ملڪي سياست اڳ ئي ڊائريشن ليس هئي، پر هاڻ صورتحال وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي. جن مختلف ڌرين کي نشاني تي رکيو ويو، هاڻ انهن جوابي ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. صورتحال ايتري خراب آهي جو جنهن صوبي ۾ عمران خان جي پارٽي جي اتحادي حڪومت آهي، ان جو وڏو وزير، عمران خان جي خواهش موجب مٿس حملي جي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ جي اجازت نه ڏئي رهيو آهي. عمران خان جي لک ڪوششن باوجود هو پنهنجي خواهش موجب اهم شخصيتن جا نالا ايف آءِ آر ۾ داخل ڪرائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر لاڳاپيل ٿاڻو درخواست ئي وصول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. رهيل ڪسر پي ٽي آءِ جي نمبر ٻه، يا اهم اڳواڻ شاهه محمود قريشي پوري ڪري ڇڏي، جنهن پنجاب جي آءِ جي کي گهٽ وڌ ڳالهايو. ان سان گڏ هو صوبي کي ڇڏي هليو ويو. پنجاب جو چيف سيڪريٽري اڳ ئي موڪل تي هو، هاڻ ان جي مدي ۾ هڪ مهيني جو اضافو ٿي ويو آهي. عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ٿي سگهي پئي، پر ان ۾ پي ٽي آءِ قيادت جي منشا شامل ٿي نه پئي سگهي. مسئلو رڳو، ايف آءِ آر جو ناهي، پر عمران خان جنهن بيوسي جو اظهار ڪيو ته هو اڳوڻو وزير اعظم آهي، ان جي باوجود پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪري رهي آهي. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته ڪنهن به صوبي يا علائقي ۾ حڪومت ڀلي پي ٽي آءِ جي هجي، پر ضروري ناهي ته ان جا حڪم به مڃيا وڃن. اهي قوتون، جن کي مخالف بڻايو ويو آهي. اهي مزاحمت لاءِ سامهون بيٺيون آهن. اهي عمران خان کي پيغام ڏين پيون ته هن کي جيڪو زور لڳائڻو آهي لڳائي. سندس ڪوبه مطالبو پورو نه ڪيو ويندو. اها به حقيقت آهي ته عمران خان کي عوام جي جيتري موٽ جي اميد هئي، اها ته نه ملي، ابتو، ڪيترن ئي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پاسيرو رهڻ جو اشارو ڏنو ويو. عام ماڻهو ته اڳ ئي مارچ هجي يا ڪا ٻي ويڙهه ان کان پري آهي.
عمران خان تي ٿيل حملي کانپوءِ حڪومت جي آڇ ڪرڻ ته جوڊيشل ڪميشن جاچ ڪري يا سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ويهي، ان تي ڪوبه اعتراض نه هوندو. ايستائين جو اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي مدد وٺڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي پي ٽي آءِ قيادت مشروط طور راضي ٿي وئي، پر ان سان جيڪو پيغام ڏنو ويو ته موجوده حڪمرانن کي عمران خان مان ڪوبه خطرو ناهي، ان ڪري هو لانگ مارچ ڪري يا شارٽ مارچ، ڌرڻو ڏئي يا ٻيو ڪجهه. ڪوبه فرق نه پوندو. بقول حڪمرانن جي انهن کي خبر آهي ته عمران خان ايندڙ چونڊن تائين سندن ڪجهه به بگاڙي نٿو سگهي. شايد اها ڳالهه عمران خان کي معلوم آهي ته هو ايندڙ چونڊن تائين حڪومت کي رڳو دٻاءُ ۾ رکڻ چاهي ٿو ته جيئن هن جو ووٽ بينڪ برقرار رهي. عمران خان جي خام خيال ۾ آهي ته هن کان سواءِ ڪوبه چونڊون اڪثريت سان کٽي نٿو سگهي. هن جي پوزيشن ايتري مضبوط آهي جو کيس سموريون اتحادي پارٽيون مات ڏئي نٿيون سگهن. شايد اها به غلط فهمي آهي. چونڊن ۾ تقريبن هڪ سال جو مدو پيو آهي، ان دوران ڪو هڪ حادثو يا واقعو معاملي جي ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿو.
