پاڪستانرانديون

بنگلاديش کي 5 رنسن تان شڪست، ڀارت اڳتي وڌي ويو، پاڪستان جا امڪان ختم

ڀارتي ٽيم ورلڊڪپ جي سپر-12 مرحلي ۾ بنگلاديش کي برسات متاثر مئچ ۾ 5 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ سيٽ پڪي ڪري ورتي، جڏهن ته پاڪستان جا اڳئين رائونڊ ۾ پهچڻ جا امڪان لڳ ڀڳ ختم ٿي ويا آهن. ايڊيليڊ جي ميدان ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي 23 هين مئچ ۾ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽڻ بعد پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته ڀارت طوفاني انداز ۾ بئٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 184 اسڪور ڪيو، جنهن ۾ لوڪيش راهول ۽ ويرات ڪوهلي جون ففٽيون شامل هيون. بعد ۾ برسات پوڻ ڪري ٻي اننگز کي 16 اوورن تائين محدود ڪيو ويو ۽ بنگلاديش کي کٽڻ لا رهيل اوورن ۾ 151 رنسن جو ٽارگيٽ مليو، جنهن جي جواب ۾ بنگالي ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنسون ٺاهي سگهيا. اوپنر لٽن داس صرف 26 بالن تي 60 رنسون ٺاهڻ بعد رن آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ٻين رانديگرن مان نجم الحسن شانتو 21 ۽ ڪپتان شڪيب الحسن 13 تائين محدود رهيا. ٻي شڪست ملڻ ڪري بنگلاديشي ٽيم جي ميگا ايونٽ مان واپسي يقيني آهي، جڏهن ته ڀارت ٽن ڪاميابين سان سيمي فائنل ۾ سيٽ پڪي ڪري ورتي ۽ پاڪستان جا امڪان ختم ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button