ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جا ادارن تي حملا

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

جيئن جيئن نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جا ڏينهن ويجها اچي رهيا آهن، تيئن تيئن عمران خان نيازيءَ جا فوج ۽ ٻين ادارن تي لفظن جي بمباري تيز ٿي رهي آهي. اهو الزام تراشون ڪرڻ کان صفا نٿو گسائي. هو اڄڪلهه انهن ئي ادارن تي حملي آوار آهي، جن لاءِ ماضي ۾ سندس چوڻ هو ته اهي ادارا هن جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان کان سواءِ هو فوج ۽ سول حڪومت جي لاڳاپن کي مثالي چوندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته ملڪي تاريخ ۾ جنرل قمر جاويد باجوه جهڙو ڪو جمهوريت پسند جنرل ناهي آيو ۽ نه ئي وري ان کان اڳ ۾ سول ۽ ملٽري لاڳاپا هڪ پيج تي رهيا آهن. پر هاڻ جڏهن هو حڪومت کان ٻاهر آهي ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ پاران کيس نو لفٽ آهي ته هو فوج تي حملا ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هٿان نٿو وڃائي. جڏهن ته فوج تي ڪيل حملن کي هو تنقيد قرار ڏئي ٿو.
ڇا هن کان اهو وسري ويو آهي ته ماضي ۾ به اها ساڳي فوج هئي، جيڪا هن سان بيٺل هئي ۽ هن کي سياسي طور هر قسم جي مدد به فراهم ڪندي رهندي هئي ۽ ان کان سواءِ هن عمران خان نيازيءَ جي ڪيل ڪيترين ئي غلطين کي نظرانداز پڻ ڪيو. پر تنهن هوندي به هو سياسي پارٽين سان دشمني نڀائڻ جي چڪر نه رڳو سياسي پارٽين جي سربراهن کي لوئيندو رهيو پر انهن کي دنيا جا مها ڪرپٽ چوندو رهيو، جڏهن ته هن وٽ ڪي ثبوت به ڪونه هئا. اهڙي ريت هو نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جي ڪرپشن جي حوالي سان چوندو رهيو آهي ته کيس اسٽيبلشمينٽ ٻڌايو ته اهي ٻئي ڪرپٽ آهن. جيڪڏهن ان ڳالهين تي اعتبار ڪري به وٺجي ته اهي ٻئي سياستدان ڪرپٽ آهن ته پوءِ پنهنجي حڪومت ۾ رهندي انهن ٻنهي خلاف ڪا جاچ ڇو نه ڪرائي، جيڪڏهن اهي ڪرپٽ هئا ته ان حوالي سان هن پنهنجي منهن سوچ ويچار ڇو نه ڪيو.
عوام کي ياد هوندو ته 2013ع جي چونڊن ۾ جڏهن پي ٽي آءِ هارائي وئي هئي ته عمران خان نيازي 35 پنڪچر لڳڻ جون ڳالهيون ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اهي سيٽون پي ٽي آءِ جون هيون پر ڌانڌلي ڪري نواز ليگ کي ڏنيون ويون. جڏهن اهو الزام ثابت نه ٿي سگهيو ته هن ان کي سياسي بيان قرار ڏنو هو. پر سياست ۾ رڳو الزام بازي نه هلندي آهي، ان کي ثابت ڪرڻ به ضروري هوندو آهي. پر عمران خان اهڙوُ ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهيو. نتيجي ۾ نه رڳو نواز ليگ کي اخلاقي فتح ٿي پر عمران خان نيازيءَ جي پت به وائکي ٿي وئي هئي.
اڄڪلهه عمران خان نيازي لانگ مارچ کي خطاب ڪري رهيو آهي. ظاهري طور ته اهو لانگ مارچ جاري آهي پر اهو تڏهن ئي پڄاڻي تي پهچي چڪو هو، جڏهن ته لانگ مارچ تي حملي جو ڊرامو ڪيو ويو هو. هاڻ بس ماڻهن جو هڪ ميڙ آهي، جيڪو رڙهي رهيو آهي. ساڳي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان نيازي اڃا تائين به ساڳي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. هن ڀيري هن اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان بيان ڏنو آهي، سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن نه رڳو مسلم ليگ نواز جي ويجهو آهي پر هينڊلرز به ان کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن. اليڪشن ڪمينشر اسان کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان خلاف 8 ڀيرا فيصلو ڏنو ۽ عدالت 8 ڀيرا رد ڪري ڇڏيو، جنهن جو مطلب آهي ته فيصلا غلط هئا. هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ چيو آهي ته تحريڪ انصاف سان گڏ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي فنڊن جا ڪيس به ڏٺا وڃن پر ان هوندي به اليڪشن ڪمشنر ڪيس نه پيو ڏسي.