اهي جيڪي ملڪ اندر بحرانن کي ڏسندا رهيا آهن يا انهن جو حصو رهيا آهن، انهن کي خبر آهي ته هن ملڪ جي سياست ۾ ڪوبه استحڪام نه رهيو آهي. صورتحال کي بهتر بنائڻ يا خراب ڪرڻ پٺيان ڪيتريون ئي ظاهري يا لڪل قوتون رهيون آهن. انهن جي هٿن ۾ ئي ڏور هوندي آهي. انهن قوتن جي اشارن تي معاملا بهتر به ٿيندا آهن ۽ بگڙي به ويندا آهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته جيڪي قوتون پردي جي پٺيان آهن، انهن کي، معاملن کي بگاڙڻ جو آرٽ اچي ٿو. هي وڏو نيٽ ورڪ آهي، جيڪو ڪجهه طاقتور ڌرين جي ڪنٽرول ۾ آهي، ايستائين جو وقت جا ظاهري طور حڪمران به بيوس هوندا آهن. هن ملڪ ۾ جيتريون به چونڊون ٿيون، اهي گهڻو ڪري تڪراري رهيون. انهن جي نتيجن کي رات جي اونداهي ۾ تبديل ڪيو ويو. عمران خان ۽ سندس پارٽي تي الزام آهي ته اهي انهن قوتن جي آشيرواد هجڻ دوران فائدو حاصل ڪندڙ رهيا آهن. ان کان اڳ به ڪا صورتحال بهتر نه هئي. ها ڪجهه اهڙا سال هئا، جن دوران ميثاق جمهوريت کانپوءِ سياسي قوتن ۾ سرچاءُ ڏسڻ ۾ آيو. ان اتفاق راءِ ته سياسي ڌريون، هڪٻئي کي ڪمزور نه ڪنديون، نه ئي غير سياسي قوتن کي ڪلهو ڏينديون. هيءَ توازن به عمران خان جي اچڻ سان ختم ٿي ويو. عمران خان ۽ سندس پارٽي کي سياست ڪرڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي، نه ئي روڪڻ گهرجي، پر جيڪڏهن اها اڪيلائي ۾ رهندي ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪندي، جيڪي آئين ۽ قانون کان مٿانهون هونديون ته پوءِ معاملا سلجهي نه سگهندا. لڳاتار اهو چوڻ ته عمران خان کي سازش ذريعي اقتدار جي ايوانن مان ڪڍيو ويو يا ان ۾ پرڏيهي هٿ آهي، درست نٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، اهو پارلياماني هو. ٻي ڳالهه ته عمران خان جن ڌرين تي اقتدار جي ايوانن مان ڪڍڻ جا الزام مڙهي ٿو، انهن کي پي ٽي آءِ جي حڪومت مان ڪوبه خطرو نه هو. ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اهو تاثر هو ته عمران خان ڪو اثرائتو حڪمران ناهي، ان ڪري طاقت ڪنهن ٻي ڌر وٽ آهي، ان جو اعتراف عمران خان پاڻ به ڪندو رهيو آهي.
هينئر به عمران خان ڪيترين ئي غلط فهمين جو شڪار آهي. گهٽ ۾ گهٽ ان تي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ مان کيس سمجهڻ گهرجي ته اصل طاقت جو مرڪز ڪٿي آهي؟ اها به اهم ڳالهه آهي ته عمران خان سولو فلائيٽ جو قائل آهي. ان ڪري هو سياسي طور تي اثرائتو نه آهي. اهو واضح طور نظر اچي رهيو آهي ته ظاهري طور تي عمران خان ڀلي، ننڍين چونڊن ۾ ڪامياب ٿئي ۽ وڏا وڏا جلسا به ڪري وٺي، ان جي باوجود ايندڙ عام چونڊن ۾ ان جي ڪابه ضمانت ناهي ته پي ٽي آءِ اڪثريتي پارٽي هوندي. جيستائين عام چونڊن جو اعلان ٿيندو، ايستائين پي ٽي آءِ جا ڪيترا اليڪشن کٽيندڙ يا کٽڻ جي سگهه رکندڙ اميدوار ميدان ۾ بچي ويندا؟ اليڪٽيبلز ڪهڙي پاسي ويندا؟ ان سان گڏ عمران خان کي اتحادين سان مقابلو ڪرڻو پوندو، جن جا ووٽ وکريل آهن، جن کي هڪ اميدوار کي نامزد ڪري چونڊ کٽي سگهجي ٿي. ملتان مان شاهه محمود قريشي جي طاقتور هجڻ باوجود، صوبائي سيٽ تي هارائي ويو. ان جي ڪير ضمانت ڏيندو ته شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ سان گڏ رهندو. جيڪڏهن رهيو به سهي ته ان جي ڪاميابي جي ڪوبه ضمانت ڏئي نٿو سگهي. ان ڪري ته هيل تائين هو جن ڌرين جي آشيرواد سان موجون ماڻيندو رهيو آهي، اهي عمران خان جي پارٽي کي کٽرائڻ ۾ ڪيتري دلچسپي وٺندا، اهو سڀ اوپن سيڪريٽ آهي.
