ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هندستاني سياست: گانڌي، ڪانگريس ۽ مذهب

Editorial-Article- Atif Mallah

پروفيسر حمزه علوي هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام جي موضوع تي لکندڙ مارڪسي دانشور آهي. بنيادي طور تي پروفيسر حمزه علوي ذڪر ڪيل مضمونن ۾ انگريزيءَ جي مختلف جرنلز ۾ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي وقت بوقت اردو ۾ ترجمو ٿين پيا. “تخليق پاڪستان”،”پاڪستان: رياست اور اس ڪا بحران”، “تشڪيل پاڪستان”،”جاگيرداري اور سامراج”، “پاڪستاني اشرافيا: فوج اور نوڪر شاهي” جي نالي سان پروفيسر حمزه علويءَ جا پاڪستان جي قيام، هندستان جي ورهاڱي، پاڪستان جي رياستي ڍانچي، پاڪستان جي سياست ۽ سياسي بيهڪ تي لکيل مقالا مٿي ڏنل ڪتابن جي نالن سان شايع ٿي چڪا آهن. تازو ئي پاڪستان ۾ انتهاپسنديءَ جي نئين لهر ۽ مذهب جي سياست ۾ عمل دخل جي منظرنامي ۾ پروفيسر حمزه علوي جا مختلف وقتن تي انگريزي ۾ ڇپيل مقالا “پاڪستان: مذهبي انتهاپسندي ڪا اڀار” جي نالي سان اردو ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا آهن.
پاڪستان جي حڪمرانن ملڪ جي باني محمد علي جناح جي وفات کان پوءِ پاڪستان جي قيام کي مذهبي رنگ ڏيڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. 1949ع ۾ قرارداد مقاصد آڻي پاڪستان جي سموري بيهڪ کي مذهبي بڻائي ملڪ جي قيام کي مذهب سان منسوب ڪيو ويو. مذهبي انتهاپسندي مختلف وقتن تي پنهنجا جوهر ڏيکاريندي رهي پر اوڀر پاڪستان جي علحدگي کان پوءِ ملڪ ۾ اها انتهاپسندي اڃان عروج تي پهچي وئي. جمهوريت اڳ ئي ڪمزور هئي. جاگيردار طبقو ملڪ تي قابض هو. فوج پنهنجي وڃايل طاقت ۽ وقار جي بحاليءَ لاءِ ڪوششن ۾ هئي. ان صورتحال ۾ حڪمران جماعت مذهبي نعرن وسيلي عوام ۾ مقبوليت ماڻڻ ٿي گهري ۽ اهو سلسلو ايندڙ حڪومتن به جاري رکيو ۽ ڪڏهن نظام مصطفيٰ ته ڪڏهن شريعت محمدي ۽ هاڻ مديني واري رياست جو نالو وٺي مذهبي نعرن کي عام ڪيو پيو وڃي. ان سان هڪ ته مذهبي انتهاپسنديءَ کي هٿي ملي ٿي ۽ ٻيو ته خود مذهب جي تعليم کي غلط رنگ ڏئي اصلي تعليم کي مسخ ڪيو وڃي ٿو. حمزه علوي انهن سمورن شين تي گهرائي سان غور ڪيو آهي ۽ تحقيقي مقالا لکيا آهن. سندس انگريزي مقالن جي اردو ترجمن تي مشتمل تازو شايع ٿيل هن ڪتاب “پاڪستان: مذهبي انتهاپسندي ڪا اڀار” ۾ پڻ پروفيسر هندستان اندر سياست ۾ مذهب جي عمل دخل، پاڪستان جي قيام کان پوءِ حڪمرانن طرفان پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ مذهب جي استعمال ۽ جناح جي سيڪيولر نقطه نظر تي تفصيل سان تحقيقي مضمون لکيا آهن.
