ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نظام جوکئي جي شھادت سان جاگيرداري کي لڳل ڪاپاري ڌڪ

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

ڪراچيءَ جي ڳوٺ سالار جوکيو ۾ ٻه ڏينهن اڳ ھڪ سچار ۽ وطن دوست سماجي ڪارڪن نظام جوکئي کي جوکيا برادريءَ جي چڱن مڙسن جنهن بيدرديءَ ۽ دھشتگردي سان ڪٺو آهي، ان سان نه رڳو سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي ڄڻ زلزلي جو جھٽڪو لڳي ويو آهي پر يورپ جي ملڪ اسڪاٽلينڊ ۾ پڻ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهن انھيءَ ظلم خلاف وڏو احتجاج ڪيو آهي. سنڌ ۾ گذريل ٽن ڏينهن اندر ناحق خون جا ٻه واقعا ٿيا آهن ۽ ٻنهي خونن جا جوابدار حڪمران پيپلز پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ آهن. ھونئن ته پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا به گهڻا اڳواڻ غريب مسڪين پورھيت ماڻهن سان پلاٽن، فصلن، ٻنين تي قبضن ۽ سڱ چٽيءَ جھڙن بدبودار جرڳائي فيصلن ذريعي ظلم ۽ زورآوري ڪندا رهيا آهن پر ھڪ مظلوم نياڻي ام رباب پاران سندس پيءُ، ڏاڏو ۽ ڀاءُ قتل ڪرائڻ جي الزام ھيٺ ضمانت تي آزاد ٿيل چانڊين جي سردار ايم پي اي برھان چانڊئي کانپوءِ ٻن وڌيڪ صوبائي اسيمبلي ميمبرن تي لڳل قتل جي ھنن تازن المناڪ واقعن ھڪ طرف سنڌ جي حڪمرانن کي به لوڏي وڌو آهي ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي مرده ضمير ماڻهن کي به ڏھڪائي ڇڏيو آھي.
نظام جوکيو نالي سماجي ڪارڪن کي فقط ان ڏوھه تي اذيتون ڏيئي ماريو ويو ته ھن ڄام اويس ۽ سندس ڀاءُ جي عرب شڪاري دوستن کي سالار ڳوٺ جو لنگھه وارو رستو بند ڪرڻ کان روڪيو ۽ اھو به چيائين ته اسان جي ٻنين ۾ پناھه وٺندڙ پرڏيهي پکين خاص ڪري تلورن جو شڪار نه ڪريو. جڏهن سندس ڳالهه نه مڃيائون ته نظام جوکئي پنهنجي موبائل فون ۾ شڪارين جي ويڊيو ٺاھي ورتي، جنهن تي عربن کان وڌيڪ ڪاوڙ سرداري ذھنيت رکندڙ جوکين ڄامن کي لڳي ويئي، جيڪي پنهنجي برادري جي ماڻهن کي غلام ڪري ليکيندا آھن. نظام جوکيو غلامن جو اولاد ٿي ڪري ايتري جرئت ڪيئن ڪئي جو ڄام صاحبن جي مھمانن جي رستا روڪ ڪري ڇڏيائين؟ ڄام اويس طئي ڪري ڇڏيو ته ھن غلام کي اھڙي سيکت ڏيان ته جيئن آئندي ڪوبه جوکيو جوان اھڙي گستاخي نه ڪري. شھيد نظام جي بيواهه زال جي رڪارڊ ڪرايل بيان موجب وڏيرن جو ڪمدار آڌي رات مھل سندن گھر آيو ۽ نظام کي زوريءَ اغوا ڪري ڄام اويس ڏانھن کڻي ويو. جڏهن گھر ڀاتين ڪمدار کان پڇيو ته ڪيڏانهن ٿو کڻي وڃين اسان جي گھر ڌڻيءَ کي ته ھن وراڻيو، ڄام وڏي گھرايو آھي فيصلو ڪرڻ خاطر! ان تي نظام جي گھر واريءَ اعتراض ڪيو ته آڌي رات مھل فيصلا ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪونه ٿيندا آهن. پر سندس منٿن ميڙن کي ٿڏي ڪمدار پنھنجن ساٿين جي واھر سان نظام جوکئي کي سندس گھران زوريءَ اغوا ڪرائي گاڏيءَ ۾ چاڙهي کڻي ويو.
