هر سال 20 نومبر ٻارڙن جو عالمي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو آهي. هن سال 2022ع جو موضوع “هر ٻار جي برابر شموليت” هو، جنهن ۾ معذور ٻارڙن جي شموليت تي زور ڏنو ويو هو. ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سماجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ ٻارن جي عالمي معاهدي ۾ ڪيل وچن کي ورجائڻ ۽ طئي ڪيل هدفن کي پورو ڪرڻ جون ڪوششون وٺڻ هوندو آهي.
دنيا ۾ 15 سيڪڙو آبادي معذور ماڻهن تي مشتمل آهي. اسان جي سماج ۾ لکين معذور ٻارڙا موجود آهن، جن ۾ ذهني معذور ٻارڙا وڌيڪ ڌيان جا گهرجائو هوندا آهن. سندن بحالي ڪنهن چئلينج کان گھٽ ناهي. دنيا ۾ ذهني معذوري هڪ وڏو مسئلو آهي، جيڪو حل ٿيڻو آهي. معذوريءَ جي وڌندڙ لاڙي جو ڪارڻ سماجي اڻ ڄاڻائي، جاڳرتا جو عام نه هجڻ ۽ رائج بي تُڪيون رِيتون رسمون آهن. ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ ذهني معذوريءَ کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ٻار جي تُرت چڪاس، علاج ۽ بحالي ڪرڻ جو بندوبست نه هئڻ برابر هوندو آهي. جيترو ٻار جي جيتري ترت چڪاس ٿيندي، اوترو ئي جلد بحال ٿيڻ ممڪن هوندو. ٻهراڙيءَ جا ٻارڙا اهڙي سهولتن کان وانجهيل هوندا آهن. ذهني معذوريءَ جي وارن ٻارڙن کي چريو يا درويش ڪوٺيو ويندو آهي. انهن جي ڳالھه سمجهڻ بدران مذاق ۽ ٺٺول ڪري کين ٻُڌو ئي نه ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻار مايوسي ۽ چڙ ۾ وٺجي ويندا آهن. ايئن سندن حالت سُڌرڻ بدران بگڙجي ويندي آهي. اهڙن ٻارڙن کي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. خاص ڌيان لاءِ خاص مرڪز جي ضرورت هوندي آهي جنهن کي عام لفظن ۾ ذهني بحاليءَ جو مرڪز ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙا مرڪز ڪراچيءَ ۾ عام جام آهن پر سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اهڙا مرڪز قائم نه آهن ۽ ڪراچي شهر مختلف ضلعن کان تمام گھڻي مفاصلي تي آهي. اتي پهچڻ، ترسڻ ۽ تسلسل سان علاج ۽ بحالي جاري رکڻ تمام ڏکيو عمل آهي.
ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي ۽ ضرورت جي پُورائي لاءِ نواب شاهه جي معذورن جي سماجي تنظيم نيشنل ڊس ايبلٽي ائنڊ ڊيولپمينٽ فورم (اين ڊي ايف) جوڳا اُپاءَ وٺندي سنڌ حڪومت جي اداري ڪميونٽي ڊيولپمينٽ پروگرام (سي ڊي پي) ترقياتي ۽ رٿابندي کاتي جي سهڪار سان 2018ع ۾ 100 ٻارڙن لاءِ اين ڊي ايف ذهني معذوريءَ جو بحالي مرڪز نواب شاهه ۾ قائم ڪيو آهي. هڪ سال جي پراجيڪٽ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ 2019ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ساليانو خاص گرانٽ جاري ڪري معذورن جي ڀلائي ۽ خودمختياريءَ جي کاتي، ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبليٽيز (DEPD) سان سدائين لاءِ شراڪت قائم ڪري ڇڏي آهي.
اهڙن ادارن جي سماجي سطح تي پذيرائي تمام گھٽ آهي، تنهن هوندي به ادارن جو مسلسل ڏکيائين باوجود ڪم جاري رکڻ اداري جي سماجي ذميداري جو زندهه ثبوت آهي. سماج جا سرنديءَ وارا ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جا ادارا پنهنجي پنهنجي سماجي ذميداري نڀائيندي تنظيم جي مرڪز سان هٿ ونڊائيندا رهن ٿا. ڄاڻايل مرڪز ۾ ذهني معذوريءَ جي تُرت چڪاس، تُرت علاج ۽ بحاليءَ جو جوڳو بندوبست موجود آهي. هتي ذهني معذوريءَ لاءِ گُهربل بحالي ۽ علاج جون خدمتون ۽ تربيتون مفت ۾ فراهم ڪيون وينديون آهن. مرڪز ۾ آيل ٻارڙي کي سڀ کان پهرين معذوري جي چڪاس ڪئي ويندي آهي.