پروفيسر حمزه علوي “پاڪستان: مذهبي انتهاپسندي ڪا اڀار” ڪتاب ۾ شامل parting of ways- Tumultuous “علحدگي جو هنگامه خيز رستو” نالي پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: 1946ع ۾ برطانيه کي پهريون ڀيرو طاقت جي وڏي سنجيده بحران جو منهن ڏسڻو پيو. ان صورتحال تي قابو پائڻ لاءِ انگريزن هندستاني قومپرستن سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيا. (ڪتاب- پاڪستان:مذهبي انتاپسندي ڪا اڀار صفحو 15) پروفيسر حمزه علوي هندستان جي قومپرست قيادت ۽ قومپرستي بابت پنھنجن خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته: اوڻويهين صدي تائين هڪ پڙهيل لکيل شهري مڊل ڪلاس طبقي هندستاني سماجي مٿان پنهنجا اثر ڇڏيا. ان ۾ وڪيل، انجنئير، ڊاڪٽر وغيره شامل هئا، جيڪي انگريزي ٻولي ڄاڻڻ سميت سرڪاري ملازمتن جا خواهشمند هئا. جنهن کي هو “پگهاردار” طبقو سڏي ٿو. ان طبقي ملازمتن وغيره ۾ پنهنجي جائز حصي لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيو ۽ ائين بقول پروفيسر حمزه علوي جي هندستان اندر قومپرستيءَ جو ٻج دراصل شهري طبقي ڇٽيو. (ساڳيو ڪتاب صفحو 15) انهن شروعاتي قومپرستن جا مطالبا؛ سول سروسز ۾ سندن حصيداري، حڪومتي ۽ قانونساز ادارن ۾ هندستانين جي نمائندگي وغيره تائين محدود هئا.
پروفيسر لکي ٿو ته انگريزن شروعاتي طور ان طبقي کي مراعتون ڏيڻ بدرانِ جاگيردار طبقي کي وڏن لقبن، جاگيرن ۽ ٻين مراعتن سان نوازيو ڇاڪاڻ ته جاگيردار طبقو هندستان اندر انگريزن جو مقامي سياسي اتحادي هيو. جيئن جيئن ان شهري طبقي پنهنجو زور وڌايو تيئن تيئن انگريزن جاگيردارن کي وڌيڪ هٿي ڏني. پروفيسر ڪانگريس جي قيام بابت لکي ٿو ته: قومپرست گروهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري 1885ع ڌاري ڊسمبر جي مهيني ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ڪانگريس کي شروعاتي طور اهڙا اعتدال پسند اڳواڻ مليا، جيڪي پنهنجن شعبن ۾ ڪامياب پروفيشنل ماڻهو هئا، جن سياست لاءِ وقت تمام گهٽ ٿي ڪڍيو ۽ شروع واري ڪانگريس جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته هنن جا انگريزن کان مطالبا سال ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ چند قراردادن تي مشتمل هوندا هئا، جن اندر هو انگريزن سان وفاداري ۽ نرم لهجي ۾ ڪجهه گذارشون ڪرڻ جي ئي تڪليف ڪندا هئا نه ته ٿيو خير.
ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏاڪي تي ڪانگريس اندر ان طرز جي سياست خلاف ردعمل سامهون آيو ۽ هڪ ٻيو گروپ حاوي ٿيندو ويو، جيڪي عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي ڳالھه ڪرڻ لڳا نه ڪي برطانيا کان گذارشون وغيره ڪرڻ. پروفيسر ان گروپ کي “انتهاپسند” لکيو آهي، جنهن بابت اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته: ڪانگريس ۾ ويهين صديءَ جي پهرين ڏاڪي ۾ شامل ٿيندڙ ان گروپ عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي بياني کي عوام ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ انهن مذهبي علامتن، مذهبي نعرن جو سهارو ورتو. مثال طور انهن بنگال اندر ڪالي پوجا، گنپتي پوجا جو استعمال ڪيو. جڏهن ته مهاراشٽر اندر شيواجي جي علامتن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي ابتڙ نه مسلم ليگ نه ئي جناح ڪنهن مذهبي نعري جو استعمال ڪيو. (ساڳيو ڪتاب صفحو 16،17) انهن تبديلين سبب 1905ع ڌاري انگريزن بنگال جو ورهاڱو ڪيو. بعد ۾ ڪيئن هندن جي تعصب سبب انگريزن اهو فيصلو واپس ورتو، جناح جي هندستاني سياست ۾ بطور هندو – مسلم اتحاد جي سفير ۽ گانڌيءَ جي مذهب ۾ سياست کي شامل ڪرڻ سميت هندستان اندر مذهب جو سياست ۾ شامل ٿيڻ، خلافت تحريڪ جيڪا هندستان جي مشهور مذهبي تحريڪ هئي، ان جي جناح طرفان مخالفت ۽ گانڌي طرفان پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ان جي حمايت بابت پروفيسر جي وڌيڪ خيالن تي بحث ايندڙ لکڻي ۾ ڪبو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button