ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قيدي مهاڻا

Editorial-Article- Noor Muhammad Thahmore

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪيترائي سرحدي تڪرار هلي رهيا آهن، جن ۾ ڪشمير جو مسئلو سرفهرست آهي. دنيا جي بلند ترين جنگي محاذ سياچن گليشيئر جتي جنگ کان وڌيڪ برفباري ۽ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب فوجي جوان شهيد ٿين ٿا، ان انتهائي سرد ۽ برفاني جنگي محاذ کان وٺي انڊس ڊيلٽا جي قديم سيرڪريڪ Sir Creek/ Seer Creek)) تائين سرحدي ۽ سامونڊي حدبندين جا تڪرار جاري آهن ۽ انهن جھڳڙن يا تڪرارن جو امن ڀريو انت ويجهي مستقبل تائين ڏسڻ ۾ نظر نٿو اچي. رڻ ڪڇ جو لوڻياٺو ۽ ڌٻڻ وارو علائقو جنهن ۾ سنڌو نديءَ جي قديمي انڊس ڊيلٽا جيڪا هاڻي مري ويل يا مرده (Dead Indus River Delta) سڏجي ٿي، ان جي تاريخي سير کاڙي عرف عام سر ڪريڪ جيڪا انڊس ڊيلٽا جي هڪ قديمي کاڙي يا ڇاڙ آهي، ان ڇاڙ کي ڪڇ وارا بان گنگا به سڏيندا هئا ۽ ان کانپوءِ آخري کاڙي يا ڇاڙ ڪوري ڪريڪ (Kori Creek) آهي، جيڪا قديم سنڌو درياءَ جي انڊس ڊيلٽا جي آخري ڇاڙ آهي.
جاگرافيائي، تاريخي ۽ قديمي طور ڪوري ڪريڪ (Kori Creek) سنڌ ۽ ڪڇ جو دنگ هوندو هو. سير ڍورو عرف عام سرڪريڪ جيڪو 96 ڪلوميٽر (60 ميل) ڊگھو، ڌٻڻ وارو، گپري ۽ سامونڊي ڍنڍن، ڇاڙن ۽ ڇڇن وارو هي ساحلي علائقو 1965ع کان تڪراري آهي. سير ڪريڪ سجاول ضلعي جي جاتي تعلقي ۽ بدين ضلعي جي گولاڙچي تعلقي جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي، تاريخي لحاظ کان سنڌ جي پاڙيسري اڳوڻي ڪڇ رياست ۽ موجوده ڀارتي اولهندي صوبي گجرات جي ضلعي ڪڇ ڀڄ جي تعلقي لکپت جي اتر اولھه ۾ واقع آهي، ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگھائي ڦاڪ جي لحاظ کان سير ڪريڪ جو محل وقوع هيءَ آهي،’
سنڌ جي ساحلي پٽي تقريبن ساڍا ٽي سئو ڪلوميٽر ڊگھي آهي، جيڪا ڪراچيءَ جي مبارڪ ڳوٺ کان ڪارونجهر جبل جي ڏکڻ اولھه ۾ دنگ ڪري ٿي ۽ 250 ڪلوميٽر جو ڊگھو رڻ ڪڇ جو علائقو جيڪو ڊيگھه ۾ اوڀر کان اولهھ ۽ ويڪر ۾ اتر کان ڏکڻ به ان ۾ شامل آهي، جيڪو محل وقوع جي لحاظ کان 24 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ جي افقي يا ليٽل لڪيرن جي متوازي واقع آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اهم ۽ مکيه تڪراري مسئلا ڪشمير ۽ سياچن گليشيئر آهن، انهن اهم مسئلن جي ڪري ٻين ننڍن مسئلن به جنم ورتو آهي.