ھن واقعي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ نظام شھيد پاڻ به ھڪ بيان ويڊيو وسيلي وائرل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ٻڌايائين ته ڪيئن عرب سڳورن جي مئنيجر کيس مارڪٽ ڪئي جڏهن مون کيس رستو بند ڪرڻ کان روڪيو. ھن مون کي ڌڪ ھنيا ۽ موبائل فون کسي ورتائين جنهن ۾ رڪارڊ ڪيل شڪار جي ويڊيوز کي ھن ڊليٽ ڪري ڇڏيو ۽ موبائل فون واپس موٽائي ڏنو.
رڪارڊ ڪيل پنھنجي بيان ۾ نظام جوکئي جو چوڻ هو ته پنهنجو موبائل فون واپس وٺي جڏهن کان ھو گھر پھتو آھي تڏھن کان ڄامن جا واٺا فون تي ڌمڪيون ڏين پيا ته توکي ماري ڇڏينداسين. آئون بھرحال موت کان نه ٿو ڊڄان، زندگي ۽ موت الله تعالي جي وس ۾ آهي. ڏاڍائي ته وڏيرن پاڻ ڪئي جو اسان جي ڳوٺ جو مکيه رستو بند ڪري ڇڏيائون، جنهن ڪري سوين ڳوٺاڻن کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي پيش آئي. ٻيو ڏوھه اھو ڪيم ته کين پکين جي شڪار کان جھليم. جنهن ڪري موتمار ڌمڪيون ڏين پيا. ھن سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جو تبصرو اھم آھي جنھن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ شھيد نظام جي تڏي تي پهتو. جيڪڏهن مظلوم سان سچي ھمدردي ھجيس ھا ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائين ها ته جيئن نظام جي موت جي اصل ڪارڻ بابت عوام کي اصل ڄاڻ ملي ھا. نظام جي وارثن گھر ڪئي آهي ته ڄام عبدالڪريم جوکئي جو نالو به ايف آئي آر ۾ داخل ڪريو ۽ دھشتگردي جا قلم به لڳايو، جن کي ھاسيڪار ڪڍي ڪيس کي سنڌ پوليس ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي! آئون ذاتي طرح سمجهان ٿو ته خون جي ٻين سوين وارداتن جيان ھي واردات به عوام جي اکين کان اوجهل ٿي وڃي ھا جيڪڏھن سوشل ميڊيا تي سنڌ جا باشعور ماڻهو وٺ وٺان نه ڪن ها. سجاڳيءَ جي ھي شاندار لھر سڄي سنڌ ۾ ان ڪري ڪلاڪن اندر ڊوڙي،جھنگ جھر تائين پهچي ويئي ڇاڪاڻ جو آچار سالار جوکيو ڳوٺ ڌاٻيجي شھر سان لڳولڳ آهي. ڌاٻيجي ھڪڙو 55 سالن کان ھڪ ننڍو صنعتي شهر آهي جتي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت به ھزارن جي تعداد ۾ موجود آهن. ھن شھر جي ڀرسان الهندي پاسي اسٽيل ٽائون، پورٽ قاسم ۽ گلشن حديد جھڙيون سڌريل صنعتي ۽ تجارتي وسنديون آهن ۽ ڏکڻ ۾ گھارو به 55 سال پراڻو صنعتي شهر آهي. نيشنل ھائي وي ويجهو ھجڻ ڪري ماڻهن لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهوليت به ڏينھن رات ميسر ھوندي آھي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ جو استعمال ھتي ٻين ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. خود آچار سالار ڳوٺ ۾ اسڪولن جو معيار به بهتر نظر اچي ٿو، جيڪي ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم شفيع محمد ڄاموٽ ڪراچيءَ جي ٻھراڙين ۾ اسي ۽ نوي وارن ڏھاڪن ۾ قائم ڪيا ھئا.
