رانديون

نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪراچي پهچي وئي، اجرڪن جي تحفن سان آجيان

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهچي وئي آهي، جتي سندن آجيان اجرڪ پاران ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪپتان ڪين وليمسن جي اڳواڻي ۾ ٽيم آڪلينڊ کان دبئي رستي 17 ڪلاڪن جو ڊگهو سگر ڪرڻ بعد ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتي، جنهن بعد کين سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل بھ منتقل ڪيو ويو آهي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم ايئرپورٽ مان ٻاهر ايندي

هوڏانهن ڪراچي پهچڻ تي پي سي بي ۽ مقامي اختيارين آجيان ڪندي مهمان رانديگرن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ اوڍايو. ياد رهي تھ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ 26 ڊسمبر تي پهرين ٽيسٽ کيڏي ويندي. جڏهن تھ ڪراچي ٽيسٽ جي ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ٿي ويو، جن ۾ عليم ڊار، راشد رياض ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button