ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قتل ڪيسن ۾ فارنزڪ سائنس جي اهميت

Editorial-Article-Rashid Leghari

ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي ترقيءَ کان پو ڪوبه ڏوهه ڳجهو نه رهيو آهي. حيدرآباد ۾ 2020ع دوران ٽن ٻارن جي قاتلن کي دهشتگرديءَ جي خاص عدالت سزا ڏيڻ به شروع ڪري ڇڏي آهي. هڪ جوابدار کي ته ٻارڙيءَ جي قتل ڪيس ۾ 4 ڀيرا ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ٻئي قتل ڪيس ۾ 2 ڀيرا ۽ ڦاهي ۽ قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. هڪ ٻار جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي 35 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. لاهور جي قصور واقعي کان پو زينب ڪيس ۾ عدالت ٻارڙن جي زيادتي ۽ قتل ڪيسن ۾ سزائون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. حيدرآباد جتي هوائن جي شهر طور مشهور رهيو آهي، اهو شهر ڏوهن جي حوالي سان به مشهور رهيو آهي. آئون حيدرآباد جي ڪرائيم رپورٽر دوستن کي چوندو آهيان ته حيدرآباد شهر کي قاتلن ۽ مقتولن جي شهر طور به سڃاتو ويندو آهي، اهو ان ڪري به شهر ۾ ڳتيل آبادي هجڻ، غربت ۽ ٻين مسئلن جي قتل جي وارداتن ۾ مسلسل واڌ ٿيندي رهي ٿي. ڪي مهينا ۽ ڏينهن اهڙا به ايندا آهن ته جنهن ۾ رڳو گهرن مان عورتن جا لاش ملي رهيا هوندا آهن. ڪجهه وقت لا معصوم ٻارڙين کي ٽارگيٽ ٺاهي قتل ڪيو ويندو آهي. دشمنين تان هڪٻئي کي مارڻ جو سلسلو به هلندو پيو اچي. جيتوڻيڪ غريبن ۽ پورهيتن جي علائقن ۽ گهرن کي وڌيڪ ٽارگيٽ قتل ڪري زيادتيءَ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. اتي جي غريبن جي علائقن ۽ ڳتيل آبادين کي ڪير سيڪيورٽي به ناهي ڏيندو. ساڳئي وقت پوليس سنجيده هجي ته اها ئي پوليس قتل جا پيرا کڻي قاتلن کي پنهنجي انجام تائين پهچائيندي آهي. ان لا فارنزڪ سائين جي ليباٽريءَ جا ماهر ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڪرائيم سين جي اهميت کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪندو آهي. ان لا بهتر آفيسر ڪرائيم جي اهميت کي سمجهندي شاهديون جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان جمع ڪري ته ان ڪيس جا قاتل پنهنجي انجام تي ضرور پهچندا آهن.
حيدرآباد ۾ تازو قتل ٿيل ٻارڙي جو قتل ڪيس:
حيدرآباد ٻه راتيون اڳ قتل ڪيل ٻارڙي زاله جي قتل ڪيس جو جوابدار پوليس ماري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد قتل جي جاچ لاءِ 7 رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي. ايس ايس پي واردات واري جاءِ جو معائنو پڻ ڪيو آهي. حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد علائقي هيرآباد مان 7 ورهين جو ٻارڙي زاله فاطمه جو پلازه جي ڇت تان لاش مليو هو. پوليس طرفان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. . ٻارڙيءَ جي قتل واقعي کان پوءِ ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پوليس ٽيم سان گڏجي پلازه جي ڇت تي قتل واري هنڌ جو معائنو ڪري ڪرائيم سين جو جائزو ورتو، جنهن کان پوءِ ايس ايس پي امجد شيخ ٻِارڙيءَ جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙي زاله جي قتل جا جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. هن چيو ته قاتلن تائين پوليس پهچي چڪي آهي، جيڪا پيش رفت ٿيندي ته ميڊيا کي ٻڌايو ويندو. هن چيو ته ٻارڙيءَ جو ساهه ٻوساٽي کيس قتل ڪيو ويو آهي. شڪي ماڻهن کان جاچ ڪريون پيا. هن چيو ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙيءَ سان زيادتيءَ جي تصديق نه ٿي آهي. هن چيو ته ٻارڙيءَ سان زيادتيءَ جي نيت ٿي سگهي آهي پر زيادتين جون شاهديون نه مليون آهن. وارث ٿاڻي تي اچن ته قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ٻئي طرف پوليس پلازه ۾ رهندڙ ماڻهن کان پڻ جاچ شروع ڪئي هئي. ٻارڙيءَ جي قتل واقعي جي جاچ لا ايس ايس پي حيدرآباد طرفان اي ايس پي هيڊڪوارٽر انيل حيدر جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي هئي. جنهن کي ايس ايس پي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڪميٽيءَ ۾ اي ايس پي انيل حيدر، اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر، ڊي ايس پي مارڪيٽ رسول بخش سيال، ايس ايڇ او مارڪيٽ محمد خان برهماڻي، ايس ايڇ او سٽي عمران رشيد شيخ، ايس ايڇ او پنڃاري عبدالڪريم عباسيءَ کي شامل ڪيو ويو آهي. ٻارڙيءَ جي قتل ۾ ملوث جوابدار اسامه قريشيءَ کي حيدرآباد پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب پوليس ٻارڙيءَ جي قتل ڪيس جي سلسلي ۾ باريڪ بينيءَ سان جاچ ڪري رهي هئي. پوليس 4 ڄڻن کي اڳ ئي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي هئي، جنهن جو ميڊيڪل به ڪيو ويو ۽ کين آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته جوابدار اسامه کي ٻيهر پوليس طلب ڪيو ته اهو غير حاضر رهيو. جنهن دوران پوليس جو جوابدار اسامه تي شڪ وڌي ويو. ايف آ آر ۾ پڻ مارجي ويل جوابدار کي نامزد ڪيو ويو. پوليس جو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو. پوليس کي جيڪي سي سي ٽي وي فوٽيج مليا ان به ٻارڙيءَ جي قتل وقت جوابدار جي اتي چرپر ڏٺي وئي. پوليس کي جوابدار جي فرار ٿيڻ جو اطلاع مليو ته پوليس ميران اسڪول وٽ پهتي ته جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ معصوم ٻارڙيءَ جي قتل ۾ ملوث جوابدار مارجي ويو. واقعي واري هنڌان پوليس کي پستول ۽ موٽر سائيڪل پڻ ملي آهي.

