين صفحي تي اھم خبر گڏيل قومن جي ھڪ اداري جي حوالي سان ھيٺئين سرخي طور ڏنل آھي ته “ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي 98 سيڪڙو زرعي زمين ايندڙ فصل لاءِ تيار آھي، ان ڪري ڪوشش ڪري آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي سھولت مھيا ڪئي وڃي.”
ڪجھه ڏينھن کان چيو پئي ويو ته سنڌ ۾ ھن سال ڪو به فصل نه ٿيندو، تنھن کي سنڌ جي ماڻھن جي حيران ڪندڙ پاڻمرادي سرگرمي غلط ثابت ڪيو آھي ۽ اھو انھيءَ ڳالھه کي به ثابت ٿو ڪري ته رياستون ۽ ادارا ٺھڻ کي ته 200 سال به نه ٿيا آھن پر اھڙين ٻوڏن ۽ برساتن کي منھن ڏيڻ، سنڌ ۽ سنڌ واسين جي جاکوڙ ۽ جدوجھد جُڳن کان ۽ گهڻي پراڻي آھي.
سنڌ جو زرخيز خطو اولهھ ۾ کيرٿر ۽ اوڀر ۾ ٿر جي صحرا وچ ۾ پنھجي ئي زرخيز لٽ جو تحفو آھي، جيڪو سنڌو درياهه جي ٻنھي پاسي گڏائي 150 کان 200 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ تقريبن ھڪ ھزار ڪلوميٽر ڊگهو آھي. گُڊو کان مٿي جتان اڄ جي سرزمين سنڌ شروع ٿئي ٿي، سو ماڳ سمنڊ جي سطح کان ساڍا ٽي سئو فوٽ مٿي آھي. جنھن جو مطلب ته ذري گهٽ ھڪ ھزار ڪلوميٽر ڊيگهھ ۾ موجود پاڻيءَ کي فقط ساڍا ٽي سئو فوٽ ھيٺ سمنڊ ۾ ڪرڻو آھي ته پوءِ ايتري معمولي لاھينديءَ ۾ پاڻيءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ ته تمام گهڻو وقت وٺندو ھوندو جنھن کي ھاڻي ته الائي ڪيترا روڊ رستا وسنديون رڪاوٽ جي صورت ۾ موجود آھن. ان ڪري انھيءَ پاڻيءَ سان نڀائڻ به سنڌ سکي ورتو آھي، جنھن جي ڳولھا ڦولھا کانپوءِ تاريخ ۾ گس ۽ پيرا ملي پوندا. ڪچو، ڪاڇو، ٿر ۽ ڪوھستان جو ماڻھو سال ۾ ھڪ ڀيرو ھڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ طرف ويندو پئي رھيو آھي. سانوڻ وسندو آھي، ڪچو ٻڏندو آھي ته سنڌوءَ جي الھندي ڪچي ۽ ڪنڌي وارا ماڻھو ڪاڇي ۽ ڪوھستان ڏانهن ھليا ويندا ھئا ۽ اڀرندي ڪچي ۽ ڪنڌي وارا ماڻھو بدين ذريعي ٿر جو رخ ڪندا آھن. سانوڻ ۽ درياهه ۽ ڪچي ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ اھي ماڻھو درياهه جي ٻوڏ لھڻ کانپوءِ ڪچو ۽ بيراج علائقو آباد ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي جي مند ۾ واپس پنھنجي اڳين ماڳن ڏانھن موٽي ايندا آھن. انھيءَ وقت جي سنڌ واسين جا ڪچي ڪاڇي، ٿر ۽ ڪوھستان ۾ ڪکاوان گهر ھوندا ھئا، جن تي ڪو گهڻو کشٽ ۽ ڪشٽ ڪونه ٿيندو ھو ۽ ٿوري لم ٺپ کانپوءِ اھي گهر رھائش لاءِ تيار ھوندا ھئا.
ھن ڀيري جڏھن برساتي ٻوڏ اوچتو قھر کڻي آئي ته ھيڪر ماڻھو روڊن رستن بندن ۽ تنبن ۾ ويھي رھيا ۽ ڪجھه انتظار به ڪيو ويو ته متان ڪا سرڪاري واھر ٿئي پر اھو سمجهڻ ۾ سنڌ واسين کي ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳو ته پنھنجي مڙسي نه ڪبي ته نه واپس پنھنجي ماڳن ڏي وڃي سگهبو نه وري ايندڙ فصل ئي ٿي سگهندو. ماڻھن پنھنجي مقامي لوڪ ڏاھپ کي ڪتب آڻيندي، پنھنجي ماضي ڏانهن موٽ کائيندي، تاريخ ورجائيندي آسپاس جي ماڻھن، وسندين سان پراڻا رابطا بحال رکيا، ھڪٻئي کان معلومات به ورتي ۽ سرڪار جي مدد ۽ انتظار ۾ ويھڻ بدران پنھنجون ٻنيون دنگ ھڪٻئي جي مدد سان پاڻي کان خالي ڪيا ويا بلڪه پنھنجي ماڳن ڏانھن موٽي پنھنجي زمينن کي آباد ڪرڻ جي رٿا بندي به ٿي رھي آھي. جڏھن ته سنڌ حڪومت اڃا تائين پنھنجون اوليتون طئي ڪرڻ ۾ پوري آھي ته پھريان روڊ رستا بحال ڪجن پوءِ پاڻي نيڪال ڪجي، پوءِ زمين جي ريج ھيٺ ٿئي ۽ پوءِ ڪھڙو ۽ ڪيئن فصل ھجي ان جي تياري ڪجي.
