رانديون

پاڪستان کي ملهه ماريندڙ زمبابوي ٽيم جي نيڌرلينڊ هوا ڪڍي ڇڏي

پاڪستان کي اپ سيٽ شڪست ڏيندڙ زمبابوي ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر-12 مرحلي ۾ نيڌرلينڊ 5 وڪيٽن تان مات ڏئي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي، ٻئي ٽيمون ميگا ايونٽ ۾ سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر آهن پر آخري دنگل ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو. ايڊيليڊ جي ميدان تي زمبابوي جي ٽيم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 هين اوور ۾ 117 رنسن تائين محدود ٿي وئي، آل رائونڊر سڪندر رضا 24 بالن تي 40 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي جنهن ۾ 3 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا. ان کان علاوه شان وليمز 28 رنسن سان نمايان رهيو. جواب ۾ نيڌرلينڊ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوورن ۾ هدف حاصل ڪري ورتو، ميڪس اوڊائوڊ ففٽي هڻي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته آخري اوورن ۾ بيس ڊي ليڊ مخالف بالر شان وليمز کي چوڪو هڻي پنهنجي ٽيم جا ٻيڙا پار ڪيا، ميڪس اوڊائوڊ کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button