ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جا يوٽرن

Editorial-Article-Irshad Leghari

جنهن وقت پرويز مشرف، بقول آصف زرداريءَ جي جنرل باجوا جيان شينهن جي کل ۾ هو، ان وقت هن محفوظ رستو ڏيڻ لاءِ محترما بينظير ڀٽو ڏانهن هٿ وڌايو. محترما ڏورس سياستدان هئي، ان ڪري هن مشرف جي جسم تي پيل کل کي لهرائڻ ۾ مدد ڪئي. هاڻ تجزئي نگار چون ٿا ته عمران خان، هينئر تائين جيڪي ڳالهيون اڏائيندو رهيو ۽ ڪوڙا سچا بيانيا گهڙيندو رهيو، اهي ان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن. ان ڪري هن کي ڪير فيس سيونگ ڏيندو؟ يقينن موجوده حڪومت يا ان ۾ ويٺل سياستدان ئي ان کي محفوظ رستو ڏيندا. اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته مولانا فضل الرحمان توڙي جو وزنري سياستدان آهي، پر اهو عمران خان کي محفوظ رستو ڏئي نٿو سگهي. هي مولانا جي سياسي ڪيمسٽري آهي، هو سمجهي ٿو، عمران خان جڏهن کان ٻه ٽنگو ڦاٿو آهي، ان کي وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ ڏيو. پوءِ يقين سان چئي نٿو سگهجي ته ميان نواز شريف يا وزير اعظم شهباز شريف هن کي محفوظ رستو ڏيندا. ها اهو ڪم ڪو ٻيو نه ئي سهي آصف زرداري ڪري سگهي ٿو. اهو ساڳيا سياسي پنڊت چون ٿا ته عمران خان کي اڳ ۾ پنڊي تائين لانگ مارچ ڪري اچڻ جي اجازت ته ڏني وئي، پر کيس اڳتي وڌڻ کان روڪي محفوظ رستو فراهم ڪيو ويو. ٻين لفظن ۾ فيس سيونگ ڏني وئي. هاڻ اتان ته عمران خان موٽي لاهور جي زمان پارڪ پهچي ويو، پر اتي به کيس ٻڌايو ويو ته گجرات جا چوڌري کيس”ڪوفي جي ميدان” ۾ اڪيلو ڇڏي ويندا. ان کانپوءِ هن لاءِ ڪوبه رستو نه بچندو، ان ڪري هن جي مدد ڪئي وڃي.
عمران خان پنڊي پهچي اڳتي نه وڃي پهريون ڀيرو شايد عقلمنديءَ جو ڪم ڪيو، پر هن جيڪي اعلان ڪيا، اهي خطرن سان ڀرپور آهن. خاص ڪري هن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري پنهنجي رستي ۾ ڪنڊا وڇايا. پرويز الاهي ته دل کولي چئي ٿو ته عمران خان جيڪڏهن سڀاڻي چوندو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙ ته هو ائين ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، پر ڳالهه ايتري آسان ناهي. جيڪڏهن پنجاب حڪومت، عمران خان تي حملي جو ڪيس داخل ڪرائي نه پئي سگهي ته اها اسيمبلي ٽوڙڻ جي اجازت ڪيئن وٺندي؟ يا ائين چئجي ته هن کي اهڙي اجازت ڪير ڏيندو؟ چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي، جيڪي ڳالهيون عمران خان ۽ جنرل باجوا جي حوالي سان ڪيون، ان سان هڪ طرف اهم اداري جي ساک ڏانهن آڱريون کڄڻ شروع ٿيون ته ٻئي پاسي عمران خان کي وائکو ڪري ڇڏيو ته هن کي چيو ويو ته هو شريف ڀائرن بدران چوڌري پرويز الاهي جو ساٿ ڏين. اها ڳالهه رڳو چوڌرين کي ته نه چئي وئي هوندي، عمران خان جا ٻيا به اتحادي هئا، جن ۾ بلوچستان جي عوامي پارٽي عرف اسٽيبلشمنٽ جي بي ٽيم، ان سان گڏ بلوچستان جا ٻيا قومپرست سمجهيا ويندڙ به عمران خان جا اتحادي هئا. وڏي ڳالهه ته ايم ڪيو ايم، جن کي عمران خان نفيس سڏيو هو، اهي به واڳ ڌڻين جا خاص نور نظر يا اکين جا تارا هئا، جيڪا ڳالهه جنرل رٽائرڊ باجوا، (ق) ليگ کي چئي، اها انهن اتحادين کي چئي هوندي؟ ان حوالي سان تصديق سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي، پر سمجهي سگهجي ٿو ته شايد مونس الاهي ڪوڙ ڳالهايو. ڪي چون ٿا ته ڳالهه هن درست ڪئي. صحافي حامد مير چئي ٿو ته باپ توڙي ايم ڪيو ايم کي به چيو ويو ته اهي عمران خان جو ساٿ نه ڇڏين، پر انهن ائين نه ڪيو. هاڻ سوال آهي ته اهي پارٽيون،جيڪي واڳ ڌڻين جي اشاري تي حڪومتون تبديل ڪنديون رهنديون آهن، اهي پنهنجي مرضي مطابق ڪيئن فيصلا ڪري سگهن ٿيون؟