سير ڍوري وارو تڪرار اپريل 1965ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ رڻ ڪڇ جي جنگي معرڪي کانپوءِ شروع ٿيو، ان جنگ ۾ پاڪستاني فوج اڳتي وڌي رڻ ڪڇ جي ڇار ٻيٽ، ڪانجرڪوٽ ۽ سردار چوڪي وارن علائقن تي فتح حاصل ڪئي. اهڙي ريت ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ جنگ ڇڙي پئي. جنهن کانپوءِ ان وقت جي برطانوي وزيراعظم هيرولڊ ولسن ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪندي 30 جون 1965ع تي جنگ بندي ڪرائي ۽ ٻنهي ملڪن کي رڻ ڪڇ جو معاملو عالمي ٽياڪڙي ڪندڙ ٽربيونل ۾ کڻي وڃڻ جو چيو، جنهن تي ٻئي ملڪ راضي ٿيا. ان ٽربيونل جو نالو “انڊو-پاڪستاني ويسٽرن بائونڊري ڪيس ٽربيونل” رکيو ويو، جنهن پنهنجو فيصلو 19 فيبروري 1968ع تي ڏنو، جنهن ۾ رڻ ڪڇ تي 90 سيڪڙو ڀارت ۽ 10 سيڪڙو تي پاڪستان جو حق تسليم ڪيو ويو، پر ان ۾ سير ڪريڪ جو ڪوبه ذڪر ناهي. ان عالمي ٽياڪڙي ڪندڙ ٽربيونل جي فيصلي کي ٻنهي ملڪن قبول ڪيو، پر ان غير معمولي ۽ غيرمتوقع فيصلي تي ان وقت جي ڀارتي حڪومت خلاف عوام ۽ مذهبي انتهاپسندن شديد ردعمل جو اظھار ڪندي احتجاج ۽ وڳوڙ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ مسئلي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.
آزاد سنڌ ملڪ جي آخري حڪمران خاندان ٽالپرن کي انگريزن جي فوج مياڻي واري ميدان تي 17 فيبروري 1843ع تي ۽ 24 مارچ 1843ع تي دٻي واري جنگ ۾ شڪست ڏيئي ميرن جي 57 سالن جي حڪومت جو خاتمو آڻي، ميرن کي قيدي بنائي حيدرآباد واري تاريخي قلعي تي فرنگي فوجي ڪمانڊر سر چارلس نيپيئر برطانوي راڄ جو جھنڊو يونين جيڪ چاڙهي آزاد سنڌ ملڪ جي ٽالپر حڪمرانن وارو جھنڊو لاهي، سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. 1936 تائين سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو رهي. سنڌ ۽ ڪڇ رياست جڏهن انگريز سرڪار جي دور ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو هئا ته ان وقت ڪڇ رياست جي حڪمران رائو مهاراج ۽ حڪومت سنڌ ۾ سير ڪريڪ جو تڪرار 1908ع ۾شروع ٿيو هو، جنهن جو سبب سير ڍوري جي پرئين ڀر ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون وڍڻ ۽ چوپائي مال جي گاهه چرڻ جي پنچري هو. اهو تڪرار نبيرڻ لاءِ بمبئي سرڪار ان وقت جي برٽش انڊيا جي سرڪار کي خط لکيو ته سير ڍوري واري تڪرار جو سنڌ ۽ ڪڇ رياست ۾ نبيرو ڪيو وڃي. بمبئي سرڪار 1914ع ۾ هڪ ٺهراءُ ذريعي اهو فيصلو ڏنو ته سير ڍوري جي اڀرندي ڪنڌي يا ڪنارو سنڌ ۽ ڪڇ جو دنگ هوندو يعني ڪوري ڪريڪ بارڊر هوندو ۽ اهڙو نقشو به 1914ع ۾ بمبئي سرڪار جاري ڪيو.
ٻنهي ملڪن 1965ع واري جنگي معرڪي کان پوءِ مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ ماهيگيرن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ملڪن جون فورسز بي هٿيار ۽ امن پسند مسڪين مهاڻن تي هٿيارن جا منهن به کولي ڇڏين ٿيون ۽ سندن جسم گولين سان پروڻ ڪري ٿيون ڇڏين، ھيستائين ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جا ڪيترائي مهاڻا گولين جو بک بنجي چڪا آهن.
16 مئي 2004ع تي هڪ اهڙو خوني واقعو کاري ڇاڻ جي تڙ ڊانڍو تان مڇي جي شڪار لاءِ ويل ڏهن هوڙن مان هڪ ھوڙي نالي “شهنشاهه” سانڪاجھر ڪريڪ ۾ پيش آيو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا ڀارتي ڪوسٽ گارڊ جي فائرنگ ۾مارجي ويا، جنهن ۾ محمد ولد قاسم ڪاتيار، جعفر ولد احمد بلوچ ۽ صالح محمد ولد حاجي ميھار جت شامل هئا ۽ ڇھه ڄڻا زخمي ٿيا. مارجي ويلن جا لاش به ڀارتي فورسز کڻي ويون. ڪاجھر ڪريڪ جي سانحي تي مھاڻن جي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ مارجي ويل ماهيگيرن جي وارثن پاران شديد احتجاج ڪيو ويو ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن دهلي، هندستاني قونصل خانو ڪراچي ۽ حڪومتي ڪوششن کان پوءِ 28 مئي 2004ع تي لاش پي آءِ اي جي اڏام PK-275 ۾ ڪراچي ايئرپورٽ جي ڪارگو بيس تي آندا ويا، جيڪي وارثن وصول ڪيا. اھڙا ٻيا به خوني سانحا ٿيا آهن جيئن سير ڪريڪ ۾ تعلقي جاتي جي ڳوٺ قاسم ٿهيمور جو سانوڻ ولد علي محمد ٿهيمور 1985ع ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾مارجي ويو ۽ موسيٰ ٿهيمور شديد زخمي ٿيو. فوتي جو لاش به فورسز وارا کڻي ويا وارثن کي نه مليو.