ذهني معذوريءَ جا پڻ ڪيترائي قسم آهن. جن ۾ ڊائون سينڊروم، آئٽزم، سيربل پالسي )سي پي(، اي ڊي ايڇ ڊي، ڊس ليگزيا نمايان آهن. هر معذوريءَ لاءِ مختلف مشقون ۽ تربيتي سرگرميون ڪرايون وينديون آهن، جنهن ۾ فزيوٿراپي، سائڪوٿراپي، اسپيچ ٿراپي ۽ آڪوپيشنل ٿراپي جون مشقون نمايان آهن. اين ڊي ايف مرڪز ۾ معذوري جي چسڪاس کان پوءِ ٻار کي داخلا ڏني ويندي آهي، گھربل معلومات جو فارم ڀري رڪارڊ ۾ رکيو ويندو آهي ۽ ڄاڻايل ٿِراپسٽ (ماهر ڊاڪٽر) ڏانهن رجوع ڪيو ويندو آهي، جيئن درست وقت تي ماهر کان سندن گهربل بحالي ۽ علاج ٿي سگھي.
پري کان آيل ٻار يا ويجهو به هجي پر اهو گھر ۾ سنڀالڻ جوڳو نه هجي، ان ٻار کي اين ڊي ايف پاران مفت ۾ رهائش، کاڌ خوراڪ جو مڪمل بندوبست مهيا ڪيو ويندو آهي، جيئن ٻار تسلسل سان ماهرن کان علاج ۽ بحالي مفت ڪرائي سگھن. مرڪز ۾ ٻارن کي مفت ۾ غير نصابي تعليم پڻ ڏني ويندي آهي، ان سان گڏوگڏ راند روند ۽ وندر جو پڻ جوڳو بندوبست ٿيل آهي. لفظ بحالي به عام ماڻهو کان سمجھڻ مُحال آهي. عام مشاهدو اهو رهيو آهي ته علاج ٿئي ته دوا جي ٿيلهي ضرور ملي پر بحالي ان جي ابتڙ آهي. اتي ورزش، مشقون ۽ پيار ڀريون مٺڙيون ڳالهيون جيڪي ٻار جي نفسيات کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن، ٻار جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿين ٿيون. اهو عمل ٻار جي والدين کي سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ اسان جو سماج اڃان تائين معذوريءَ جي نوعيت کي ئي سمجھي نه سگھيو آهي،
معذوريءَ کي بيماري سمجھيو ويندو آهي. ان لاءِ علاج تي ڀاڙيو ويندو آهي. جڏهن ته معذوري ۽ بيماريءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، بيماري عارضي حالت هوندي آهي جيڪا مناسب علاج سان ختم ٿي ويندي آهي. جڏهن ته معذوري مستقل حالت آهي، جيڪا علاج کان پوءِ به قائم رهندي آهي. ان لاءِ علاج جو نعم البدل بحالي (ريهيبلي ٽيشن) جو عمل اثرائتو هوندو آهي. معذوري باوجود زندگي گذارڻ جي عمل کي بحالي چوندا آهن. بحالي معذوريءَ جي شدت کي گھٽائي سندن حالت کي وڌيڪ بگڙجڻ کان روڪي ٿي. بحالي ذريعي هلڻ ڦِرڻ کان لاچار فزيوٿراپيءَ جي مسلسل مشقن ذريعي گھمڻ جي قابل ٿي ويندا آهن، ڀلي اهي وهيل چيئر، بي ساکي، واڪر يا ٻئي سهاري ڇو نه هلن پر هلي سگھندا آهن. ٻار ٻڌي سگھن ٿا پر ڳالهائي نٿا سگھن، اهي اسپيچ ٿراپي جي مسلسل مشقن ذريعي ڳالهائڻ جي قابل ٿي ويندا آهن.
