
بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 227 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڍاڪا ۾ پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن تي بنگلاديش جي بيٽرن مان مومن الحق 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آهي. جڏهن تھ مشفيق الرحيم 26، لٽن داس 25، نجم الحسن شنٽو 24 رنسن سان نمايان رهيا. ڀارتي بالرن مان اميش يادوو ۽ رويچندرن ايشون 4،4 وڪيٽون ورتيون آهن. ڀارتي ٽيم جواب ۾ پهرين اننگز دوران بنا نقصان جي 19 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.