ھڪڙو سبق ھن ٻوڏ ۾ سامھون آيو آھي ته عوامي سرگرمي ۾ سگھه ھئي، اتي حُڪومت کي ماڻھن سان گڏ بيھڻو پيو آھي پر جتي فقط ۽ فقط سرڪار تي ڀاڙيو ويو، اتي نه فقط شھر وسنديون ٻُڏيون بلڪه اتي ھن وقت تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. ھن ٻوڏ جي دل جهوريندڙ داستان خيرپورناٿن شاهه، جھڏو ۽ ٺري ميرواهه شھرن جو آھي. خبرن مطابق 28 آگسٽ جي ڏينھن ڪجهه ڪلاڪن جي سرگرميءَ سان خيرپور ناٿن شاهه جي ماڻھن 32 لک روپيه چندو ڪري ورتو پر سرڪاري ڪارندن جي ھٿ ھمراھي نه ڪرڻ ۽ عوامي نمائندن جي غيرسرگرميءَ جي نتيجي ۾ اھا پھل ڦلدائڪ نه ٿي سگھي ۽ ھڪ لک آباديءَ جو خوبصورت شھر گندي پاڻيءَ جي ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويو. پر پوءِ خيرپور ناٿن شاهه سکي ورتو جتي غيرمعمولي ۽ ڪمال جي انفرادي توڙي گڏيل سرگرمين جنم ورتو. نتيجي ۾خيرپور ناٿن جو شھر ڪافي شھرن کان اڳ روڊ رستي بحال ٿيو آھي. انھي ۾ شھرين جي پاڻمرادو سرگرميءَ جو اھم ڪردار آھي. ائين ساھتيه پرڳڻي جون جيڪي وسنديون گندي پاڻيءَ مان آزاد ٿي فصل لائق ٿي رھيون آھن. انھيءَ ۾ به مقامي ماڻھن جو پورھيو ۽ ڦوڙيءَ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ماڻھو پنھنجي حال سارو چندا، ڦوڙيون ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪري ربيع جي فصل لاءِ زمين تيار ڪري رھيا آھن. جڏھن ته انھي معاملي ۾ حُڪومت جو ڪردار اھو ناھي، جيڪو جديد رياست جي دين آھي. جيئن اھڙين آفتن جي نتيجي ۾ ڪيوبا سميت ڏکڻ آمريڪا، فلپائين، جاپان ۽ آسٽريليا ۾ ٿيو آھي اھو سڀ ڪجھه انھي ڳالهھ جو اهڃاڻ آھي ته پراڻي پنچائتي نظام، ڀائيپي، برادري، پاڙيگيريءَ جي ھاڻي به اھميت موجود آھي، جنھن کي استعمال ڪري گهڻو ڪجھه ڪري سگهجي ٿو. گڏيل قومن جي ھڪ اداري جي مٿي ڄاڻايل رپورٽ مطابق سنڌ جي 98 سيڪڙو زمين فصل لاءِ تيار آھي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اھو ڪجي ته جتان پاڻي نڪري ويو آھي اتي ڀڳل واهه ٻڌجن آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي سھولت به ڏجي.
2010ع جي ٻوڏ به درياهه جي ساڄي ڪنڌيءَ جي ڇھن ضلعن کي تاراج ڪري لکين ماڻھو دربدر ڪري ڇڏيا ھئا ۽ خيرپورناٿن شاهه شھر تڏھن به گندي پاڻيءَ جي ڍنڍ بڻجي ويو ھو پر پوءِ ماڻھو پنھنجي پيرن تي به بيٺا ۽ انھي علائقي ۾ ربيع جي مند ۾ فصل به ٿيا، جن ۾ انھي علائقي ۾ وسيع پيماني تي تازو وارد ٿيل، سورج مکيءَ جو پيلو فصل ته نظر ۾ ئي نه پئي ماپيو ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي ھڪ لک آباديءَ جو شھر زندگيءَ جي بھار سان واسجي ويو ھو.
ھاڻي به سنڌ جا ماڻھو ضرور آباد ٿيندا، سرنھه جا پيلا گل ڦلھار بڻجي ھر وسنديءَ کي واسي به ڇڏيندا ۽ سورج مکيءَ جي پيلي گل ۾ موجود تيل سنڌ جي سينڌ جو سيندور بڻجي کيس خوشحاليءَ جي ھڪ نئين سفر ڏانهن وٺي ويندو. ڇو ته ٻُڏي، تري، اٿي، بيھڻ سنڌ جي تاريخ آھي. پر پوءِ اھو به ياد رھندو ته انھيءَ مشڪل، اذيت ۽ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ کيس جديد رياست، ان جا گهربل وسيلا، ان جا ادارا نه مصيبت کان اڳ خبردار ڪرڻ ۾ نه دربدريءَ ۾ اٽي لٽي اجهي لاءِ نه وري بحاليءَ ۾ ھٿ ھمراھي ٿيا، جن تي ملڪ جي آئين قانون ۽ ماڻھن جي ڀروسي ذميواريون عائد ڪيون ھيون. اھي ذميواريون جن جي نڀائڻ سان قومي قيادت بڻبي آھي ۽ قومون به بڻبيون آھن، جيڪي دنيا آڏو غيرمعمولي عظيم قوم جو مثال ٿي سامھون اينديون آھن.