عمران خان کي زميني حقيقتن کي قبول ڪرڻو پوندو. هينئر توڙي جو لانگ مارچ کي ٻيهر جاري رکڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي، پر ان مارچ جي اڳواڻي عمران خان نه ڪندو، شاهه محمود قريشي اڳيان اڳيان هوندو. هي مارچ خاص ڪري عام ماڻهو کي ڪيترو متاثر ڪندو؟ ان تي ڪي به ٻه رايا ٿي نٿا سگهن. اسلام آباد پهچڻ تائين مارچ کي ٻه هفتا لڳي ويندا. ان کانپوءِ ان کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويندو يا نه،ان جي ڪوبه اڳڪٿي ڪري نٿو سگهي. پهرين ته ملڪ جي اعليٰ عدالت سافٽ ڪارنر ڏيکاريو هو، هاڻ اها به پاسيري نظر اچي ٿي. اها ڳالهه ته سڀني جي سامهون اچي وئي آهي ته عدالت کي به مس گائيڊ ڪيو ويو. هينئر اهڙي ڪهڙي قوت آهي، جيڪا عمران خان تي اعتماد ڪندي هجي؟ ان حوالي سان جيڏانهن نظر ڦيرائبي، سموريون قوتون ناراض نظر اينديون. عمران خان اعتماد به وڃائي ويٺو آهي، جيڪڏهن هن جي پارٽي کي اڪثريت نه ئي سهي، سادي اڪثريت به ملي وڃي، ان جي باوجود هو حڪمراني ڪيئن ڪندو؟ پاڪستان جهڙن ملڪن ۾، جتي طاقت جي مرڪز جي خبر نه هجي يا ان کي ڳجهو رکيو ويو هجي، اتي حڪمران خالي هٿئين ئي هوندا آهن. هن ملڪ ۾ پارليامينٽ ڪڏهن به بااختيار نه رهي آهي، ان ڪري ان جي بالادستي به ناهي. اهم اداري اندر نئين سيٽ اپ کانپوءِ ڊائريڪشن ڪهڙيون هونديون، ان بابت في الحال اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي. پر هي طئي ٿيل ڳالهه آهي ته اهي حلقا جيڪي سگهارا آهن، اهي عوام يا پارليامينٽ جو نه پر پنهنجن مفادن جو تحفظ ڪندا آهن. ان ڪري جن کي اهم ڪرسيءَ تي ويهاريو ويندو آهي، انهن کان اها اميد ڪرڻ ته انهن جو فيورٽ ڪهڙو هوندو، شايد حقيقتن کان اکيون چورائڻ برابر آهي. عمران خان کي سمجهڻو پوندو ته هن جو چئني طرفن کان گهيرو ٿيل آهي، هن کي اننگز کيڏڻ لاءِ محدود ميدان ڏنو ويو آهي. هو پنهنجي لاءِ سافٽ ڪارنر پيدا ڪرڻ جون جيتريون به ڪوششون ڪري ڪوبه فائدو نه ٿيندو. هن وٽ، جيڪي اڳواڻ موجود آهن، جيڪي ڪجهه حلقن سان معاملا طئي ڪري سگهن ٿا، انهن تي عمران خان اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان سان گڏ هينئر طئي ڪيو ويو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پي ٽي آءِ جهڙي پارٽي جي گنجائش ناهي. عمران خان ملڪ جي سياست کي متحد ڪرڻ بدران ورهائڻ واري قوت طور سامهون اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ٽڪرا واري سياست کي گهڻو هلڻ ڏنو ويو ته ملڪ جو باقي وهنوار ٺپ ٿي ويندو، جنهن جو نقصان طاقتور ڌر کي ئي ٿيندو.