1983ع ۾ ڳوٺ جڙيو ٿهيمور جي ماهيگيرن تي سير ڪريڪ ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ عثمان ولد بچايو ملاح مارجي ويو ۽ ٽي ڀائر عظيم، عيسيٰ ۽ محمد ولد صالح محمد ٿهيمور شديد زخمي ٿيا،فوتي توڙي زخمين کي هوڙي سميت ڀارتي فورسز وارا کڻي ويا ۽ لاش کي انڊيا ۾ دفنايو ويو. اهي ماهيگير 1993ع ۾ شديد برساتن دوران ڪڇ ڀڄ جو جيل ٽوڙي 10 سالن کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ پهتا. اهڙي ريت 1983ع ۾ به ساڳئي ڳوٺ جي هوڙي تي فائرنگ ٿي جنهن ۾ رزاق ٿهيمور ۽ اڪبر ٿهيم زخمي ٿيا ۽ موسيٰ ولد الهڏنو راڄو فائرنگ ۾ مارجي ويو. زخمي رزاق هوڙي مان ٽپو ڏيئي جان بچائي فوتي ۽ زخمي کي فورسز وارا کڻي ويا. 5 فيبروري 2019ع تي ڇڇ جهان خان جي ڳوٺ راڄن ٿهيمور جا 12 ملاح جيڪي هوڙي تي سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪري رهيا هئا، انهن تي سرڪريڪ ۾ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز ڪاهه ڪري ڏني ٽن ماهيگيرن کي گرفتار ورتو. 9 ماهيگيرن سمنڊ ۾ٽپو ڏيئي ٻئي ڀر تمرن جي گھاٽن وڻن ۾ لڪي پنهنجي جان بچائي پر سخت سيءُ، اڃ ۽ بک سبب هڪ ماهيگير نالي غلام محمد ولد اڱارو ملاح فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اتي ئي رهجي ويو، باقي ماهيگير چار ڏينهن کانپوءِ پنهنجي ماڳ موٽي آيا. اهڙا ٻيا به ڪيترائي جيءُ جھوريندڙ واقعا ٿيا آهن جيڪي رڪارڊ تي نه اچي سگھيا آهن.
اهڙي ريت ٻنهي ملڪن جا هزارن جي انگ ۾ ماهيگير سالن جا سال جيل جون سختيون ۽ تڪليفون برداشت ڪري آزاد ٿين ٿا ۽ اڃا به سوين مهاڻا ٻنهي ملڪن جي جيلن ۾ واڙيل آهن. جيلن ۾ قيد ٿيل ماهيگيرن جي خاندانن جي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي. سنڌ حڪومت جو ماهيگيري وارو کاتو ۽ ماهيگيرن جي عام ڀلائيءَ لاءِ قائم ڪيل قديم ادارو فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي به انهن قيدي مھاڻن جي خاندان لاءِ ماهوار ڪابه مالي مدد نٿا ڪن. انهن حڪومتي ادارن کي گھرجي ته اهي قيد ٿيل ماهيگيرن جي خاندانن کي هر مهيني مالي مدد ڪن جيئن ڀارتي حڪومت جي رياست گجرات جي فشريز واري وزارت پاڪستان ۾ قيد ڀارتي ماهيگيرن جي پونئيرن جي ڪري ٿي. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي گھرجي ته سامونڊي حدبندين جي تڪرار کي جيستائين گڏجي ويهي حل نٿا ڪريو، تيستائين ماهيگيرن کي گرفتار نه ڪريو ۽ نه ئي انهن جون ٻيڙيون ضبط ڪريو. سامونڊي پاڻي ۽ مڇيءَ کي ٻئي ملڪ روڪي نٿا سگھن ته ماهيگيرن کي ڇو ٿا روڪين ۽ نه ئي ٻئي ملڪ سمنڊ تي ديوارون ٺاهي ٿا سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button