
آمريڪا جي 42 ورهين جي ويمن ٽينس اسٽار وينس وليمز عالمي مقابلن ۾ واپسي ڪري ڇڏي آهي، جيڪا آسٽريلين اوپن ٽورنامينٽ ۾ کيڏندي نظر ايندي. ميڊيا مطابق وينس وليمز کي آسٽريلين اوپن ۾ شرڪت جي ڏس ۾ وائلڊ ڪارڊ مليو آهي. وينس وليمز جو چوڻ هو تھ مون کي خوشي آهي تھ آسٽريلين اوپن ۾ ٻيهر کيڏان پئي، جيڪو منهنجي حوالي سان وڏو اعزاز آهي. هن چيو تھ آسٽريليا ۾ هن ايونٽ دوران سدائين مون کي حمايت ملي آهي.