هو نه رڳو پنهنجي حڪومت جي بيوسيءَ جو ذڪر ڪندي نظر اچي ٿو پر انهن جو اعتراف به ڪري رهيو آهي. سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ٻيٽن تي پيپلز پارٽي ڪم ڪرڻ نه ڏنو، ان سان 5 ارب ڊالر اچن ها. ان کان سواءِ راوي سٽي واري منصوبي تي به ڪم نه ڪرڻ ڏنو ويو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون اسٽيبلشمينٽ ۽ هينڊلرز کي سمجهايو ته جيڪڏهن اوهان سازش ڪامياب ٿيڻ ڏني ته ملڪ کي سنڀالي نه سگهبو. مون ڇهه مهينا اڳ چيو هو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ٿو ته ڪير ان کي بيل آئوٽ نه ڪندو. جنهن تي حڪومت غداريءَ جو ڪيس ڪرڻ جو چيو.
ان ڳالهه جا ڄٽا امڪان هئا ته عمران خان نيازي جيئن حڪومت مان نڪرندو ته هو اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندو. پهرين هو پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو الزام آمريڪا تي مڙهيندو رهيو پر هاڻ اهو الزام به هو واپس وٺي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته هو قوم کي حقيقي آزادي ڏيارڻ ٿو چاهي. ڇا پاڪستان ان پوزيشن ۾ آهي ته هو پنهنجن اتحادي ملڪن سان ڦٽائي ڪنهن اهڙي حقيقي آزاديءَ جو نعرو هڻي، جيڪو تبديلي جهڙو ئي کوکلو هجي ۽ ان جي پويان عمران خان نيازي جهڙي ماڻهو جي سوچ هجي. جنهن کي جڏهن اقتدار مليو ته هو پاڻ ئي تبديلي تان هٿ کڻي ويو هو، سندس چوڻ هو ته تبديلي رات پيٽ ۾ ڪونه ايندي آهي، ان کان پوءِ هو چوڻ لڳو ته تبديليءَ جو سفر ڊگهو آهي ۽ ان کان پوءِ سندس چوڻ هو ته تبديلي بٽڻ دٻائڻ سان ڪونه ايندي آهي، ان لاءِ ذهني طور پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو آهي.
جڏهن ڪنهن سياستدان جي منزل رڳو اقتدار ماڻڻ هجي ته پوءِ هو ڪوبه بيان ڏئي سگهي ٿو ۽ ماڻهن کي دل وندرائيندڙ نعرن وسيلي پنهنجي پويان لڳائي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ به اهڙي ئي پارٽي آهي، جنهن نه رڳو عوام کي تبديليءَ جي ڪوڙي نعري پويان لڳائي تباهيءَ جي رستي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو پر ان ملڪ کي اڪيلائي جي ڪُن ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن مان نڪرڻ اڃا تائين به ڏکيو لڳو پيو آهي.
عمران خان نيازي هن وقت اهي اعتراف ڪري رهيو آهي ته سندس حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو، کيس ڪو اختيار ڪونه مليل هو، وزير اعظم هو پر تڏهن به حڪومت ڪنهن ٻئي جي هئي. ان جو مطلب اهو آهي ته ملڪ ۾ سويلين حڪومت کي فيصلي سازيءَ جي ڪابه آزادي حاصل ناهي. اها ئي ساڳي ڳالهه نواز شريف ڪندو رهيو آهي، ان کي عمران خان نيازي غلط قرار ٿو ڏئي. جڏهن نواز شريف چوندو رهيو ته هن کي 2/3 اڪثريت حاصل آهي پر سندس فيصلن تي قبول نٿو ڪيو وڃي ته هو به ان قوت جي ڳالهه ڪندو هو، جيڪا اصل ۾ سويلين حڪومت ماتحت آهي پر ملڪ ۾ ڪابه اهڙي حڪومت هن وقت تائين وجود ۾ ڪونه آئي آهي، جيڪا آزاديءَ سان سياسي فيصلا ڪرڻ جي قابل هجي ۽ اهو جهيڙو گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان هلندڙ آهي.