عمران خان، پاڻ به چوندو رهيو آهي، ان جو سيڪنڊ ليفٽيننٽ فواد چوڌري به چئي چڪو آهي ته عمران خان سمورا حڪومتي معاملا out source يعني ٻين کي مقاطعي تي ڏئي ڇڏيا هئا. ان ڪري انهن معاملن تي عمران خان جو هٿ وس نه پئي هليو.جنرل باجوا پنهنجي الوداعي تقرير ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون،ان کان اڳ به هن اهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون،جن مان ظاهر ٿيو پئي ته عمران خان کي اهم اداري پالي وڏو ڪيو. ان جي پالنا سان گڏ تربيت ڪئي،پر هن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. آخرڪار واڳ ڌڻين به تنگ ٿي عمران خان کان جان آجي ڪرائي، ان بعد بقول شيخ رشيد جي عمران خان اقتدار جي ايوانن بدران روڊن ۽ رستن تي وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويو. اها به تڪراري ڳالهه آهي ته عمران خان واڳ ڌڻين لاءِ خطرناڪ ٿيو،پر اهي جيڪي هاڻ استعيفائن مٿان استعيفائون ڏئي رهيا آهن. انهن جي طاقت جو سرچشمو هئا. هاڻ انهن سڀني کي نيوٽرلائيزد ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ عمران خان پاڻ ته ٻڏو، ٻين کي ٻوڙي ڇڏيو. عمران خان جي پريشانين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هو پريشان آهي. ان ڪري هڪ ڏينهن هڪڙي ۽ ٻئي ڏينهن تي ٻي ڳالهه ڪري ٿو. ان سموري عمل کي عمران خان پاڻ يوٽرن سڏيندو رهيو آهي. ان دوران هو وري غلطين مٿان غلطيون ڪري رهيو آهي، جن جي کيس قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
عمران خان، اڳ اسيمبلين ٽوڙڻ جو اعلان ڪري غلطي ڪئي، جيڪڏهن ٻنهي صوبن جا وڏا وزير اهڙا فيصلا ڪن ٿا ته عدالت بدنيتي ڄاڻائي اسيمبلين کي بحال ڪري سگهي ٿي. ماضي ۾ عدالتن جا اهڙا فيصلا موجود آهن، انهن ۾ ظفرالله جمالي ۽ منظور وٽو جا مثال ڏئي سگهجن ٿا، جن جون ٽوڙيل اسيمبليون بحال ٿي ويون. هينئر به مخالف ڌر عدالت ۾ وڃي سگهي ٿي، جنهن خلاف عدالت اسٽي آرڊر به جاري ڪري سگهي ٿي. عمران خان به قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙيو هو، پر سپريم ڪورٽ ان فيصلي کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. ساڳي صورتحال انهن ٻنهي صوبن سان لاڳاپيل آهي. ان ڪري عمران خان کي اڪ جي ماکي لاهڻي ڪانهي، نه ئي ڪو ان کي لاهڻ ڏيندو. ان سان گڏ عمران خان ڪجهه ٻيون غلطيون ڪري رهيو آهي، هن پهرين حڪومت کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ 24 ڪلاڪن جي اندر ڦري ويو، يا يوٽرن وٺي ڇڏيو. ان سان عمران خان جي رهيل ساک به ختم ٿي وئي. هاڻ چئي ٿو ته هن جي ڳالهه کي پي ڊيم ايم وارن غلط سمجهيو، هو ڪنهن به صورت ۾ حڪومت سان نه ڳالهائيندو. ان سان گڏ حڪومتي ڌر به مشروط ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اڳواٽ شرط لاڳو ڪرڻ سان اها عمران خان سان نه ڳالهائيندي. خواجا آصف شڪ ظاهر ڪيو ته متان هن ڀيري عمران خان سنجيده هجي، ان ڪري هن جي ڳالهين واري آڇ کي ٺڪرائي نٿو سگهجي. پر سڀني کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته عمران خان سنجيده نه هو، هن ته رڳو مذاق پئي ڪيو، حڪومت وري سنجيده ٿي وئي!