حيدرآباد ۾ فارنزڪ سائنس بابت ڪانفرنس جي اهميت:
ملڪ جي مشهور قانوندانن، اڳوڻي آ جي سنڌ نياز احمد صديقي، اڳوڻي وفاقي وزير قانون شاهده جميل ۽ ٻين پوليس عملدارن چيو آهي ته ڪنهن به هنڌ تي ڏوهه ٿئي ته ڪرائيم سين جي اهميت سمجهي، ڏوهه ٿيڻ جي وقت گواهن کان وڌيڪ فارنزڪ سائنس مان حاصل ٿيندڙ شاهدين کي اهميت ڏني وڃي. اهڙو اظهار هنن ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ شهيد واحد بخش لغاري آڊيٽوريم هال ۾ هڪ اين جي اوز “قانون منهنجو محافظ” ۽ حيدرآباد پوليس طرفان “فوجداري نظام ۾ فرانزڪ سائنس جي مدد” جي عنوان سان ڪوٺًايل سيمينار ۾ خطاب ڪندي ڪيو هو. ياد رهي ته ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه فارنزڪ سائنس تي وڏي اٿارٽي رکي ٿو.
جڏهن هو ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ٿيو هو ته هن هڪ انڌي قتل جا پيرا کڻي قتل ڪيس جي سڃاڻپ ڪري ڪيس کي حل ڪيو هو. تقريب ۾ مختلف ضلعن جي ايس ايس پيز، قانوندانن ۽ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائي اي ايس پي علينه راڄپر هلائي. تقريب ۾ اڳوڻي وفاقي وزير قانون ۽ بيريسٽر شاهده جميل چيو ته هن سيمينار مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ موجب ڏوهن جي روڪٿام لا پوليس کي وڏي مدد ملندي. پوليس کي ڪرمنل ڪيسن جي سلسلي ۾ شاهدين کي سائنس جي حوالي سان سمجهڻ لا پڻ هڪ رستو ملندو. هن چيو ته ڪنهن به ڪرائيم جي حوالي سان ڏًٺو وڃي ته واقعي واري هنڌان ملندڙ شاهديون اهم هونديون آهن. بدقسمتيءَ سان اسان ڪرائيم سين کي محفوظ نه ڪري سگهندا آهيون. جنهن سان اسان کي ڪنهن ڏوهه تائين پهچڻ لا مثبت نتيجا نه ملي سگهندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ عوام گڏجي هلندا ته ڏوهن جو خاتمو ڪري هڪ مهذب سماج جو بنياد رکي سگهون ٿا. اڳوڻي آ جي سنڌ نياز احمد صديقي چيو ته پوليس کي ايف آ آ داخل ۽ جاچ ڪرڻ جي اجازت مليل آهي. هن چيو ته واقعي واري هنڌان شاهديون درست انداز ۾ محفوظ ۽ جمع ڪيون وڃن ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پوليس کي گواهن جي بيانن کان وڌيڪ فارنزڪ سائنس مان حاصل ٿيندڙ شاهدين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پولسينگ ۾ اخلاقيات وڏي اهميت رکي ٿي. تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ۽ ڄاڻ سان ئي ڏوهن جي پاڙ پٽي سگهون ٿا.
سي پي اي سي سڃاڻپ ٽاسڪ فورس جي سربراهه عامر حسن ٻڌايو ته 2015ع کان هن پروجيڪٽ جي ڪم شروع ڪري ڪراچيءَ ۾ روڊن تان ملندڙ لاوارث لاشن جي سڃاڻپ ڪرڻي هئي، جن جا فنگر پرنٽ وٺي نادرا جي رڪارڊ سان ميچ ڪيو ويندو هو. اڄڪلهه اسپتالن ۾ داخل انهن مريضن جي پڻ سڃاڻپ ڪريون ٿا، جن جي ياداشت هلي ويندي آهي. هن وقت ڪيترن ئي لاشن جي سڃاڻپ ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. اهڙيون ڪانفرنسون منعقد ٿينديون رهن ته پوليس قتل ڪيسن سان سچ به انصاف ڪري سگهندي. جنهن انصاف جو مقتول جو خاندان ڳولائو به هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button