رانديون

قائداعظم ٽرافي: حريرا جي ڊبل سينچري، ناردرن جون 593 رنسون

قائداعظم ٽرافي کٽڻ جي ڊوڙ ۾ ناردرن جي ٽيم سنڌ جي 284 رنسن جي جواب ۾ پهرين اننگز ۾ 593 رنسون ٺاهي ٽئين ڏينهن تي 309 رنسن جي برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق قائداعظم ٽرافي جي فائنل جي ٽئين ڏينهن واري راند ۾ محمد هريرا 28 رنسن جو اضافو ڪري 221 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي، جنهن بعد عمير امين 114 ۽ عمر وحيد 109 رنسن جون شاندار اننگز کيڏي پهرين اننگز ۾ وڏو هدف ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. جڏهن تھ روحيل نذير بھ 94 رنسن سان نمايان رهيو، سنڌ جي بالرن مان محمد عمر ۽ عاليان محمود 4،4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button