اسلام آبادپاڪستان

عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ عمران خان کي پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد جي مقامي عدالت اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 18 جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سينيئر سول جج راڻا مجاهد رحيم اڳوڻي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اسلام آباد پوليس ڪيس جو چالان لاڳاپيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ان ڪيس ۾ عدالت عمران خان جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري چڪي آهي. ياد رهي ته عمران خان اسلام آباد ۾ جلسي دوران عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کيس توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو پر عمران خان طرفان عورت جج جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ سندس غيرحاضري ۾ کائنس معافي وٺڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف توهينِ عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button