
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي کاٻي هٿ وارو تيز بالر شاهين شاهه آفريدي جي زخمي ٿيڻ بعد سندس ڪيريئر خطري ۾ پئجي ويو آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ 15 اوور جي بالنگ دوران شاهين آفريدي ٻيهر گوڏي جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ميدان مان نڪري ويو هو. ڪرڪيٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي تھ موجودا حالت ۾ خدشو آهي تھ شاهين آفريدي جو ڪيريئر رڳو 22 سالن جي ڄمار ۾ ئي پڄاڻي تي پهچي ويندو. هوڏانهن پي سي بي جي اڳوڻي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر سهيل سليم جو چوڻ آهي تھ شاهين وڌيڪ زخمي نھ ٿيو تھ 4 مهينا ۽ سرجري ٿيڻ جي صورت ۾ 7 مهينا راند کيڏي نھ سگهندو. هن چيو تھ ٻنهي صورتن ۾ انگلينڊ خلاف هوم سيريز مان شاهين آفريدي نڪري ويو آهي. هن پي سي بي جي ميڊيڪل پينل جي علاج واري طريقي کي بھ سواليا نشان ڄاڻايو آهي.