مون کي ته شهيد نظام جوکئي جي ونيءَ جي رڪارڊ ڪرايل بيان مان به محسوس ٿيو ته جوانيءَ ۾ ئي بيواھه ٿي ويل ھي نياڻي تعليم جي زيور سان سنواريل آهي تڏهن ته جوکين جي چڱن مڙسن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪيو اٿس. جمعي ڏينهن شام جو ڄام عبدالڪريم جي حڪم تي جوکين جي 54 مختلف ننڍن وڏن پاڙن جا چڱا مڙس قتل ٿيل نوجوان نظام جي گھر تي منٿ ميڙ قافلو ڪري آيا جن کي ھن دلير عورت بيعزتو ڪري ڀڄائي ڇڏيو ۽ پنهنجو اھو وچن دھرائيندي رهي ته سردارن کي به ايئن اذيتون ڏيئي چيچلائي مارڻ گھران ٿي، جيئن منھنجي ور سان ظلم ڪيو اٿن. منهنجي جانيءَ کي ماري سندس لاش رستي تي اڇلائي ھليا ويا، ھي ظالم قاتل.
سو پاڻ ڳالهه پئي ڪئي سوشل ميڊيا جي سگھه بابت جنهن جي برڪتن سان سنڌ جو شعور اڄ جاگيرداري سرشتي خلاف ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سراپا احتجاج بڻجي چڪو آهي. مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ ساڃاھه وندن قاتلن کي سخت سزائون ڏيارڻ جو عزم ورجايو. سنڌ جي باشعور وڪيلن پاران مظلوم وارثن جو ھي ڪيس مفت ۾ وڙھڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي شعور ھڪ ڀيرو ٻيهر اھو عھد ڪيو آهي ته ھن دفعي راڄوڻي فيصلي ذريعي قاتلن کي بچائڻ لاءِ ٿيندڙ سازشن جي مزاحمت ڪنداسون. جيتوڻيڪ سنڌ جي وڏي وزير وارثن سان عذرخواهي ڪندي اھا دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ جي اڳواڻن آصف زرداري ۽ سندس فرزند بلاول کي نظام جوکئي جي ناحق خون تي ڏک رسيو آهي تنهن ڪري هنن وزيراعليٰ ۽ ٻن وزيرن کي تعزيت ڪرڻ واسطي اماڻيو پر منهنجو تجربو ٻڌائي ٿو ته نظام شھيد کان وڌيڪ حڪمرانن کي ڪجهه عرب رياستن جي بينڪن ۾ رکيل سندن ناڻي ۽ ملڪيتن جو گھڻو فڪر آھي. جيئن بلاول ھائوس سنڌ جي ظالم سردارن ۽ جاگيردارن جي پناھگاھه بڻجي ويو آهي تيئن ڪجهه عرب رياستون به ملڪي خزاني کي لٽيندڙ حاڪمن جي عالمي پناھگاهھ بڻيل آهن جنهن جا ثبوت عالم آشڪار ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي حاڪمن کي بيگناهه مارجي ويل معصوم ماڻهن جي ڳڻتي ھجي ھا ته ايم پي اي اسراڻ ھٿان قتل ڪيل غريب مائيءَ سان به ھمدردي ڏيکارڻ لا پ پ وارا سندس گھر تي پھچي قاتل ايم پي اي کي گرفتار ڪرائين ھا. پر جيئن ته اتي ڪجهه عرب رياستن جي شيخن جو مامرو نه ھو جنھن کي ٺارڻ ضروري سمجهيو وڃي ھا.
آئون خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته سنڌ جا باشعور ماڻهو بي لوث ۽ وطن دوست وڪيلن سان گڏجي نظام جوکئي جھڙن جوڌن جي ڪيس جي نگراني ۽ پوئواري ساڳي ريت ڪندا، جيئن ڇهين جون تي بيگناهه گرفتار ٿيل مظلومن کي ڇڏائڻ لاءِ ڪيائون. ياد رکو ته نظام جوکئي جي شھادت جاگيرداري نظام کي جيئارڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪمرانن جي سازش کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي جنهن ڪري سنڌ کي برباد ڪندڙ ھاڻي غريبن جي ڪکائين جهوپڙين جا پنڌ پيا جھاڳين. ڪجهه عرب رياستن ۾ لڪايل پنهنجي خزاني ۽ ملڪيتن خاطر ھو پنھنجي پارٽيءَ جي قاتلن کي ڇڏائڻ لاءِ وڏا وس ڪندا ۽ نظام جي وارثن کي ڪروڙن جون لالچون ڏيندا. انھيءَ سازش کي ناڪام بنائي اسان جاگيرداري سرشتي کي ھميشھ واسطي موت جي ننڊ سمهاري سگھون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button