اهڙا ٻارڙا جيڪي انساني جسم ۾ موجود 46 ڪروموسوم جي بناوت ۾ 23هين جوڙي ۾ هڪ ڪروموسوم جو اضافو ٿي وڃڻ ڪري دماغ جي بناوت ۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ فرق اچڻ کان پوءِ واري عمل کي ذهني معذوري يعني ڊائون سينڊروم چيو ويندو آهي. اهڙا ٻارڙا سکڻ جي عمل ۾ سُست هوندا آهن، لڪير جا فقير هوندا آهن پر جيڪڏهن انهن کي سائڪوٿراپي ۽ آڪوپيشنل ٿراپي جون مشقون مسلسل ڪرايون وڃن ته ٻارڙا هُوند زندگيءَ جي هر ڪاروهنوار جا سڀ ڪم خُوب سرانجام ڏئي سگھن ٿا. ان عمل ۾ آهستگي ضرور هوندي پر ناڪامي نه هوندي ۽ ڪم ۾ خوب ڪمال هوندو آهي. دنيا جي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ڊائون سينڊروم ٻارڙا وڏي انگ ۾ موجود آهن، جن بحالي ۽ مناسب تربيت کان پوءِ معذوري باوجود پاڻ مڃرايو آهي.
آئٽزم يا خود فڪري هڪ ذهني معذوري آهي، جيڪا پيدائشي هوندي آهي، جيڪا ٻارڙن کي ڳالهائڻ کان روڪڻ، ميل ميلاپ کان روڪڻ ۽ ٻار جي سلوڪ کي متاثر ڪندي آهي. اهڙي ريت اهڙن ٻارن کي پڻ جيڪڏهن سائڪوٿراپي ۽ آڪوپيشنل ٿراپيءَ جون مشقون مسلسل ڪرايون وڃن ته ٻارڙا هُوند زندگيءَ جي ڪاروهنوار جا سڀ ڪم منفرد انداز ۾ ڪرڻ جوڳا ٿي ويندا آهن. ان سان گڏوگڏ ڌيان نه ڏيڻ وارا ٻار پڻ ذهني معذوريءَ جو شڪار هوندا آهن، جنهن کي اٽينشن ڊيفيسٽ هائپر ايڪٽوٽي ڊس آرڊر (اي ڊي ايڇ ڊي) ڪوٺيندا آهن. انهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پڻ کوڙ سارين نفسياتي مشقن جي ضرورت هوندي آهي. ٻارڙا پاڻ ڪامياب زندگي گذارڻ جي قابل ٿي ويندا آهن.
ذهني معذوريءَ جو هڪڙو قسم ڊس ليگزيا (ڏڏ ذهنيت) هوندي آهي. ان ۾ ٻار کي اکر ۽ انگ اُبتا نظر ايندا آهن. اسڪولن ۾ عام استاد ٻار جي معذوريءَ کي سمجھي نه سگھندو آهي ۽ اهڙن ٻارڙن تي تشدد ڪندو رهندو آهي يا ان ٻار کي اسڪول ۾ نظرانداز ڪيو ويندو آهي. اهي ٻار اڌ ۾ تعليم ڇڏي ڏيندا آهن، اهڙا ٻار پڻ بحالي ذريعي بحال ٿي سگھن ٿا. بحالي وارو عمل علاج کان بهتر هوندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ذهني معذوريءَ جي بحالي بابت ڄاڻ کي عام ڪيو وڃي ۽ بحالي مرڪزن جو انگ وڌايو وڃي ۽ سنڌ جي ڏورانهن ضلعن ۾نوان يونٽ قائم ڪري اين ڊي ايف اداري جي خدمت جي دائري کي وسيع ڪيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي سنجيدگيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي هوندي. جنهن لاڙڪاڻي ۾ پڻ ساڳيو مرڪز منظور ڪيو آهي، جيڪو ٻوڏ اچڻ سبب دير جو شڪار ٿيو آهي. اهو ترت شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ جي اُتر پاسي جي ضلعن جا ٻار مستفيد ٿي پنهنجي گھر جي ويجھو بحالي ۽ تربيتي مشقون مفت ۾ حاصل ڪري سماجي ۽ قومي ڌارا ۾ برابري طور شريڪ ٿي لاڀائتو ڪردار ادا ڪري قوم تي بار بدران ڪارائتا شهري ۽ فخر جو سبب ٿي سگھندا. اهڙا جوڳا اپاءَ وٺڻ سان ٻارڙن جي عالمي معاهدي موجب معذور ٻارڙن جي حقن کي تحفظ پڻ ملي ٿو.