اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف قتل جي جاچ تيز،دبئي مان طارق نالي شخص فون ڪئي هئي، 22 ماڻهو شڪ جي دائري ۾

ڪينيا ۾ قتل ڪيل سينيئر صحافي ارشد شريف جي ڪيس ۾ جاچ لا ويل ٻه رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم اهم شاهديون هٿ ڪري ورتيون آهن، مقتول صحافي سان گڏ گاڏي ۾ ويٺل خرم ۽ سندس ڀا وقار احمد کي دبئي مان جنهن شخص ارشد شريف کي رهائڻ لا پارت ڪئي هئي، ان جو نالو طارق ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته ارشد شريف جو موبائيل فون، آ پيڊ ۽ ٻيون شيون اڃا تائين ڪينيا جي اختيارين جي تحويل ۾ آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لا حڪومتي سطح تي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ذريعن موجب ارشد شريف جي موبائيل ڊيٽا مطابق جاچ هلي رهي آهي، جنهن ۾ 22 ماڻهو شڪ جي دائري ۾ آهن، جن مان ٻن جو تعلق ڪينيا سان آهي، قتل ڪيس جي جاچ ۾ سياسي توڙي غير سياسي شخصيتن، بيورو ڪريٽ ۽ فوجي آفيسر کان جاچ ڪئي ويندي، جاچ جو دائرو وڌايو ويو ته ميڊيا جا ماڻهو به پڇاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا. ٻئي طرف ارشد شريف کي چئن فوٽن جي فاصلي تان لڳل گولي اهو واضح ڪري ٿي ته پٺيان سيٽ تي ويٺل ڪنهن شخص گولي هنئي آهي يا وري گاڏي بيهاري پٺئين سيٽ تي ويهي ڪنهن شخص گولي هنئي. واضح رهي ته 2 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم ۾ ايف آ اي هيڊڪوارٽرز جو ڊائريڪٽر اطهر وحيد ۽ انٽيليجنس بيورو (آ بي) جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عمر شاهد حامد شامل آهن، جيڪي 15 ڏينهن جي ويزا تي ڪينيا ۾ موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button