رانديون

پي سي بي جو 2014ع وارو آئين بحال، 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جو نظام ختم

وفاقي حڪومت پي سي بي جو 2014ع وارو آئين بحال ڪرڻ سان گڏ 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز وارو نظام ختم ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي موڪليل سمري جي منظوري وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏني آهي ۽ ان سان 2019ع جو آئين معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي جڳهه تي پراڻو آئين بحال ڪيو ويو آهي. سمري موجب بورڊ جا معاملا هلائڻ جي ڏس ۾ جوڙيل مينيجمينٽ ڪاميٽي 2014ع جي آئين تحت ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ کي بحال ڪندي. جڏهن تھ بورڊ جي سي اي او وارو عهدو بھ ختم ڪيو ويو آهي ۽ نئين مينيجمينٽ ڪاميٽي کي بورڊ جا معاملا هلائڻ جي اجازت ملي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي موڪليل سمري وفاقي ڪاميبا سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button