نواز شريف ضياءَ جي دور کان وٺي سويلين حڪمرانيءَ جو قائل آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته جڏهن هو ضياءَ جي ڪابينه ۾ پنجاب جو وڏو وزير هو ته ڪنهن ڳالهه تي ضياءَ سان اختلاف ٿي پيا ۽ پوءِ ضياءَ پنجاب جي وڏ وزارت هن کان کسڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. جنهن لاءِ يوسف رضا گيلانيءَ کي تيار ڪيو ويو هو. ان لاءِ ان وقت جي پير پاڳاري کي سياسي طور سرگرم ڪيو ويو. پوءِ ٿوري گهڻي وٺ پڪڙ ٿي ۽ اها ڳالهه جڏهن نواز شريف تائين پهتي ته هو ضياءَ سان مليو، ان جو سبب پڇيائين ۽ پنهنجا پير پوئتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. جنهن کان پوءِ يوسف رضا گيلاني وارو معاملو هڪ پاسي ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته نواز شريف کي ضياءُ الحق پنهنجو دائري اختيار ياد ڏياري ڇڏيو هو. اهڙي ريت جڏهن به ڪو حڪمران پنهنجي سول بالادستيءَ جي ڳالهه ڪندو آهي ته ان لاءِ رستا سوڙها ڪيا ويندا آهن. نواز شريف خلاف جيڪو پاناما ڪيس ٿيو هو، اهو به ان سلسلي جي ڪڙي هو. جيئن ته هن کي ڪنهن به ريت حڪومت کان ٻاهر ڪرڻ ممڪن نه هو، ان ڪري کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي چور ثابت ڪيو ويو، جنهن جي پروپيگنڊا اڄ ڏينهن تائين عمران خان نيازي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته عمران خان نيازيءَ تي توشا خانا جو ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هن سعودي شهزادي محمد بن سلمان پاران مليل گهڙي وڪڻي ڇڏي آهي، جنهن جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت ڪروڙن ۾ آهي.
عمران خان نيازي ٻه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري هڪ ڏوهاري ڪري رهيو آهي، جنهن خلاف هو قانوني رستو اختيار ڪندو. آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائڻ لاءِ عمران خان نيازي گذريل ڪيترن ڏينهن کان بيان بازي ڪندو پيو اچي. آرمي چيف جي مقرري ملڪ جي هڪ اهم اداري جي سربراهه جي مقرري آهي ۽ ان لاءِ آئين ۾ جيڪو طريقو لکيل آهي، ان کان ٻاهر وڃي ڪوبه فيصلو نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ کي اهو ٿو لڳي ته هو آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائي ڪا سياسي راند کيڏي سگهي ٿو ته اها سندس ڀل آهي. ان حوالي سان ملڪ جي ڪابه ڪورٽ سندس مدد نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ان کي تڪراري قرار ڏئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته نئين آرمي چيف جي مقرري واري سمري تي نواز شريف نه پر شهباز شريف جي صحيح هوندي. تنهنڪري ان کي ڪٿي به چيلينج نٿو ڪري سگهجي.
پي ٽي آءِ جي سياست جو محور هن وقت آرمي چيف جي مقرري آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن ۾ بنا ڪنهن رنڊنڪ جي ٿيڻ واري آهي ۽ ان کان پوءِ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي ويندو. پي ٽي آءِ جي پنهنجي رويي ۾ به تبديلي اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جي مقرري هڪ اهم معاملو آهي. ملڪي سياست ۾ پي ٽي آءِ وارو تجربو ڪندڙن کي متان اهو احساس ٿيو هجي ته ڪڏهن به سياست جون واڳون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي حوالي نه ڪرڻ گهرجن جيڪو قومي ادارن لاءِ ئي خطرو بڻجي وڃي. عمران خان نيازي نه رڳو ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي پر هن جن سياسي روايتن کي جنم ڏنو آهي، انهن جي گند کي صاف ڪرڻ ۾ گهڻُ وقت پڻ لڳي سگهي ٿو. پر اهو گند وري به جمهوريت پسند قوتن وسيلي ئي صاف ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button