جيڪڏهن واقعي، عمران خان، ڳالهين ۾ سنجيده هجي ها ته سياسي طور تي کيس فائدو ٿئي ها. هينئر هو ٻارهون نمبر کلاڙي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي سياسي پنڊت عمران خان کي مشورو ڏين پيا ته هو رڳو حڪومت کي ڳالهين لاءِ مجبور نه ڪري، پر ان سان گڏ قومي اسيمبليءَ ۾ به واپس هليو وڃي. جن اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ٿيون، انهن سان گڏجي قانون سازيءَ جي عمل ۾ حصو وٺي. پارلياماني سياست ڪرڻي آهي ته چونڊيل ايوانن ڏانهن واپس وڃڻو پوندو. پر عمران خان جي انداز مان نٿو لڳي ته هو پارليامينٽ ڏانهن موٽي ويندو. هي اصل ۾ انا ۽ هٺ آهي، جيڪا عمران خان کي مارائيندي.
چوڻ وارا چون ٿا ته عمران خان، جيئن ماضي ۾ ڪنهن طاقتور ڌر جا ڪلها استعمال ڪيا، ساڳئي انداز سان موجوده واڳ ڌڻين جي قيادت کي منٿون ڪري رهيو آهي ته اهي گذريل 8 مهينن جي پاليسين کان هٽي هن جو ساٿ ڏين. جڏهن ته هو چئي چڪا آهن ته هو نيوٽرل آهن ۽ ڪنهن به غير جمهوري ۽ غير آئيني عمل جو حصو نه ٿيندا. ان ڪري عمران خان اجايو نان ڊجيٽل نمبر ڊائل نه ڪري ته بهتر آهي. پهرين قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، هڪ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي وڏي غلطي هئي. هاڻ عمران خان پاڻ به ميدان ۾ لهي پيو آهي. بقول پي ٽي آءِ چيئرمين جي ته اهم اداري ۾ ڪنهن به صورت ۾ ايڪسٽينشن جو رواج نه هجڻ گهرجي. ان کان اڳ اهم اداري جي ٻن عملدارن جيڪا تاريخي پريس ڪانفرنس ڪئي، ان ۾ واضح طور چيو ته جنرل باجوا کي تاحيات آرمي چيف ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي. اهي ڳالهيون هاڻ اوپن سيڪريٽ آهن. ان جي باوجود عمران خان رڳو مردا اکيڙي رهيو آهي،جنهن مان کيس ڪوبه فائدو ٿيڻو ناهي. هاڻ جيڪڏهن غلطين جو اعتراف ڪرڻو آهي ته انهن جو ازالو ڪرڻ يا متبادل رستو به ٻڌائڻ کپي پر ائين ٿي نه رهيو آهي. ان ڪري عمران خان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو ڪرڻ ڇا ٿو گهري.
عمران خان لاءِ بهتر رستو هي آهي ته جيستائين عام چونڊن جو اعلان نٿو ٿئي تيستائين هو خاموشيءَ سان چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي تياري ڪري ته جيئن گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهي. هن کي اهي سمورا حلقا،جتي سافٽ ڪارنر ختم ٿي ويو آهي، سفارتي ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته جيئن معاملا سنئين رستي تي اچي سگهن. ان سان گڏ انهن اليڪٽيبلز جي جاءِ تي پنهنجا نمائندا مقرر ڪرڻ گهرجن، اليڪٽيبلز کيس ڇڏي ويندا. جيڪڏهن هو مستقبل جي حڪمت عملي نه جوڙيندو ته مستقبل جو حڪمران ڪيئن ٿيندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button