پاڪستانسنڌ

ايلچي ٻيلي مان 50 لک جو وڍيل ڪاٺ هٿ، 15 ماڻهن تي ڪيس داخل

عثمان شاھه ھڙي: ايلچي ٻيلي مان قيمتي وڻن جي واڍي جاري رهي. ٻيلي کاتي جي عملي 50 لک کان وڌيڪ ماليت جو ڪاٺ ھٿ ڪري 15 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. خبر موجب جهنڊو مري تعلقي جي يوسي هڱوراڻي ۾ ٻيلي کاتي جي 333 ايڪڙن جي آبادي مان 50 کان 60 ايڪڙن تي 6 سال اڳ ماحول دوست ٻٻرن جا وڻ پوکيا ويا هئا، جن وڻن جي مسلسل ٻن مهينن کان واڍي جاري هئي ۽ لکين رپين جو ڪاٺ پڻ واڍي بعد وڪرو ٿي چڪو آھي. ميڊيا تي مسلسل خبرون نشر ٿيڻ بعد ٻيلو کاتو حرڪت ۾ اچي ويو. ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او پاران نوٽيس بعد فاريسٽ گارڊ محسن علي شاھه جي فرياد تي عمر ساند ٿاڻي تي وڻن جي واڍي ۽ وڪري ۾ ملوث 15 کان وڌيڪ ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ مهڪاڻي برادري سان تعلق رکندڙ ممتاز، عبدالله، الطاف، شريف، پيرل، جاويد، وسيم، امير بخش مهڪاڻي، فياض مري، اياز ميرجت ۽ ولهار مهڪاڻي سميت ٻيا شامل آهن. ان سلسلي ۾ ٻيلي کاتي جي عملي جبار ميرجت ۽ محسن شاھه جو چوڻ آھي ته ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او ثنا بليدي جي هدايتن تي عمرساند ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي، برساتن جي ڪري ٻيلي جي زمين پاڻي هيٺ هئي، جنهن جو فائدو وٺندي مقامي ماڻھن لکين رپين جي ڪاٺ جي واڍي ڪئي، جلد ئي پوليس جي مدد سان ملوث ماڻھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو. ٻيلي کاتي جو 50 لک کان وڌيڪ ماليت جو ڪٽيل ڪاٺ ھٿ ڪيو آھي. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کي گهرجي ته ايلچي ٻيلي جي حفاظت لا پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button