قطر ۾ سڀاڻي کان فٽبال ورلڊ ڪپ جو ميگا ايونٽ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شرڪت خاطر ٽيمن جي اچڻ، انهن جي آجيان ٿي رهي آهي ۽ گڏو گڏ هر طرف تماشائين توڙي شوقينن جي رش سبب ميلي جهڙو ڏيک نظر اچي رهيو آهي. ميڊيا مطابق قطر ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي تيارين کي حڪومت حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن تھ سعودي عرب مان بھ تماشائي قطر ۾ داخل ٿي رهيا آهن،
جن کي سندن گاڏيون طئي ٿيل ميدان تي ڇڏڻ جي هدايت ڪيل آهي. هوڏانهن سيناگال جو مک فٽبالر سوڊيو ميني زخمي هجڻ ڪري مداح مايوس آهن. ٻئي پاسي ڊياگو ميراڊونا، پيلي، ڪرسٽيانو رونالڊو سميت ليجنڊز بھ ايونٽ ۾ ياد رکيو ويو آهي. ايونٽ جي پهرين ميچ سڀاڻي ميزبان قطر ۽ ايڪواڊور وچ ۾ ٿيندي، ٻئي ڏهاڙي انگلينڊ ۽ ايران مقابلو ڪندا. جڏهن تھ دفاعي چيمپيئن فرانس اربع تي ميدان ۾ ايندو.
هوڏانهن ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ جاپاني ٽيمون بھ دوحا پهچي ويون آهن، جنهن دوران تيونس جي ٽيم جو هزارن جي تعداد ۾ مداحن استبال ڪيو آهي. فيفا اختيارين تصديق ڪئي آهي تھ ورلڊ ڪپ وارن هنڌن تي بيئر جي وڪري تي پابندي لڳائي وئي آهي. جڏهن تھ هن ڀيري پڻ ايونٽ ۾ پاڪستان مان تيار ٿيندڙ بال استعمال ڪيو پيو وڃي.