
ڀارت ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ رٿيل ويسٽ ايشيا بيس بال ڪپ ۾ پنهنجي ٽيم موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان بيس بال فيڊريشن جي صدر سيد فخر علي شاهه ٻڌايو تھ ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻڌايو تھ اسلام آباد ۾ ايندڙ مهيني رٿيل ايونٽ ۾ بنگلاديش، سريلنڪا، فلسطين شرڪت جي تصديق ڪري چڪا آهن، ايران ۽ نيپال جي تصديق اڃا ٿيڻي آهي.